چوڙيو مندر (جبل) ۽  اجنبي اپسرا

استاد نظاماڻي

جيپ جي ڊرائيور بريڪ هنئي، اسان جيپ مان هيٺ لهي آس پاس جو منظر اکين ۾ محفوظ ڪرڻ لڳاسين.
منهنجي سامهون چوڙيو جبل روپلي ڪولهي جيئان ڳاٽ کنيو بيٺو هو، ان جي پيشاني تي  درگا ماتا جو مندر پنهنجي نئين تعميرات سان موجود ڪنهن جهومر جيئان ٿي لڳو، جتي پري کان آيل ديوداس جون پاروتيون شردا جا گُل هٿن ۾ کنيو ماتا جي مندر جون چاڙهيون چڙهي رهيون هيون. هن دنيا جو هر نوجوان ماڻهو پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن پارو جو ديوداس سمجهندو آهي، هو پاڻ هيرو آهي، باقي دنيا جا ڪردار ڄڻ هن جي لاءِ ئي بڻايا ويا آهن. هر ماڻهو جي من ۾ هڪ وسيع ڪائنات آهي. جنهن جي اندر هو ڊوڙندو سفر ڪندو رهي ٿو.

آسمان تي ڪڪر ڇانئيل هئڻ باوجود آگم واري رُت هئي، جنهن ڪري پيشاني تي پگهر جي ٿڌاڻ هئي. اسان مٿي چڙهياسون ته مندر ڀرسان ٺهيل عمارت ۾ ڀنڊارو پئي هليو، هتي خوشحال ماڻهو مندر لاءِ ڪجهه نه ڪجهه دان ڪري ويندا آهن جنهن ڪري آيل پوڄارين لاءِ ڀنڊارو پيو هلندو آهي، پر هتي پوڄاري گهٽ گهمندڙ مون جهڙا شوقين وڌيڪ ايندا آهن، جنهن جو سبب جبل جي سامهون وسيع رڻ جو  نظارو آهي، سامهون هندستان بارڊر فورس وارن جون چونڪيون، ۽ چوڙيو جبل جي ٻنهي پاسي خاردار تار لڳل سرحد نظر اچي ٿي.  جتي چويھ ڪلاڪ هٿياربند سپاهي پهرو ڏيندا رهن ٿا،  اتفاق سان  ڪو پاڳل ماڻهو ڀٽڪي هليو به ويو ته گولي جو کاڄ بڻجي ويندو، ڪجه مهينا اڳ هڪ ڪولهي جو بارڊر ويجهو گولي لڳل لاش مليو هو، جنهن جو ذهني توازن ٺيڪ نه هو، تنهن هوندي به ڀارتي پهريدارن جي گولي جو نشانو بڻجي ويو، اهڙي ئي هڪ مسئلي تي رامچند پاڪستاني فلم به ٺهي آهي.

مان مندر جي مٿانهين حصي تي بيهي ڳوٺ چوڙيو جو نظارو ڪرڻ لڳس، ساوڪ وچ ۾ ڪيترائي گهر سهڻا پئي لڳا، هرطرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي. انهي ساوڪ جي وچ ۾ چوڙئي جو ڳوٺ؛ جنهن جا قصا، ڳالهيون ڪتابن ۽ سگهڙن جي سينن ۾ بند پيل آهن، ڪو شل پڙهڻ  وارو هجي. انهن ڪتابن ۾ ننگرپاڪر جي هن تاريخي ڳوٺ متعلق لکيل آهي ته
“آڳاٽي دور ۾ هتي عاج جي چوڙن جا ڪارخانا هئا، جنهنڪري هن ڳوٺ تي اهو نالو پيو. هن ڳوٺ واري جبل جي چوٽيءَ تي درگا ماتا جو هڪ آڳاٽو مندر به آهي، جتي ساليانو وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ياتري اچي حاضري ڀريندا آهن”

فقير شفيع محمد لغاري ۽ مان مندر جي چاڙهين وٽ ويهي رهياسين، چاڙهين جي چڙهائي فقير شفيع محمد کي سهڪائي ڇڏيو هو. جبل جي چاڙهين تي شينهن  ٺهيل هئا، جن ٿري ٻارن ڪڏهن به حقيقي شينهن نه ڏٺو هو انهن لاءِ اها عجب مخلوق هئي، جيڪي  ٻارن لاءِ دلچسپي جو سبب بڻيل هئا. چاڙهين کان هيٺ ڪجهه عارضي شين جا اسٽال لڳل هئا، جتي سياحن جي ضرورت لاءِ ڪجهه شيون موجود هيون.

اسان مندر تي ڪجهہ تصويرون ڪڍڻ ٿي چاهيون ته هڪ سپاهي اسان طرف وڌي آيو،  مندر جي ڊيوٽي تي موجود  سپاهي رڻ طرف، تصويرون ڪڍڻ کان منع ڪري رهيو هو. مون ڏٺو ته  درگا ماتا جو مندر اڳي کان وڌيڪ ترقي ڪري ويو آهي،   مندر اندر  ٻاوو مورتي ڀرسان پنهنجي اڳيان چادر وڇايو ويٺو هو، جتي ايندڙ ماڻهن ڪجهه پئسا رکي رهيا هئا. مندر جي  چاڙهين تي ڪجهه مقامي عورتون به  هيون، ٻانهن ۾ عاج جا چوڙا مقامي ويس، سندن چهرو ائين ڍڪيل هو، ڄڻ مقدس گيتا ڪپڙي ۾ ويڙهيل هجي،  مان مندر جي فرش تي ڪجهہ لمحن لاءِ ويهي رهيس، ڪيئي آيا ويا پئي، اڪثريت مسلمانن جي هئي، جيڪي صرف نظارن کي ڏسندا ڦوٽا ڪڍندا ٿي رهيا، مندر ۾ لڳل گهنڊ کي ڪجهہ ايندڙن وڄايو ٿي ته جبل ۾ گونج ٿي پيدا ٿي. مندر اندر وڏي پٿر مٿان جتي ڇت ٺهيل هُئي پاريهرن (جهنگلي ڪبوترن) جي جوڙي به ويٺل هئي، اهو سندن آکيرو هو.
منهنجي سامهون  هڪ پدمڻي پنهنجي من جي ڀاونائن جي تڪميل لاءِ پوڄا ۾ گُم هئي، ڪجهہ دير بعد اُٿي مندر جو جائزو وٺڻ لڳي، جبل جا پٿر ان جي لاءِ ڪجهہ عجب جهڙا پئي لڳا، هوءَ ڪپڙن ۽  ڪيفيت مان مقامي نه پئي لڳي.  هن جي نظر مون تي پئي ته نظرن مان محسوس ٿيو ته ڪجهہ پُڇڻ چاهي ٿي، پر وري ٻي طرف منهن ڪري مٿي ويٺل ڪبوترن جي جوڙي کي ڏسڻ لڳي.
مون کيس ٿورو تعجب ۾ ڏسي  سوال ڪيو،
“اوهان  ڪهڙي شهر مان آيا آهيو؟”
هن مختصر جواب ڏنو، “ ڪوٽڙي”
هوءَ منهنجي سوال تي مون کي ٿورو ايئن عجب مان ڏسڻ لڳي،  جيئن گفا ۾ ٺهيل مندر کي ڏسي رهي هئي.
منهنجي نظر سندس هٿن ڏانهن وئي، جتي ميندي لڳل هٿن ۾ خوبصورت سنهري ڪلر جو موبائل فون ڄڻ انهن هٿن لاءِ  ئي ٺهيو هو.
مان مندر جا ڦوٽو ڪڍڻ لڳس، ڦوٽو گرافي ۾ مصروف ڏسي، سنهري فون مون ڏانهن وڌائيندي چيائين. “پليز منهنجو ڦوٽو ڪڍجو”
مون فون وٺي سندس ڦوٽو ڪڍيو، “توهان سان گڏ ڪير آهي؟” کيس فون واپس ڪندي پُڇيم.
“منهنجي فيملي جا ڪجهہ فرد آهن، جيڪي هيٺ  هال ۾  ويٺا آهن”
هوءَ ڪيڏي نه پُراعتماد ڇوڪري هئي، هي سمورو ماحول ڄڻ هن جي لاءِ اجنبي نه هو، هن جي ڳالهائڻ ۾ معصوميت سان گڏ لفظن ۾ پاٻوه هو، سندس نظرون  نوڙت، نمرتا جو نمونو هيون، مون سندس نالو پڇيو، پر لفظ اندر مان ڪون نڪتا، ان ڪري هن صرف ڪجهہ لمحن لاءِ مون ڏانهن ڏٺو، سندس چپن مان لفظ نڪرندي مندر جي هن گفا ۾ گم ٿي ويا. هوءَ چاڙهين کان هيٺ لهي وئي ۽ مان پنهنجي دوست شفيع محمد لغاري سان گڏ چاڙهين تي ويهي رهيس، جواني کن پل جو جهوٽو آهي…. اهو احساس تڏهن ٿيو جڏهن هڪ جهوني عورت پنهنجي هڪ نوجوان ڌيءَ جي سهاري چاڙهيون چڙهندي ڪجهہ پلن لاءِ ويهي رهي، وڌيڪ همت نه پئي ٿيس، تہ باقي ڏاڪا مٿي چڙهي، ان ڪري هن سهڪندي اشاري ۾ ٻارن کي چيو، بس توهان وڃو…

مان سامهون پکڙيل وسيع رڻ ۽ رُڃ جي ڪوهيڙي ۾ گُم ٿي ويس، رڻ ۾ اڀرندڙ هوائن جو شور منهنجي ڪنن اندر داخل پئي ٿيو، منهنجو وجود به واچولن سان ڦرندو ميدانن ۾ گم ٿي ويو، مٿان آڪاش ۾ سرڻن جا لامارا منهنجي وجود کي جهٽڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

ويھ سال اڳ مان ايئن چاڙهين تي ويٺو هُيس، سامهون سج رڻ ۾ لهي رهيو هو، سفيد رڻ تي لهندڙ سج جي پيلاڻ ڄڻ سنهري لاوي ۾ بدلجي وئي هئي، مغرب طرف بيٺل بادلن مان انڊلٺ جا رنگ ڄڻ ڪنهن رنگ برنگي تلوار جيئان ٿي لڳا. پکين جون قطارون هن پار پرواز ڪنديون ڪوٽيشور جي مندر ڏانهن پئي اُڏاڻيون. رڻ ۽ ڪڇ جي تاريخ، ننگر جي جوڌن جوانن جي للڪار ڄڻ رڻ مان رڙ جيئان منهنجي ڪنن ۾ پئي گونجي.
روپلو ڪولهي، جنهن جي هٿ ترين تي ڏيئا جلايا ويا تڏهن به ان آڻ نه مڃي، چارڻن جي مزاحمتي شاعري جو شعر آهي،
جوت اگول، جلاوا هويا، ڌن ڌن ڇڏي نه دير،
رنگ اڌڪا ڏون روپلا، سوامي ڌرم سڌير،
(روپلي جي هٿ ترين، آڱرين، کي ڏيئن جيئان جلايو ويو، پر هن هڪ گهڙي به صبر جو دامن نه ڇڏيو، جس آهي، اي سوروير روپلا! ڌرم عشق جي اصول کي سنڀالي امر ٿي وئين.
ان کانسواءِ راڻو ڪرڻ جي جنهن کي بغاوت جي ڪيس ۾ پڻ تروٽ ڪاري پاڻي جي سزا ڏياري انڊيمان موڪلي ڇڏيو، مورخ ڪيڏو به جانبدار بڻجي اهڙن ڪردارن کي نظر انداز ڪري ، پر اهڙا وير بهادر عوام جي دلين ۾ زنده رهندا آهن، جن تي وقت جا سگهڙ انهن کي منظوم ڀيٽا ڏيندا آهن.

“شايد توهان ٿڪجي پيا آهيو؟”  هڪ اجنبي آواز  ڇرڪائي وڌو هو، مون کيس ڪجهہ لمحن لاءِ ڏٺو…. پر ڏسندو ئي رهجي ويس……..!!
“توهان مونسان ڳالهايو؟”
هن هلڪو ٽهڪ ڏنو، هن جي ٽهڪ ۾ ڄڻ پايل جي جهنڪار هئي.
مان توهان کي ڪافي وقت کان ڏسان پئي، توهان هتي هر منظر کي وڏي دلچسپي سان ڏسو ٿا، ڦوٽو ڪڍو ٿا، ڪنهن مهل ڪاغذ تي نوٽ به وٺو ٿا، ان ڪري سوچيم ڇو نه توهان سان ڳالهائجي”
منهنجي ٿڪاوٽ جا پوپٽ اُڏامي ويا.
“منهنجو نالو………….. مان هتي اين جي او ۾ ڪم ڪيان ٿي”
مون هن کي ٻيهر غور سان ڏٺو، هن جي چھري تي ڪا به معصوميت نه هئي، سندس چهري تي هلڪو ميڪ اپ هو، هلڪي نيري وڳي ۾  هڪ سڌي سادي عورت ٿي لڳي، هوءَ اُٿي مندر جي مورتيءَ وٽ وئي، پوءِ هيٺ لهي نظرن کان اوجهل ٿي وئي.  مان چاڙهين  مندر  واري پاسي کان هٽي ڪري مٿانهين  پٿر تي ويهي سامهون رڻ جو نظارو ڪرڻ لڳس، جتي سج لهي رهيو هو، خاردار تارن مٿان لڳل سرحد جون روشنيون اڀري پيون هيون، ڪجهه لمحن بعد هُو ٻن ڊسپوزل ڪوپن ۾ چانھ کڻي آئي هئي، هڪڙو ڪوپ منهنجي حوالي ڪري، پاسي ۾ ويهي پاڻ به چانھ پيئڻ لڳي.
“هيءَ چانھ ڪٿان آئي؟”
مون کي جواب ڏيڻ بدران چانھ جون چسڪيون ڀرڻ لڳي، سندس سر تان پوتي جو پاند سرڪي ڪلهن تي اچي پيو هو،  هوا ۾ هلڪا ڀورا وار لهرائڻ لڳس. منهنجو سوال شايد هن ڪون ٻڌو…. يا ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو.

هن اجنبي اپسرا منهنجي من جي ڪيترن سُرن کي ڇيڙي ڇڏيو هو،  منهنجي دل جي ڌڙڪن ڪجهہ وڌي وئي هئي، ڪڏهن عورتون مردن کان ڊڄنديون آهن، پر هت معاملو اُلٽ پئي لڳو، سوچيم پئي دل جي ڌڙڪن ڇو تيز ٿي وئي آهي؟ هن مون ڏانهن ڏٺو ۾ هلڪي مرڪ سان پڇيائين،
“ڇا ٿيو؟ اپ سيٽ پيا لڳو! ڪڏهن ڪنهن عورت سان ڪچهري ڪون ڪئي اٿئو ڇا؟ يا ان حيرت ۾ آهيو ته مان……………”
هن ڳالھ پوري نه ڪئي، رڻ ڏانهن ڏسڻ لڳي، جبل هيٺ ڪجهہ ساوا کيت هئا، جتي عورتن جو ٽولو واپسيءَ ڏانهن موٽيو پئي، ٻن عورتن جي مٿي تي ڪاٺين جي ڀروٽڙي نه هئي، ڄڻ سورن جو سامان هو جيڪي هو روز پنهنجي سر تي کنيو زندگي گهاري رهيون هيون، اهوئي سندن زندگي جو پُرلطف معمول هو.
“مان پنهنجي ٽيم سان گڏ آهيان، اسان جا ٻيا ساٿي هتي ڪجهہ ڪم پيا ڪن، توهان جي هيٺ ويٺل هم سفر دوست توهان جو ذڪر اسان جي ساٿين سان ڪيو، سوچيم ڇو نه توهان سان حال احوال ڪيان.”
هي اُهو زمانو هو، ٿر ۾ اين جي اوز پنهنجا ڄار پکيڙي رهيون هيون، ٿر اڃان شهرن سان گهڻو ڳنڍيل نه هو.
منهنجي پيرن مان ڄڻ ڏاوڻ نڪري ويا، مون پنهنجو مختصر تعارف ۽ حال احوال ڪيو. ٿر جي تاريخ ، ماڳ مڪانن ۽  ڳوٺن جو ذڪر وڏي چاهت سان ڪيو.
“تمام ڀلي ڳالھ، مان پاڻ ، سنڌ ۽ ڪڇ جي لاڳاپن تي ڄاڻڻ چاهيان ٿي، ان موضوع تي لکڻ جو پڻ ارادو آهي.”
مون ان ڳالھ تي کيس داد ڀري نظرن سان ڏٺو، سندس لکڻ جي جذبي کي ساراهيو هو.  هن شڪريو ادا ڪيو.
مون اولھ طرف اشارو ڪري چيو،
“اسان جي اولھ طرف بدين جي ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ کان هي رڻ شروع ٿئي ٿو، جنهن جي سامهو رڻ جي هن پار لکپت جي قلعي جا آثار به آهن، اوڀر طرف راجستان جي ٻاکاسر تائين گجرات جو صوبو لڳي ٿو، ڪڇ جي ماڻهن جا رسم رواج، گيت سنگيت اسان سان ملن ٿا. ان سلسلي ۾ سومار علي شيخ جو ڪتاب رڻ ڪڇ اوهان کي گهڻي ڄاڻ ڏيئي سگهي ٿو.”
هن چانھ جو ڪوپ خالي ڪري سامهون بارڊر جي روشنين ڏانهن ڏسندي چيو،
”ڪاش اسان اُن طرف وڃي اُتي جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪري سگهون!”
“شرط جيڪڏهن پاڻ پکي بڻجي وڃون، ڇاڪاڻ ته پکين کي ڪا سرحد روڪي نه ٿي سگهي، جيئن هتي هي مندر آهي، هُن پار لکپت ڀرسان حاجي پير جي درگاھ آهي، جتي ڪيئي مسلمان توڙي هندو اچن ٿا، انهي درگاھ جي نگراني به مقامي ڪولهي، جين ڌرم وارا ۽ مسلمان ڪن ٿا. رڻ جي هن پار ڪاري ڏونگر تي هڪ مسلمان بزرگ جي مزار پڻ آهي، جتي به ڪيئي ويچارا آسون کڻي اُميدن جا ديپ ٻاري وڃن ٿا، ماڻهن ويچارن ڪيئي اُميدن جا مندر آباد ڪيا آهن پر .. آس اُميدن جي وچ ۾ ڦاٿل هي انسان ايستائين پُرسڪون نه ٿو بڻجي سگهي، جيستائين سندس اندر مان جنگ نفرت جو ڀوت نه ٿو نڪري؛ هي ڏس سامهون ڪيئي هٿيار بند چويھ ڪلاڪ پهريدار بيٺا آهن ڪو پاڳل ڀٽڪي به انهن جي ويجهو ٿو وڃي ته گولي جو کاڄ بڻجي وڃي ٿو…… (ڪجهه پل خاموشي)
جان ايف ڪينڊي ڪيڏي نه خوبصورت ڳالھ ڪئي آهي، جنگ جي ميدان مورچن تي ۽ جنگي قبرستان جي قبرن تي ڪنهن جو نالو ۽ ذات پات لکيل ڪانهي هوندي. (مون ڳالھ جار ي رکندي چيو) ڪو دور هو اهو ساڳيو لکپت جو بندر هو جنهن تان  گرونانڪ  ڪعبته الله جي زيارت لاءِ   ويو هو،  سنڌ جو عالم ڪامل ولي حضرت محمد راشد روضي ڌڻي رح مڏئي جي بندرگاه تي حج جي پانڌيئڙن  کي اکين سان ڏٺو هئائين.”
هن مونڏانهن ڏسي پڇيو،  “رڻ ڪڇ تي سنڌ جي ڪهڙي محقق ڪم ڪيو آهي؟”
“سومار علي شيخ جو انهي موضوع تي مڪمل ڪتاب آهي، جنهن ۾ هو  لکي ٿو ته
‘ڪڇ جا ماڻهو بهترين پاڻي جا جهاز ٺاهيندڙ هئا، ڪڇ جا ماڻهو پنهنجي دور ۾ وڏا جهاز ساز رهيا آهن، ويجهڙائي جي زماني 1762ع ۾ جيڪو پهريون جهاز ننڍي کنڊ مان انگلينڊ پُهتو، سو ڪڇ جي ڪڇين ٻاهرين مدد کانسواءِ پاڻ جوڙيو هو. نائين صدي عيسوي ۾ سنڌ جي جاڙيجن سمن ڪڇ کي والاريو، سندن حڪومت 1947ع تائين ڪڇ تي قائم رهي. ڪڇ جي تاريخ تي حقيقت ۾ سنڌ ڇانئيل رهي آهي. ڪڇ کي آباد سنڌين ڪيو. ڪڇ ۾ اڄ به 95 سيڪڙو سنڌي رهن ٿا، جن جو پراڻو ثقافتي ۽ سياسي ناتو سنڌ سان آهي”
مون ڳالھ پوري ڪري هُن ڏانهن ڏٺو،
رڻ جي ڪنڌيءَ تي  موجود پهاڙ تي ويٺل ٻه اجنبي هوندي به اجنبي ڪون پئي لڳاسين،   سرحدن جي واچ ٽاورن جي هلڪي روشني ۾ سندس چهرو وڌيڪ خوبصورت پئي لڳو، پر هوءَ پنهنجي خوبصورتيءَ کان بي خبر پنهنجي دنيا ۾ گُم هئي..
گُم سم ڏسي کيس چيم، “ٿر جي عورتن جي بهتريءَ لاءِ اوهان ڇا ڪيو آهي؟”
“ايئن سمجهو ته اسان اڃان ڪجهہ به نه ڪري سگهيا آهيون،! ڪجهہ تعليم جي آگاهي، ڪجهہ اسڪول، ڪجهہ ٿر جي ڇوڪرين کي  نوڪرين ۾  به کنيو آهي،   بس…. اڄ به ڪيئي نوجوان عورتون ويچاريون کوهن ۾ پنهنجي پاڻ کي اُڇلي زندگيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏين ٿيون.. ڪيئي ڪهاڻيون آهن، جن سان اسان جون اخبارون توڙي نيوز ليٽر ڀريا پيا آهن..  هتي اڄ به روايتن جي چڪيءَ ۾ ڦاٿل عورت پنهنجي ڌرمي توڙي سماجي پابندين جي بهاني پيسجي پئي، مرد کان وڌ هتي جي عورت ويچاري پورهيو ڪري ٿي”
سندس ڳالهين مان مقامي عورتن جي دردن جا سور جاڳي پيس. مون ڳالھ مٽائيندي کيس چيو،
“ڪاش توهان جيتري آزادي هر ٿر جي عورت وٽ هُجي….!!”
هن وڏو ٽهڪ ڏنو،  مان ڪجهہ پل خاموش ٿي ويس.
هُوءَ بلڪل منهنجي ڀرسان اچي بيٺي "عورت کي ڇڏيو، توهان مرد ڪيترا آزاد آهيو؟ پنهنجي نياڻين، پنهنجي عورتن کي ڪيترو حق ٿا ڏيو، مون سنڌ جي اڪثر ڳوٺن جو مشاهدو ڪيو آهي، عورت ڪهڙي نموني ڀوڳي پئي ان جي توکي به خبر آهي”
مونکي سندس روايتي جملي متاثر ڪون ڪيو جيترو هن جي بي باڪي ۽ اعتماد ڪيو، هن وڌيڪ چيو،
“مون وٽ ٻڌائڻ لاءِ ايترو وقت ناهي، منهنجي اباڻي ٻولي پنجابي  آهي، تنهن هوندي به مون ڪڏهن به پنهنجي پاڻ کي هن ڌرتيءَ تي اوپرو نه  سمجهيو آهي سنڌ سان مونکي ايترو ئي عشق آهي جيترو مارئي کي پنهنجي ملير سان هو”
هُوءَ واپس وڃڻ لڳي، جبل تان لهندي پوئتي هڪ دفعو ڏسي چيائين، ننگر اچو ته اسان جي آفس ۾ اچي منهنجي چانھ ضرور پيئجو…..”

مان سامهون رڻ کي ڏسڻ لڳس، جتي ڄڻ سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو هو، ڪڏهن ڪڏهن مان سوچندو آهيان، مان شري پاراسر جو رُوح آهيان، جنهن پنهنجي صدين جي بندگي مڇندرا جي حُسن مٿان قربان ڪر ڇڏي،
رامائڻ ۾ تلسيداس لکيو آهي ته “نوجوان عورت شعلي جي لاٽ  مثل آهي، اي آتما! تون انهي جو پروانو بڻج”
مان جبل تي جيئن ويٺو هُيس، ويٺل ئي رهيس، سانجهہ پنهنجا پر جبل مٿان پکيڙي چُڪي هئي، مٿيان ڊوڙندڙ بادلن جي ٽڪرن مان ڪنهن مهل مينهن ڪڻيون وسي ٿي پيون، اُتر طرف وڄ چمڪاٽ پئي ڪيا، مان به واپس قدمن سان وريس، وڄ جي چمڪن کي ڏسي ٿر جي لوڪ شاعريءَ مان هي سٽون ذهن تي تري آيون.
“نالا نديان سون مڙي، نديان سرور جاءِ
بڇڙي سون بڇري مڙي، ايسي سهي نه جاءِ”
(ننڍا ننڍا وهڪرا نئين سان ملي رهيا آهن، ۽ نئيون ڍنڍن ۽ سمنڊن طرف روان دوان آهن، ڏسو ته، وڇڙيلن سان وڇڙيل ڪيئن ملي رهيا آهن. اي محبوب منهنجا تو بن مون کان هي مينهوڳيءَ جا نظارا سٺا نه ٿا ٿين.)

پُراڻين يادن مان ٻاهر نڪري آيس، فقير شفيع محمد چيو، يار هلڻ جي ڪجي..
بلڪل هلجي!
اسان چاڙهين کان هيٺ لهي آياسين، اُهائي  ڪوٽڙي جي ڇوڪري، جنهن مندر ۾ ڦوٽو پئي ڪڍيا، پنهنجي پريوار سان گڏ اڃان اُتي موجود هئي. مون تي نظر پيس ته ڪجهه لمحن لاءِ متوجهہ ٿي. خبر ناهي ڇو ڪوٽڙي جي هن ڇوڪري کي ڏسي پراڻيون يادون ذهن تي تري آيون هيون، سفر ۾ ڪيئي ماڻهو ملندا آهن،  ڪجهہ گهڙين لاءِ دوست بڻجي ويندا آهن، هڪ ٻئي کي ڪارڊ، فون نمبر به ڏبا آهن پر جيئن سفر ختم ٿئي ٿو، تہ نه اُهي ڪارڊ محفوظ رهندا آهن نه ئي دوست ياد رهندا آهن،  بس يادن جا ڇانورا ڪڏهن ڪڏهن دل تي تري ايندا آهن…..

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close