سنڌياڻي

تنوير عالم جوکيو

"اي مائي ڪير آھين؟
ھٽي پري ٿي متان چڀاٽجي وڃين…….  پري ٿي پري….
اسان ھتي جبلن کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو،
تنھنجي ڪھڙي حيثت… ؟
جو ھيڏي وڏي مشن کي مُنھن ڏئي سگھين…
ڀڄي جان ڇڏائي…..
ڪير آھين….  …
جو صفا پنھنجي سِر مان وِرتئي آھين……”

"آئون سنڌياڻي آھيان
ھن ڌرتي جي ڌڃاڻي آھيان
ڪوھستان جي نياڻي آھيان،
ھنن جبلن کي جهاڳڻ واري سسئي آھيان..
ھڪ سنڌياڻي آھيان……”

"اي مائي…!
گبولياڻي آھين؟
جوکياڻي آھين؟
ٻروچياڻي آھين؟
برفتياڻي آھين؟
ٻُري آھين؟
ڪاڇيلي آھين؟
خاصخيلياڻي آھين؟
ڪھڙي ڳوٺ جي آھين؟
تنھنجي ڳوٺ جو  وڏيرو ڪير آھي؟”

” اي جابر!
اي غاصب!
اي قابض!
آئون سنڌياڻي آھيان….!
ھنن دڳن جي ڌيءَ آھيان…
هنن ڀِٽن جي ڀيڻ ۽
هنن ماڳن جي ماءُ آهيان….
ڪنھن وڏيري جي واڳ ۾ ناھيان،  خودمختيار سنڌ جي سنڌياڻي آھيان
اي بدبخت….!
تنھنجي ڇا مجال
جو اسان جي ڌرتي تي پنھنجو پليت پير پاتو آھي.
انھن وڏيرن کي لالچ جي وِڏ کارائي
اھڙو سولو ڌرتيءَ تي قابض نٿو ٿي سگھين….
اي دشمن…!
اڃان اسان جي سپوتن ۽ جوڌن جي لڱن ۾ سنڌياڻين جي ٿڃ جو کير رتُ تي ڊوڙي پيو..
جنھن ڏينھن اھي جاڳيا…..
ھن ڌرتي جا ڀاڳيا….
ان ڏينھن تنھنجي وڏن جي بہ ايڏي اوقات نہ ٿيندي جو سنڌياڻين جي مٿي تان گنڌي لاھين….
چارديواري جو تقدس پامال ڪن….
تون مون کان ٿو سوال ڪرين،
آئون ڪير آھيان!!!!؟؟؟
منھنجو ھنن جبلن سان روح جڙيل آھي ھتي مون کيٽ پوکيا ۽ لُئا آھن…
جھنگ ۾ راتيون جاڳي پورھيو ڪيو آھي…
توکي ڇا خبر سنڌ جي ڪوھستان جي ۽ سنڌياڻين جي…..!
وڃ انھن دلال وڏيرن کي وِڏ چٽائي………  آئون سنڌياڻي آھيان………..”

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close