بيمار پيءُ

ڪرشن چندر، سنڌيڪار: موهن ڪلپنا

چندر ڪانت مهتا، اسان جو دوست، ڏٻرو سنهڙو ڊگهي قد جو، وچولکي عمر جو هڪ دلال هو، جو جڳهين جي دلالي ڪندو هو ۽ پالي پارڪ ۾  رهندو هو. پالي پارڪ جي نون بنگلن ۾ جيڪي به مسواڙي ايندا هئا، سي هن جي معرفت ئي ايندا هئا. ان جي اسان کي خبر هئي، ڇو  جو مهتا سيٺ خوبچند کي خوب ڄاڻندو  هو ۽ سيٺ خوبچند انهن تمام بنگلن  جو مالڪ هو، جنهن کي مهتا پنهنجي لڳاتار مسڪا پالش سان پنهنجي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. زندگيءَ جي تلخين، مهتا کي مسڪا پالش فن جو ماهر بڻائي ڇڏيو هو، پر اڄ زندگيءَ ۾ صرف مسڪا پالش ئي ڪافي ناهي، نوان مڪان ٺهڻ  به ضروري آهن، جيڪڏهن نوان مڪان نه هوندا ته مسواڙي ڪٿان ايندا؟ هڪ دفعو مڪان وٺي، ان کي ڇڏڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.

ٻڌبو آهي ته اڳئين زماني ۾ مسواڙي اهڙا اشراف هوندا هئا،  جو مڪان مالڪ جي پهرئين نوٽيس سان ئي پنهنجو بسترو گول ڪري الائي ڪيڏانهن رفو چڪر ٿي ويندا هئا، پر هن زماني ۾  اُهي ڏھ دفعا مقدمو لڙڻ کان پوءِ به مڙڻ لاءِ تيار نٿا هجن. ڀلا هيءَ ڇا انسانيت آهي؟ آخر به چندر ڪانت مهتا ڪيڏانهن وڃي؟ کيس هر مهيني، گهرجي خرچ لاءِ هڪ هزار روپيا کپن. هو دلالي ۽ ٻين ننڍن وڏن ڪمن مان صرف چار پنج سؤ ئي ڪمائي ٿو، باقي پئسا هو آڻي ڪٿان؟ ۽ سو به هر مهيني………

ان ڪري هو هميشه ڍڪرن ۾ رهندو آهي ۽ جيئن ته هن کي هڪ خوبصورت گڏيءَ جهڙي زال آهي ۽ خوبصورت ننڍي ڪار آهي، ان ڪري هو جڏهن لاڏ وچان ”پياري“ چوندو آهي، تڏهن اها سڌ نه پوندي آهي هت هو پنهنجي زال کي ٿو  پڪاري يا ڪار کي…. جڏهن هڪ ئي گهر ۾ ٻه پياريون چيزون گڏ رهنديون آهن، تڏهن گهر ۾ غلط فهمي پنهنجا پير گهمائڻ شروع  ڪندي آهي. خاص ڪري جڏهن مالڪ کي ٻنهي کي ساڳئي  نالي سان پڪارڻ جي عادت هوندي آهي. تڏهن اسين ماڻهو، جي هن جا دوست هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهيون، صرف هن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان اندازو لڳائيندا آهيون ته هن جو اشارو ڪيڏانهن آهي.

”اڄ مون پياريءَ لاءِ هڪ ساڙهي خريد ڪئي آهي.“

ظاهر آهي، هن جو اشارو هن جي پياري  زال ڏانهن آهي، ڀلا ڪار کي به ڪو ساڙهي پائيندو آهي؟ ساڙهيءَ کي ته ڪار ۾  هر ڪو چاڙهيندو آهي مگر ڪار کي ساڙهي ۾…….

يا جڏهن اسان کي اهو چيو ويندو آهي ته ”ڪلھ مان پياريءَ کي وهنجاري رهيو هوس، جو ايتري ۾……“ اسين سمجهي ويندا آهيون ته هن جو اشارو هن جي پياري ڪار ڏانهن آهي، مگر ڪڏهن غلط فهمي پيدا ٿي ويندي آهي.

”منهنجي پياريءَ کي اڄ چوٽ لڳي ويئي.“ هاڻ سمجهہ ۾ نه ايندو  ته شريمتي مهتا جو پير مڙي ويو آهي يا ڪار سان ڪو حادثو ٿيو اهي.

”اڄ رستي ۾ پياريءَ ڏاڍو پريشان ڪيو!“

هاڻ رستي تي زال بہ پريشان ڪري سگهندي آھي ته ڪار به.. ۽ اسين سوچيندا رهجي ويندا آهيون ته شريمتيءَ جو پارو تيز هو يا ڪار جي بئٽري ڊائون هئي! اهڙن موقعن تي تحمل سان ڪنڌ ڌوڻي ”هون هون“ ڪرڻ ئي بهتر لڳندو آهي.

زال ۽ ڪار کان سواءِ چندر ڪانت جي پياري چيز هن جي پيءُ جي بيماري به آهي. هن جو پيءُ چمن مهتا، اڌ صدي عمر  جو آهي، ۽ جو پنهنجي پٽ وانگر ڏٻرو پتلو يا اڃا به هن کان وڌيڪ سڪل آهي. قد ۾ پٽ وانگر ڊگهو ته آهي پر ڊگهي بيماريءَ جي باوجود به هن جو آواز تيز ۽ چيريندڙ آهي. پٽ جو آواز مٺو ۽ لچڪيدار آهي. هن جو آواز ٻڌي مڃبو آهي ته هن کي يا دلال ٿيڻ کپي يا ماکيءَ جون مکيون پاليندڙ ڪو واپاري. پيءُ جو آواز، هن جي دولتمند هئڻ سان گڏ هن جي ڪنجوس هئڻ جو پڻ ساکي آهي. پٽ ۽ ننهن، ٻئي اٺ ئي پهر هن جي خدمت چاڪريءَ ۾ لڳا رهندا آهن. ٻڍي جو بدن سڪي ويو آهي، پير سڄي پيا آهن ۽ اکين جي جوت گهٽجي ويئي آهي، ور سلهہ اڃا به اٿس. سڪي وڃڻ سبب، هن جي نس نس مان ساھ جي اچ وڃ ظاهر ٿيو پوي. ٻڍو پوءِ به زنده آهي ۽ زندگيءَ لاءِ جدوجهد ڪندو ٿو رهي. کيس ٻه پٽ ٻيا به آهن. پر هو پيءُ جي سار سنڀال نه ڪندا آهن، ڇو جو پيءُ ڏهن سالن کان بيمار آهي ۽ پٽ به پهرين چئن سالن جي خدمت بعد ٿڪجي پيا آهن. هر ڪنهن جذبي جي هڪ حد ٿيندي آهي، هڪ عمر ٿيندي آهي ۽ ٻنهي کان ٻاهر نڪرڻ بعد اهو جذبو دم ٽوڙي ڇڏيندو آهي. ٻنهي پٽن سان ائين ئي ٿيو. نتيجو اهو نڪتو جو پيءُ چندر ڪانت جي خدمت ڏسي ٻنهي پٽن کي جائداد کان وانجهي ڇڏيو، ٻنهي پٽن کي ان جو بيحد ڏک هو. ٻئي پنهنجي ڀاءُ کي ڏوهي ٺهرائيندي اڪثر چوندا هئا ته چندر ڪانت لالچ وس ٿي اسان جو گلو ئي ڪٽي ڇڏيو. چندر ڪانت صبر سان هنن جون ڳالهيون ٻڌندو، ٽوڪون سهندو، پيءُ جي خدمت ۾ رنڀيو رهندو هو ۽ فخر سان  دوستن جي اڳيان پنهنجي خدمت چاڪريءَ جا گيت ڳائيندو رهندو هو. هو مذهبي  ويچارن جو به هو، تقرير ڪرڻ  ۽ ٻڌڻ جو حوصلو ۽ شوق به رکندو هو. اڪثر مذهبي موقعن تي هو رامائڻ مان وڏن جي خدمت ڪرڻ جا حوالا ڏيندو هو ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي خدمت جو ذڪر به ضرور ڪندو هو. ماڻهن کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هو. سالن جي لڳاتار سار سنڀال ۾ جيڪڏهن ڪو انعام جي تمنا رکي، ته ڪنهن کي ارهو ڇو ٿيڻ گهرجي؟

چندر ڪانت مهتا ۽ هن جي شريمتي، پيءُ جي بنگلي ۾ رهندا هئا. ڪنهن وقت ٻڍي کي پراڻي قسم جو فرنيچر بيحد پسند  پوندو هو ۽ هن جو بنگلو اڪثر اهڙي فرنيچر سان سٿاسٿ ڀريو پيو هوندو هو. پٽ ۽ ننهن کي ٻه ڪمرا ڏنل هئس، جن ۾ اُهو فرنيچر نه هو. پيءُ جو فرمان هو ته هن جي اجازت بنا بنگلي جي ڪنهن به چيز کي ڇهيو به نه وڃي. شريمتي  مهتا، ان تي ڪاوڙجندي هئي ۽ ساهيڙين کي دعويٰ سان چوندي هئي ته هڪ ڏينهن ڏسجو،  بنگلي کي ڪيئن نه سجائي ٿي ڇڏيان!

ان سجاوت جي  پٺيان، شريمتي مهتا جي لڪل خواهش ظاهر ٿي پوندي هئي. ليڪن صابر هئڻ سبب هوءَ ان تي نه خاص زور ڏيندي هئي ۽ نه بار بار ورجائيندي هئي.

چمن مهتا کي خبر هئي ته هن جا پٽ ۽ ننهن رواجي پٽن ۽  ننهن جهڙا نه آهن. جيتوڻيڪ هن پنهنجن ٻن پٽن کي بي دخل ڪري ڇڏيو، پر پوءِ به گهر تي هن جو ئي قبضو هو. سڀ خط پَٽ، هنڊيون، زيور، روڪ پئسا وغيره هن جي ڪمري ۾ رکيل ٽجوڙيءَ ۾ پيا هوندا هئا، جنهن جي چاٻي هو هميشه وهاڻي هيٺان ئي رکندو هو. ٻڍو ايترو ته شڪي هو، جو جيڪڏهن ٽجوڙيءَ ڏانهن هن جو پٽ به نهاريندو هو ته رڳون سيٽجي وينديون هئس، اکين ۾ گمان جو طوفان ڀڙڪي اٿندو هوس، جو ٽجوڙيءَ کي پنهنجي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيندو هو.

هو پنهنجي بيماريءَ ۾ ڪمزور ٿيندو رهيو. اڳ ۾ هو اٿي سگهندو هو، پٽ ۽ ننهن کي ڪمري مان ڪڍي دروازو پائي سگهندو هو ۽ ٽجوڙي کولي، ٽڪٽڪي لڳائي پئسن کي ڏسي سگهندو هو، پر هاڻ اهو ڏينهن به آيو، جو هو بستري تان اٿي به نه ٿي سگهيو.

ان ڏينهن کان پوءِ ٽجوڙي کلي نه سگهي. البت ٻڍي اکين ۾ اهو زهر ڀري ڇڏيو، جو ان کي ڏسي ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪو وڌي به نٿي سگهيو. ننهن اها ڳالھ تاڻي، مڙس سميت اوڏانهن نهارڻ به ڇڏي ڏنو. ڪڏهن چار اکيون کڻي هو چور نظرن سان اوڏانهن  نهاريندا به هئا، جتي هنن جو مستقبل بند هو، پر کليءَ طرح ڏسڻ جو ساهس هو ڪري نه سگهيا. پٽ ڪمري ۾ گهڙندو ئي اکيون هيٺ ڪري هو ۽ پيءُ جي پيرانديءَ کان ويهي، زور ڏيڻ شروع ڪندو هو. ٻڍو کنگهندو، نظر ٽجوڙيءَ ڏانهن ڪري، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اوڏانهن نهاريندو رهندو هو، جتي هن جو ماضي بند هو.

ڏينهون ڏينهن ٻڍو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو رهيو. وقت گذرندو رهيو ٽجوڙيءَ تي ڪٽ چڙهندي رهي، نيٺ رنگين خوبصورت ٽجوڙي، روپ وڃائي قبر جهڙي ٿي ويئي، جنهن مٿان هڪ ڪوريئڙي پنهنجو ڄار  وڇائڻ شروع ڪيو هو. پٽ پيءُ کان ڪڏهن به پئسا نه گهريا، هو محنت ڪندو، هيڏانهن هوڏانهن هٿ ٽنگي قرض وٺي ڪاٽڻ لڳو، پر ٽجوڙيءَ ڏانهن ڏسڻ جي جرئت نه ڪيائين… ڇو ته کيس ان جرئت جي نتيجي جي به خبر هئي، جيڪو سندس ڀائر ڀوڳي رهيا هئا. چندر ڪانت کي يقين هو ته ٽجوڙيءَ جي دولت هن کي ئي ملندي، ان ڪري اُٻهرائي ڪري هُو پنهنجي آئندي جي حسين خواب کي مٽيءَ ۾ ملائڻ لاءِ تيار نه هو. هن پيءُ کي اهو ڪڏهن به نه ٻڌايو ته هو ڪيتري نه سچائي ۽ بيقراري سان هن جي موت جو انتظار ڪري رهيو هو. هو سدائين پيءُ جي سامهون رهندو هو ۽ دوستن جي سامهون پيءُ جي صحت لاءِ دعا پنندو  هو.

پيءُ جَي موت جِي دٻيل خواهش ڪڏهن ايڏو ته ڀڙڪي اٿندي هئس جو هن جا هٿ پير ڏڪڻ لڳندا هئا. هو ڊپ کان  ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيندو هو ته ڪٿي اها خواهش اکين مان رستو نه پار ڪري وڃي. ڪڏهن اوچتو دل جي ڌڙڪڻ بيحد تيز ٿي ويندي هئس. هو سوچيندو هو، هڪ ڄار بستري تي وڇايل آهي ۽ هڪ ڄار ٽجوڙيءَ تي، ڇو نه ٻنهي کي ٽوڙي، مان پنهنجي مستقبل تي حق ڄمايان؟

ليڪن نه! ترس… او بيتاب دل، ترس..! جيڪڏهن ڦل خود ئي ٽاريءَ مان ڪري هن جي جهوليءَ ۾ پوڻ ٿو چاهي ته هو خود ڇو ٽارين سان الجهڻ جي اجائي ڪوشش ڪري؟ ڪهڙا نه حسين هن جا خواب هئا! هو دلاليءَ مان بيزار ٿي پيو هو. هن سَٽَي جي بازار ۾، هڪ ئي داءَ ۾ ويھ هزار لڳائي، لکاپتي ٿي وڃڻ ٿي چاهيو، ليڪن هن جو منحوس پيءُ مري به نٿي مئو. هڪ ئي ساھ هئس، جو گلي ۾ اٽڪي پيو هئس، پر جنهن ٻاهر نڪرڻ جي ٻاڦ به نه ئي ڪڍي. ڪڏهن اهو ساھ ڄڻ چندر ڪانت جي گلي ۾ ڦاسيءَ جي رسيءَ وانگر اٽڪي ٿي پيو. پنجاھ ورهين جي پيءُ جي خدمت چاڪريءَ ۾ ڪجهہ ڪجهہ بغاوت جي دونهين به دکي پئي…. منهنجا پيءُ، ڇو نٿو مري وڃين تون!؟  ڇو نٿو هن جسم جو مڪان خالي ڪرين؟ مسواڙي ويندا آهن، تون ڇو نٿو پنهنجو فلئٽ خالي ڪرين؟ ان فلئٽ ۾ رهندي توکي پوري اڌ صدي گذري ويئي آهي، وڃ بابا! هليو وڃ، جيئن مان نئين سر بزنيس ڪري سگهان.

مگر ٻڍي کي خبر هئي ته سرير جو فلئٽ هڪ دفعو خالي ڪري وري ڀري سگهڻ جهڙو نه آهي. ان ڪري هو گذرندڙ وقت اڳيان مجبور هوندي به هڪ هڪ پل لاءِ لڙي رهيو هو. هن جي ڌنڌلي نظر مان جيئڻ جي زوردار تمنا ظاهر هئي، جنهن سبب موت هن وٽ اچڻ کان ڪيٻائي رهيو هو.. پر هڪ ڏينهن اهو به آيو، جڏهن هن جا ڪن ٻوڙا ٿي ويا، هٿ پير ٿڌا ٿي ويا، زبان بند ٿي ويئي ۽ نبض جواب ڏيئي ويئي، ڊاڪٽرن اعلان ڪيو ته ٻڍو هاڻ ٿورين گهڙين جو مهمان آهي..

آگيا ڪاري پٽ اکين ۾ گنگا جمنا جو سنگم ڀري، پهريون ڀيرو، جرئت سان ٽجوڙيءَ طرف نهاريو، ٺيڪ اوڏيءَ مهل پيءُ پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ جي اها کلي نظر تير جيان پيءُ جي سيني ۾ چڀي ويئي. ٻيءَ گهڙيءَ پٽ جي خدمت جو مقصد هن جي اڳيان ننگي روپ ۾ کڙو ٿي بيٺو. ٻڍي جي بدن ۾ هلڪي جنبش آئي ۽ هن جون اکيون دک ۽ پيڙا وچان جلڻ لڳيون، بدن جي گهڻن حصن مان ساھ نڪري چڪو هئس،  صرف مٿو گرم هئس. اکين جي چمڪ وڌندي ٿي ويس، ڄڻ اجهامڻ کان اڳ ۾ اها زبردست ڄڀي ڪڍندي!

پٽَ، پيءُ جي  نظر نه ڏٺي، نه ته گهٻرائجي وڃي ها. ان وقت هو دوستن جي وچ ۾ بيٺو هو ۽ ڪنهن کي چندن آڻڻ لاءِ چئي رهيو هو ته ڪنهن کي پنڊت لاءِ، ڪنهن کي ڪفن لاءِ ته ڪنهن کي ڪاٺين لاءِ…..

اکين مان ڳوڙها وهائيندي، هو ڪجهہ اهڙي راز ڀري لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ هن جو  پيءُ مري چڪو هو ۽ پاڻ گهر جو مالڪ بڻجي چڪو هو، آواز مان، چال مان، بنا ڪنهن اُدم سان حاصل ڪيل حق جي جهلڪ ظاهر ٿي پيئي هئي.

دوست اچي وڃي رهيا هئا، زالون روئڻ جون تياريون ڪري رهيون هيون ۽ ننهن کي ڏڍ ڏيئي رهيون هيون. بنگلي جي اندر توڙي ٻاهر ڪافي ماڻهو ڪٺا ٿي ويا هئا. جي جدا جدا ٽولين ۾ ورهائجي، جدا جدا موضوعن تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ ساڳئي وقت چمن مهتا جي موت جو انتظار به ڪري رهيا هئا. جنهن لاءِ ڊاڪٽرن جي راءِ موجب بس ڪن گهڙين جي ئي دير هئي.

اهي ڪجهہ گهڙيون گذري ويون..
ڪجهہ منٽ به گذري ويا…
گذرندي ڪجهہ ڪلاڪ به گذري ويا….
ٻڍو ساڳيءَ ريت بستري تي پيو هو. ساڳيءَ طرح ساھ کڻي رهيو هو. نڪرندڙ ساھ واپس ته نٿي موٽيو، پر اکين جي چمڪ وڌندي ٿي ويئي.

پيءُ ٽجوڙيءَ مان نظر ڪڍي، پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ پيءُ جي اهڙي نظر ڏسي گهٻرائجي ويو. هن محسوس ڪيو ته جنهن راز کي هن سالن کان پنهنجي پيءُ کان لڪايو هو، سو اڄ پيءُ جي هڪ نظر سان هن جي اڳيان ظاهر ٿي ويو هو. هاڻ ٻنهي جي نظر هڪ ٻئي تي هئي. پيءُ جي پٽ تي ۽ پٽ جي پيءُ تي……. ٻئي دشمن هڪ ٻئي جي سامهون کڙا هئا ۽ وچ ۾ هئي دولت!

جڏهن صبح جو پنج وڳا، تڏهن ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق ٻڍي ۾ جان واپس اچڻ شروع ڪيو. سڀني ماڻهن پٽ ۽ ننهن کي واڌايون ڏنيون. پاڙي وارن، عزيزن وغيره جن رات جو اوجاڳو ڪڍيو هو، سي پنهنجي پنهنجي گهر وڃي سمهي پيا.

صبح جو نائين وڳي ٻڍَي جي گهر مان روئڻ پٽڻ جو آواز اچڻ لڳو. اوڙي پاڙي وارا، گهٻراهٽ وچان نه، پر تسڪين وچان، پنهنجي گهرن کان نڪتا، آخر اها گهڙي اچي ئي وئي، جنهن جو هنن کي انتظار هو. اسين سڀ ڊڪون پائيندا،  بنگلي جي دروازي تائين پهتاسين، جو سڀني جي واتان ساڳيو سوال نڪتو، ”ڇا ٻڍو مري ويو؟“

بنگلي جي دربان پٺاڻ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”نه جناب… ٻڍو ته زنده آهي، هن جو پٽ مري ويو آهي…. سندس دل ٽٽي پيئي…..“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close