در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط- 16

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

4- لنڊن

ملڪ کان ٻاھر وڃڻ جو پھريون تجربو، جھاز جو پھريون سفر، گهر وارن کان پري، انھن سڀني ڳالھين مون کي اعصابي طور ڪمزور ڪيو ھو. لنڊن ۾ منھنجو ڪو بہ سڃاڻو نہ ھو، پر حامد جا سالا اتي ھئا. جڏھن اسان لنڊن پھتاسين تہ ھو پنھنجي ھڪ دوست سان گڏ اسان کي ايئرپورٽ تان وٺڻ آيو ھو. اھو آڪٽوبر 1970 ھو. مون ان خيال کان سوئيٽر پاتو هو تہ سخت سردي ھوندي، پر جڏھن ايئرپورٽ تي پھتاسين تہ سخت گرمي ھئي. شام ٿي چڪي هئي، اسان کي ماني کارائڻ لاءِ هڪ پاڪستاني ھوٽل تي وٺي ويو. ھن کي لنڊن ۾ رھندي ان ڳالھ جو احساس نہ ھو تہ اسان کي انگريزي ماني کارائي جيئن اھو اسان لاءِ نئون ٽيسٽ ھجي ھا. ھن سان ٻيو ھمراھ ڊاڪٽر ھو. جڏھن اسان ماني کائڻ شروع ڪئي تہ ھو ماني ڇري ۽ ڪانٽي سان کائڻ لڳو، منھنجو اھو پھريون تجربو ھو. پوءِ سوچيم ھي مغرب آھي، ھتي جون پنھنجون روايتون آھن، ٿي سگهي ٿو تہ ھي بہ ھڪ روايت ھجي.

ماني کائڻ کانپوءِ اھو فيصلو ٿيو تہ اسان کي ھاسٽل تي ڇڏيو وڃي. حامد کي ڪناٽ ھاسٽل تي ڪمري مليو ھو، جڏھن تہ مون کي ميري ڪوئين ڪاليج جي ھاسٽل ۾ ڪمرو مليو ھو. ان ڪري مون حامد جي ھاسٽل ۾ رات گذارڻ جو فيصلو ڪيو. ڇو تہ ان وقت تائين ڪافي شاگرد اڃا نہ آيا هئا ۽ مون کي ھڪ رات لاءِ ڪمرو ملي ويو. ٻئي ڏينھن آئون حامد جي ھڪ مائٽ سان پنھنجي ھاسٽل تي ھليو ويس، اھو سفر اسان انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ ڪيو، اھو منھنجي لاءِ نئون تجربو ھو.

جڏھن توھان کي ڪنھن شيءِ جي ڄاڻ نہ ھجي، ٻيو ڪو توھان جي رھنمائي ڪري، تڏھن توھان کي رھنمائي ڪرڻ واري جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. علم ڪھڙو بہ ھجي ھميشہ پنھنجي برتري قائم رکندو آھي، سکڻ وارو عمل مشڪل ھوندو آھي. اولھ ۽ اوڀر جي دنيا ۾ وڏو فرق آھي، جڏھن نئون ماڻھو ويندو آهي تڏھن ان کي پنھنجون عادتون ۽ حرڪتون تبديل ڪرڻيون پونديون آهن. تبديلي جو اھو عمل تيز ھوندو آھي. جڏھن بہ وڃو اتي جي پنھنجي دنيا آھي ۽ ھر دفعي تبديلي نظر ايندي آهي.

بھرحال جڏھن سائوٿ ووڊ فورڊ جي اسٽيشن آئي تہ آئون لٿس. ھي ننڍي اسٽيشن ھئي ۽ ريل زير زمين کان ٻاھر آئي ھئي. جڏھن اسان اسٽيشن کان ٻاھر آياسين تہ ھڪ ھمراھ اردو ھندي ۾ اچي پڇيو تہ توھان ڪيڏانهن ويندؤ ؟ پوءِ پنھنجي تعارف ڪرائيندي چيائين آئون لاھور جو سک آھيان، سامھون منھنجو درزڪو دڪان آھي، ڪپڙا سبندو آھيان. ڪجهہ ڏکويل لڳي رھيو ھو، چوڻ لڳو ھتي ڇا رکيو آهي، بس زندگي پئي گذري. سندس ڳالھيون ٻڌي مايوسي وڪوڙي وئي سوچيم اڃا ھڪ ئي رات گذاري آھي، اڳتي گذارو ڪيئن ٿيندو؟

لاھور جي ان سک سان اھا پھرين ملاقات ھئي، ان کان پوءِ ان علائقي ۾ ايندي ويندي ملاقات ٿيندي رھندي ھئي، آئون سندس دڪان تي ويندو رھندو ھئس. ٿرماس مان چانھ جو ڪوپ ڀري ڏيندو ھو ۽ پوءِ ھونديون ھيون ھندستان جون ڳالهيون، ڪافي عرصي کان لنڊن ۾ رھيل ھو پر خوش نہ ھو، گراھڪ جڏھن ڪپڙا کڻي ايندو هو تہ ان کي پرچي اردو ۾ لکي ڏيندو هو، چوندو هو اسڪول ۾ اردو ئي پڙھي ھئي ان ڪري لکندو ئي اردو ۾ آھيان. ھاسٽل اسٽيشن جي ويجهو ھو، ان ڪري سوٽ ڪيس ھٿ ۾ کڻي اتي وياسين.

ھي ھڪ ڪامپليڪس ھو جتي ٽي ھاسٽل ھئا، منھنجي جڳھ مورس ھال ۾ ھئي، اتي آيم تہ ھاسٽل ويران ھئي، ڇوتہ سيشن اڃا شروع نہ ٿيو ھو، ان ڪري ڪافي شاگرد نہ آيا هئا. منھنجي ڪمري جو نمبر 101 ھو. ھاسٽل جي بلڊنگ ۽ ماحول خوبصورت ھو، نئين عمارت ۾ وڏا وڏا شيشا لڳل ھئا. دل چوندي ھئي تہ ھڪ ڪنڊ ۾ ويھي ٻاھر جي خوبصورتي ڏسندو رھان. ھتي ٻہ ڏينھن تہ تمام خراب گذريا ڇو تہ شاگرد گهٽ ھئا. پوءِ جڏھن ڪاليج کليو تہ ھاسٽل ڀرجي ويو.

شروع وارن ڏينهن ۾ انگريز کاڌو عجيب لڳو، پيٽ ئي نہ ڀربو ھو، پر پوءِ ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿي ويس ۽ پوءِ دوست بہ ٿي ويا. منھنجي ڪمري جي پاسي ۾ رچرڊ ليمن رھندو ھو، کيس ڊڪ جي نالي سان سڏيندا ھئاسين، ھي ننڍپڻ ۾ پولئي جي ڪري معذور ٿي ويو ھو ۽ وھيل چيئر تي ھوندو ھو، حڪومت طرفان کيس ڪار مليل ھئي. ھي انگريزي ادب جو شاگرد ھو، ھن سان منھنجي گھري دوستي ٿي وئي. سندس ڪمري ۾ بجلي جي ڪٽلي رکيل ھوندي ھئي، جڏھن ڪمري ۾ ويندو ھئس تہ فورن چانھ ٺاھي پياريندو هو، ان فلور تي ھڪ ٻيو شاگرد بہ رھندو ھو، روجر، جيڪو ڊڪ جو وڏو خيال رکندو هو. کيس ھيٺ وٺي ويندو ھو، سندس وھيل چيئر کي ڌڪيندو ھو. روجر سان بہ منھنجي دوستي ٿي وئي. کيس شطرنج جو شوق ھوندو ھو، فارغ ٽائم ۾ شطرنج کيڏندا ھئاسين. ھاسٽل ۾ آفريڪي، ترڪ، ايراني ۽ عرب شاگرد رھندا ھئا. تاريخ ۾ جارج شمعون پڙھندو ھو، ھي يھودي ھو، سندس خاندان يورپ کان ھجرت ڪري برطانيا آيو ھو، ھي وڏو چرچائي ھوندو ھو.

ھڪڙي ڏينھن پروگرام طئي ٿيو تہ لنڊن جون تاريخي جايون گهمجن، پر مسئلو اھو ھو تہ ٽيوب جو ڪرايو ڪير ڀريندو. پوءِ ھن يار جي چالاڪي سان سڄو لنڊن بغير ڪرائي جي گهميوسين.

اسڪاٽلينڊ جو ھڪ شاگرد اي ين نالي سان رھندو ھو، جيڪو اسڪاچ لھجي ۾ انگريزي ڳالهائيندو ھو، جيڪا مون کي ٺپ سمجهہ ۾ نہ ايندي هئي، ھڪ دفعي ٽيبل ٽينس کيڏندي ڪجهہ چيائين، مون جواب ۾ چيو ھا اڄ موسم سٺي آهي، چيائين مون تہ توکان ماني جي باري ۾ پڇيو آھي. گهڻو عرصو ساڻس گڏ رھڻ جي ڪري مون کي سندس لھجو سمجهہ ۾ اچڻ لڳو، ايستائين جو ٻيا شاگرد سندس گفتگو جو مطلب مون کان پڇندا هئا. کيس ٽينس جو گهڻو شوق ھوندو ھو، ان ڪري ھر وقت صبح شام مون وٽ نازل ٿي ٽينس کيڏڻ تي زور ڀريندو هو.

بشپ نالي ھڪ شاگرد رھندو ھو، جيڪو گهڻو مذھبي ھوندو ھو. جڏھن ھن سان منھنجي دوستي ٿي، ھن کي منھنجي آخرت جو فڪر ٿيڻ لڳو، ڇو تہ آئون عيسائي نہ ھئس، ان ڪري منھنجو ڇوٽڪارو ناممڪن ھو. ان ڪري ھو منھنجي آخرت جي ڇوٽڪاري لاءِ فڪرمند رھڻ لڳو. ھو اڪثر مون کي چرچ وٺي ويندو ھو، ھڪڙي دفعي مون کي پنھنجي گهر وٺي ويو، سندس گهر سمنڊ جي ڪناري تي واقع ھو، سندس ماءُ مون سان ڏاڍي پيار سان ملي. ان وقت سيءَ تمام گهڻو ھو، ان ڪري ھي گرم بوتلن سان بسترن کي گرم ڪندا هئا. سندس ماءُ مون کي ھڪ ريڊيو ڏنو جيئن آچر تي انڊين گانا ٻڌي سگهان. ھڪڙي دفعي ھي مون کي چرچ ۾ وٺي ويو، چرچ جي وچ ۾ ھڪ حوض ھو جتي نون ميمبرن کي غسل ڪرايو ويندو ھو.

ڪرسمس جي موقعي تي ڊڪ مون کي گھر ھلڻ لاءِ چيو، سندس گهر لنڊن ۾ ھو، ڪرسمس جي تهوار تي سندس سڀ گهر ڀاتي ھئا، سيء تمام گهڻو ھو. رات جو جڏھن ستس ايئن محسوس ٿيو ڄڻ برف جي سر تي ستو ھجان. ان رات يعني 25 ڊسمبر تي تمام گهڻي برف باري ٿي ھئي، ان رات پھريون ڀيرو مون برف باري ڏٺي هئي، ھر طرف سفيد چادر وڇايل ھئي. ڊڪ ۽ سندس گهر وارا ڪيٿولڪ فرقي جا ھئا، ھي سڀ رات جو 12 وڳي عبادت ڪرڻ چرچ ويا، جيئن اسان وٽ عيد جي نماز گڏ پڙھي ويندي آهي. مون بہ چرچ ۾ ايئن ئي ڪيو جيئن ھو ڪري رھيا ھئا، اھڙي طريقي سان آئون بہ انھن سان عبادت ۾ شريڪ ٿيس. ڊڪ جي گهر ۾ ٽي ڏينھن رھيس، سندس والد صبح سوير مون لاءِ چانھن جو گرم ڪوپ کڻي ايندو ھو. ھو منھنجي بستري جي پاسي ۾ بيھي چوندو هو: ينگ مين ھيئر از لولي ڪپ آف ٽي. بستري ۾ ئي گرم چانھن پيئڻ واري عياشي اتي نصيب ٿي.

ٽي ڏينھن رھڻ بعد جڏھن واپس ھاسٽل تي آيس تہ سندس ڀيڻ اسٽيشن تائين ڇڏڻ آئي. ان کان پوءِ لنڊن ۾ رھندڙ پاڪستانين سان مليس. ان وقت بي بي سي جي اردو سروس ۾ حسن ذڪي ڪاظمي ھوندو ھو، ھي حيدرآباد ريڊيو تي بہ ڪم ڪري چڪو هو. جڏھن ساڻس ملاقات ٿي تہ ھن مون کي بي بي سي ۾ ڪجهہ پروگرام وٺرائي ڏنا. بش ھائوس ۾ ان وقت جي اردو سروس جي عملي سان ملاقات بہ ٿي. پر لنڊن ۾ سڀ کان گھري دوستي شريف ڀائرن سان ٿي. نظير شريف ۽ نثار شريف سان منھنجي ملاقات رحيم صاحب ڪرائي، جيڪو ان وقت پي ايڇ ڊي ڪري رھيو ھو. ان سان منھنجي گهاٽي دوستي ٿي وئي جيڪا اڄ تائين ھلندي اچي. سندس گهر منھنجي لاءِ پناھ گاھ ھو. جڏھن آئون ھاسٽل ڇڏي سندس گهر جي ويجهو رھڻ لڳس تہ ھو روز رات جو محفلون مچائيندو ھو، سندس ڪچن مغل طرز تي ٺھيل ھو، ھر وقت ھر ماڻھو لاءِ ماني تيار. پوءِ اتفاق اھو ٿيو جو نظير صاحب منھنجي ننڍي چاچي جو ڪلاس فيلو نڪتو، اھي عليگڙھ ۾ گڏ پڙھيا ھئا.

1960ع جي ڏھاڪي ۾ يورپ ۾ شاگردن جون جيڪي تحريڪون ھليون، انھن جو اثر انگلستان جي يونيورسٽين ۾ اڄ ڏينھن تائين آھي پر يورپ جي ٻين ملڪن وانگر انھن جون پنھنجيون روايتون آھن. احتجاج يا جلوس ھو آچر تي ڪندا آهن ٻين ڏينھن تي ھو پنھنجي پڙھائي تي ڌيان ڏيندا آهن. ڪاليجن ۾ پراڻيون روايتون ھلي رھيون ھيون، ھر شاگرد کي ھڪ ٽيوٽر ملي ويندو هو، جيڪو تحقيق ۾ مدد ڪندو ھو، تحقيق لاءِ موضوع بہ ملي ويندو هو، باقي ڪم لئبريري ۾ ٿيندو ھو. پروفيسر سان پندرھين ويھين ڏينھن ملاقات ٿيندي هئي. ان ڪري منھنجو گهڻو وقت ڪمري يا لئبريري ۾ گذرندو ھو. سٺا ۽ خراب استاد اتي بہ ھوندا ھئا. ھڪ عورت ليڪچرار جيڪا سڄو ليڪچر ڪنڌ جھڪائي ٻڌائي ويندي ھئي، ھتي اچي احساس ٿيو تہ مون جيڪو اڄ ڏينھن تائين پڙھيو آھي، اھو ناڪافي آهي ۽ ھتي جي شاگرد جي معيار کي پھچڻ لاءِ گهڻي محنت جي ضرورت آھي.

1970ع ۾ جڏھن انگلستان ويس تہ انڊيا ۽ پاڪستان جا اڪثر ماڻھو ھتي ڪارخانن ۾ مزدوري ڪندا هئا،ل. ھي اھي ماڻھو ھئا، جن ڏينھن رات محنت ڪري پنھنجي خاندان کي سک ڏنو. ھاڻي صورتحال بدلجي وئي آهي، جڏھن آئون آخري دفعو 1988ع ۾ ويس تہ ايشيا جي ماڻھن کي پنھنجا ڪاروبار ھئا. مون ڪيترائي ايشيا جا ماڻھو، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بئنڪن ۾ ڪم ڪندي ڏٺا ۽ انھن پنھنجي سڃاڻپ بہ برقرار رکي آھي، مثال طور 1970ع ۾ بيڪر اسٽريٽ ۾ صرف ھڪ مسجد ھوندي ھئي، ۽ ھاڻي ھر محلي ۾ الڳ مسجد آھي. منھنجا دوست جيڪي ڪنھن زماني ۾ سيڪيولر ھئا ۽ ھاڻي روزي ۽ نماز جا پابند ٿي ويا آھن ۽ ھاڻي گهرن ۾ قرآن خواني ميلاد ۽ مرثين جون محلفون عام ٿي ويون آهن.

يورپ ۾ ھڪ سٺي روايت اھا آھي تہ شاگرد موڪلن ۾ ڪو نہ ڪو ڪم ڪندا آهن، ڪم ڪرڻ جي ڪري شاگردن جو واسطو معاشري جي ٻين فردن سان پوندو آهي. ان ڪري اھي نہ رڳو ڪتابن مان پر ماڻھن مان بہ سکندا آهن. ان کان سواءِ ھو مائٽن تي بار ٿيڻ بدران خود ڪفيل بہ ٿيندا آهن. مون وٽ بہ پئسا نہ ھئا ان ڪري سوچيم تہ ڪٿي پارٽ ٽائيم نوڪري ڪيان. ھڪ دوست فون ڪئي تہ روٽي ٺاھڻ واري فيڪٽري ۾ مزدورن جي ضرورت آھي، اسان بہ وڃون پيا تون بہ ھل. آئون انھن جي ٻڌايل ايڊريس تي ھليو ويس. فيڪٽري ۾ اھو اصول ھو تہ ٻن ماڻھن کي ھڪ ويگن لوڊ ڪرڻي ھوندي ھئي، وقت جي ڪا بہ پابندي نہ ھئي. ڏسڻ ۾ تہ آسان ڪم ھو پر ڪم ۾ سڄي رات گذري ويندي هئي. اھو پھريون تجربو ھو. رات جو ڪم ڪري صبح ستس، ٻنپھرن جو جڏھن اک کلي تہ سڄو جسم تڪليف ۾ وٺجي ويو، حالت تمام گهڻي خراب ھئي، ٻي ڏينھن ڪم تي نہ ويس. ان فيڪٽري ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪم تي ويس. ھتي ڪيترائي ھندستاني ۽ پاڪستاني مزدور ڪم ڪندا هئا، انھن سان منھنجي دوستي ٿي وئي، چانھن جي وقفي دوران خوب ڪچھري ٿيندي هئي. لنڊن ۾ مون کي ڪم ڪرڻ جو ٻيو تجربو سپر اسٽور سيل فريجز ۾ ٿيو. 1971ع ۾ جڏھن ڪرسمس جو ڏھاڙو آيو تہ اسٽور تي سيل لڳائي وئي. ھتي مون کي ٻہ ٽي ڏينھن ٽريننگ ڏني وئي، ان کان اسٽالن تي بيھاريو ويو جيئن اتان بہ ڪجھ سکي سگهان. پوءِ ھڪ ڏينھن اسٽيشنري جي ڪيش رجسٽر تي ويھاريو ويو. ھتي گراھڪن جو تعداد گهڻو ھوندو ھو، پھرئين ڏينھن تہ منھنجا پگهر نڪري ويا. ڪيتريون غلطيون بہ ڪيم، گراھڪن جي قطار ڊگھي ٿي وئي ۽ مون کان حساب ڪتاب نہ پئي ٿيو. اسٽور وارن جو اھو طريقو ھوندو ھو تہ ڀلي رش ٿئي جيئن ان جو ڏيک اثر پري تائين وڃي. ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ مون کي ڊائرين جي اسٽال تي موڪليو ويو، ھتي ڪم ڪرڻ کان پوءِ خبر پئي تہ ڊائرين جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن، جھڙوڪ بزنس مين جي ڊائري، ڪرڪيٽر جي ڊائري، استاد جي ڊائري وغيره. ھن اسٽال تي ڪئلينڊر بہ ھوندا ھئا. گراھڪن جي اڪثريت انھن ماڻھن جي ھئي، جيڪي پنھنجي پيشي جي حوالي سان ڊائري خريد ڪندا هئا. ڪڏھن ڪڏھن پوڙھيون عورتون بہ اينديون هيون، اھي ڪئلينڊر خريد ڪرڻ اينديون ھيون پر انھن وٽ پئسا نہ ھوندا ھئا ۽ حسرت ڀريل نگاھن سان ڪئلينڊرن کي ڏسنديون ھيون. ۽ آئون انھن کي سندن پسند مطابق ڪئلينڊر ڏئي ڇڏيندو ھئس. ھن اسٽور تي ڪم ڪرڻ ۾ وڏو مزو آيو. اسٽور تي ايشيا ۽ آفريڪا جا وڏا ماڻھو بہ ايندا هئا. عرب خاص طور تي خوشبو خريد ڪندا هئا ۽ ٿيلھا ڀري ويندا هئا. ھي اسٽور سينٽرل لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ واقع آھي. ڪم ڪرڻ جو ٻيو تجريو سوينيئر جي دڪان تي ٿيو، ھي ننڍو ڪئبن ھولبورن ٽيوب اسٽيشن تي ھو، سوينيئر خاص طور تي گرمين ۾ گهڻو وڪامندا ھئا. ان وقت لنڊن ۾ تمام گهڻا سياح ايندا هئا ۽ ھي جڳھ بہ دلچسپ ھئي.

مختلف ڪم ڪرڻ کان پوءِ اھو احساس ٿيو تہ انسان ڪم مان سکندو آھي، ۽ ھر قسم جي ماڻهن سان واسطو پوندو آهي. گراھڪن ۾ ڪي با اخلاق تہ ڪي بدتميز ھوندا آھن. پاڪستان ۾ رھڻ دوران اھو تجربو نہ ٿيو ھو، ان ڪري ھاڻ پورھئي جي عظمت جو احساس ٿيو ھو، اسان وٽ عزت جو بہ سوال ھوندو آھي اھو ختم ٿي ويو. اسان جا صاحب بريف ڪيس پٽيوالن کان کڻائيندا آھن، مون کي انھي ڳالھ تي سخت ڪراھت ايندي آهي.

آئون جنھن وقت لنڊن ۾ ھئس، ان وقت پاڪستان ۾ بحران ھو. ايوب خان کان پوءِ يحيیٰ خان اقتدار سنڀاليو ھو، اليڪشن ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فوجي ڪاروائي جون خبرون ھتي جي اخبارن ۾ تفصيل سان لڳيون ھيون. ريڊيو ۽ ٽي وي تي پاڪستاني فوجين جا ظلم تفصيل سان پيش ٿيندا هئا. انگلينڊ ۾ رھندڙ پاڪستانين جي اڪثريت فوج جي حمايت ۾ ھئي. عرصي کان بنگالين جي باري ۾ جيڪو پروپيگنڊا ڪيو ويو ھو، اھو ھتي بہ ھو. بنگالين کي گهٽ وڌ ڳالهايو ويندو هو. جنھن وقت جنگ شروع ٿي تہ آئون سيل فريجز ۾ ڪم ڪري رهيو ھئس، مون سان گڏ ڪجهہ بنگالي نوجوان بہ ھئا، ان واقعن کان پوءِ اوڀر ۽ اولھ پاڪستانين ۾ دوري ٿي وئي. ان وقت لنڊن ۾ موجود پاڪستانين ھڪ وڏو جلوس ڪڍيو جيڪو ٽرافلگر تي اختتام پزير ٿيو، جوش ڏياريندڙ تقريرون ڪيون ويون، جميل الدين عالي قومي گيت ٻڌايا، ماڻھن ۾ ايڏو جوش پيدا ڪيو ويو جو ھو حقيقت وساري ويٺا، خبرون اھي ھلايون ويون تہ ھندستان کي بري شڪست ملي رھي آھي، ٽائيگر نيازي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي پوءِ خبر آئي تہ ڍاڪا فتح ٿي ويو ۽ پاڪستاني فوج ھٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن. ان وقت پاڪستانين جي اڪثريت کي يقين ھو تہ فوج ڪو بہ ظلم نہ ڪري رھي آھي، اھو سڄي برطانوي اخبارن جي پروپيگنڊا آھي. بنگلاديش جو سانحو اسان جي تاريخ جو وڏو الميو آهي، ان مان سبق سکڻ بدران ان کي وساريو ويو، نتيجو اھو نڪتو اسان پنھنجي غلطي مڃڻ بدران فوجي ڪاررواين کي صحيح سمجهو، اھڙن قسمن جا واقعا سنڌ ۽ بلوچستان ۾ بہ ڪيا ويا، اھو سلسلو ايئن ئي ھلندو رھندو جيستائين اسان پنھنجي غلطي مڃي انھن غلطين جو ازالو نہ ڪنداسين.

لنڊن ۾ مون ڏيڍ سال گذاريو ھو، ان دوران مون اتان جي ثقافتي زندگي کي سمجهي ورتو ھو. لنڊن شھر جي ھڪ خاصيت اھا آھي تہ ان جي ھر گهٽي پاڙي ۾ لئبريري ۽ پارڪ ضرور ھوندا آھن، آئون لائبريرين ۾ پڙھڻ ويندو ھئس، باغ ۾ خاموشي سان ويھي قدرتي نظارن مان لطف اندوز ٿيندو ھئس، ڪڏھن ڪڏھن ھائيڊ پارڪ بہ ويندو ھئس جتي مقرر زوردار تقريرون ڪندا ھئا، مون لنڊن جو ڪافي حصو پيادل گهميو. منھنجي دل لنڊن ۾ لڳي وئي ھئي ان جي گهٽين ۽ پاڙن کان آشنا ٿي ويو ھئس، ماڻھن جي مزاج کي سمجهي ويو ھئس ، پر منھنجو لاءِ اھم سوال اھو ھو تہ پنھنجي تعليم ڪيئن جاري رکان، غير ملڪي شاگردن لاءِ فيس مقرر ڪئي وئي ھئي. ڪم ڪرڻ دوران پڙھڻ مشڪل ھو، ڪنھن ٻڌايو تہ جرمني جي يونيورسٽين ۾ ڪا بہ فيس ناھي، سوچيم تہ جرمني ھليو وڃان، ٻن چئن يونيورسٽين کي خط بہ لکيم، روھر يونيورسٽي مان مثبت موٽ ملي. مون کي خط فوڪوايولين طرفان آيو ھو، جيڪو تاريخ جي شعبي جو سربراھ ھو، خط جي جواب ۾ مون لکيو تہ منھنجي رھائش جو بندوبست يونيورسٽي گيسٽ ھائوس ۾ ڪيو وڃي، جيستائين ٻي ھنڌ بندوبست ڪيان، ۽ آئون انگلينڊ کان جرمني روانو ٿي ويس.



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close