وضاحت:
جپاني ٻارن جي هيءَ ڪهاڻي لکڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ جي ٻارن جي معلومات لاءِ اهو لکڻ ضروري ٿو سمجهان ته جپان ۾ گينگورو مڇيءَ جو نالو آهي ته ماڻهن جو به. اهڙي طرح ٻين به ڪيترين مڇين، جانورن، وڻن جا نالا ماڻهن تي به آهن. جيئن ڪيترن انگريزن جا نالا ۽ ذاتيون مختلف شين تان ورتل آهن، جيئن ته چارلس لئمب، ڊئوڊ فاڪس، جان وُڊ وغيره. اسان وٽ سنڌ ۾ به ڪيترين زالن توڙي مردن جا نالا شهرن، جانورن ۽ وڻن جي نالن پٺيان آهن جيئن ته: مدينا، انب، ٻٻر (اهو نالو به آهي ته ذات به آهي)، رمضان وغيره.
جپان ۾ مينهن، هوائون ۽ طوفان ايڏا ته لڳن ٿا ۽ اهي ايڏي ته تباهي مچائين ٿا جو جپاني ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا غريب ۽ گهٽ پڙهيل، جن جي ڪِرت مڇيون ڦاسائڻ آهي ۽ جن جو واسطو سمنڊ سان آهي اهي، هر آفت کي ڪو ديوتا سمجهن ٿا ۽ هنن جي عقيدي يا وهم وسوسي موجب اهو ديوتا (ڪامي) ناراض ٿيڻ تي مصيبت آڻي ٿو. هنن جي هو هر وقت ڳالهه ڪندا رهن ٿا ۽ سُکائون پڻ باسين ٿا جيئن اسان وٽ ايمان جا ڪمزور ماڻهو وڻن ٽڻن، درياهه يا قبرن تي سکائون باسيندا رهن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان هنن جي دل جون مرادون پوريون ٿين ٿيون. بهرحال هاڻ هن جپاني ڪهاڻيءَ تي اچون جيڪا جپان جي ڳوٺن ۾ مشهور آهي ۽ ٻارن کي ٻڌائي ويندي آهي ته ٻئي سان ظلم ڪرڻ وارو پاڻ ان مصيبت جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
ڪھاڻي:
ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ جپان جي صوبي تڪاڪي ۾ گينگورو نالي هڪ ماڻهو رهندو هو. هڪ ڏينهن هو درياھ جي ڪناري تي پَسار ڪري رهيو هو ته هن کي هڪڙي پراڻي ڊِٻڊٻي ملي وئي، جنهن جي پاسي کان ٻڌل ٻن ڌاڳن ۾ ننڍڙي پٿري هوندي آهي جيڪا گول پاسن تي لڳي دهل جهڙو آواز ڪڍندي آهي. هن اها ڊِٻڊٻي کڻي وڄائڻ شروع ڪئي ۽ چرچي ۾ چوڻ لڳو ته ”منهنجو نڪ ڊگهو ۽ چهنبائتو ٿي وڃي.“
حيرت جي اها ڳالھ، ته جيئن جيئن هو ڊِٻڊٻي وڄائي پنهنجي نڪ لاءِ چوندو ويو تيئن تيئن هن جو نڪ ويو ڊگهو ۽ چهنبائتو ٿيندو. ۽ پوءِ جڏهن هن چيو ته هن جو نڪ ننڍو ۽ پڪوڙي جهڙو ٿي وڃي، ته اهو واقعي ايئن ساڳي شڪل ۽ سائيز ۾ اچي ويو جيئن ڪنهن نارمل جپاني ماڻهوءَ جو نڪ ٿئي ٿو..
”واھ واھ..! مون کي ته هيءَ واھ جي ڊِٻڊٻي ملي وئي آهي… ۽ هاڻ آئون هن کي پاڻ سان رکي ڳوٺ ڳوٺ جو سير ڪندس.“
هن پنهنجي دل ۾ چيو ۽ پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر نڪري پيو.
هڪ ڏينهن هن جو ڪنهن ڳوٺ جي هڪ محل نما گهر اڳيان لنگهڻ ٿيو. هي گهر ڳوٺ جي امير ترين ماڻهوءَ جو هو جنهن جي سهڻي ڌيءَ جي ڪجهہ ڏينهن بعد شادي ٿيڻي هئي. هي آهستي آهستي ٿي هن جي گهر جي باغيچي ۾ گهڙي آيو ۽ ڏٺائين ته ڪنوار ٿيڻ واري ڇوڪري سِتار (جنهن کي جپاني زبان ۾ ”ڪوٽو“ سڏجي ٿو) وڄائي رهي هئي. هن وڻن ۽ ٻُوڙهن پويان لڪي ڊِٻڊٻي وڄائي آهستي آهستي چيو ته ”هن سهڻي ڇوڪريءَ جو ڀينڊيءَ جهڙو نڪ پڪوڙي جهڙو ٿي وڃي.“ بس هن جو چوڻ ڇوڪريءَ جو نڪ ائين ٿي وڃڻ!
رات جو مانيءَ وقت ڇوڪريءَ جو پيءُ اهو ڏسي بيهوش ٿيڻ تي هو. ڇوڪري ان غم ۾ بستر داخل ٿي وئي. ٻئي ڏينهن اوسي پاسي جي ڳوٺن جا ويد حڪيم گهرايا ويا پر ڪنهن جي به دوا، دعا يا جادو ڦيڻي اثر نه ڪيو.
ان بعد گينگورو پنهنجو پاڻ جابلو مندرن جي ٻاون جي لباس ۾ هن محل نما گهر ۾ پهتو ۽ وڏي واڪي اعلان ڪيو: ”آئون نڪ جي هر بيماري جو علاج ڪريان ٿو.“
اهو اعلان ٻڌي ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي گهر جي ان ڪمري ۾ گهرايو، جنهن ۾ سندس ڌيءَ غمگين حالت ۾ بستري تي ليٽي پئي هئي. گينگورو پاڻ لاءِ هنن کي ٻڌايو ته هو وڏو عالم ۽ نڪ جي بيمارين جو ڄاڻو ٻائو آهي. پوءِ هن ڊٻڊٻي ۽ منترن ذريعي ڇوڪريءَ جي نڪ کي نارمل بڻائي ڇڏيو. ان بعد هو ٽي ڏينهن هن محل ۾ آرام ڪندو رهيو ۽ کائيندو پيئندو رهيو. گهر ڇڏڻ وقت ڇوڪريءَ جي دولتمند پيءُ هن کي ڪيترائي تحفا ۽ انعام اڪرام ڏنا. اهي سڀ سوگها ڪري هو پنهنجي ڳوٺ ڏي روانو ٿيو. هڪ هنڌ نديءَ جي ڪناري تي ٿڌڪار ۾ هو فرحت وٺڻ لاءِ ليٽي پيو. هو پٺيءَ ڀر سڌو ٿي ليٽي ليٽي ايئن چرچي خاطر پنهنجي ڊِٻڊٻي وڄائي ان کي پنهنجي نڪ جي ڊگهو ٿيڻ جو حڪم ڏنو.
گينگورو جيئن جيئن ڊِٻڊٻي وڄائيندو ويو هن جو نڪ آسمان ڏي ويو وڌندو. هن به اهو ئي ڏٺو ٿي ته اهو ڪيترو ڊگهو ٿي سگهي ٿو. آخر اهو ڪارن ڪڪرن مان به لنگهي مٿي آسمان ڏي هليو ويو. اتي جن ڀوتن هڪ پل پئي ٺاهي. هن جي نڪ کي ڪاٺ جو ٽڪرو سمجهي ان کي به ڪَوڪن ڪِلين سان ٺوڪي پُل سان ڳنڍي ڇڏيو. گينگورو جي نڪ کي ڪلين لڳڻ ڪري سخت سور ٿيو ۽ هن جلدي جلدي ابتو منتر پڙهڻ شروع ڪيو ته نڪ ننڍو ٿي وڃي.
منتر پڙهڻ سان نڪ ته ننڍو ٿيڻ لڳو پر جيئن ته اهو ڪڪرن کان مٿي ڪِلين سان ٺوڪيل هو ان ڪري نڪ جي هيٺ اچڻ بدران گينگورو مٿي کڄندو ويو ۽ وڃي مٿي پل سان لڳو.
ڪڪرن جو ديوتا جيڪو ان وقت اتان لنگهي رهيو هو گينگورو کي ڏسي کڻي هن کي سوگهو ڪيو ته هيءَ زمين جي مخلوق مٿي ڪٿان اچي وئي. هن گينگورو جي نڪ ۾ لڳل ڪوڪا ڪليون ڪڍي آزاد ته ڪيو پر هن تي اهو ڪم رکيو ته روز ڪڪرن کي ويڙهي کولي ۽ ڪڏهن پاڻي سان ڦوهارو ڪري جيئن زمين تي ان هنڌ مينهن پوي.
هڪ ڏينهن هو پنهنجا روزمره جا ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو سخت ٿڪل هو جنهن ڪري هن جو دماغ ڦري رهيو هو ۽ جلدي ۾ هجڻ ڪري هو اهڙو ٿاٻڙجي پيو جو سڌو هيٺ بِيوا ڍنڍ ۾ اچي ڦهڪو ڪيائين. ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ ڪرڻ سان هو ماڻهوءَ مان مڇي ٿي پيو. اهو ئي سبب آهي جو بِيوا ڍنڍ ۾ جيڪي جپان جون خاص چانديءَ جهڙيون چمڪندڙ مڇيون آهن انهن جو نالو ”گينگورو مڇي“ پئجي ويو.