خــــواب جـــو مـــــوت…

تنوير عالم جوکيو

سنڌ ۾ ھر سال جيان پوندڙ برسات ۾ بجلي پيدا ۽ مھيا ڪندڙ ادارن جي غفلت ڪارڻ ڪيئي انسان ۽ انھن سان گڏوگڏ بي زبان جانور پنھنجيون جانيون وڃائي ويھندا آھن.

ڪراچي شھر ۾ حسين آباد واري علائقي ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو جتي ھڪ نوجوان پنھنجي ڳورھاري زال ڏانھن اکين ۾ خواب سجائي وڃي رھيو ھو، ڇو تہ ڪجھ لمحن ۾ سندس گھر واريءَ جو ويم ٿيڻ وارو ھيو.. کيس اولاد جي نعمت جو اوسيڙو ھيو.

خدا غرق ڪري ڪراچي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ وارن کي، جيڪي ڪراچيءَ وارن کي ڪڏھن بہ بجلي مھيا نہ ڪندا، نہ ئي وري ضرورت مطابق وولٽ پورا ڏيندا… پر جڏھن مينھوڳيءَ موسم ھوندي تہ جتي جتي بجلي جو تارون ڇنل لڙڪيل ھونديون، اتي پوري بجلي ڇڏي ڏيندا جنھن جي ڪري جڏھن مينھن پوندو آھي ڏھاڪو کن يا ان مٿي جانيون اجل جو شڪار ٿي وينديون آھن.

اھو المناڪ منظر سوچي ڪري قلم ساٿ ئي نٿو ڏي ڇا لکي ڇا لکجي…..! ھڪ طرف ڳوھاري وني پنھنجي ور جون واٽون نھاري پئي، تہ کيس پنھنجي ڪُک مان معصوم ٻچڙو ڄڻي ارپڻ چاھي ٿي.. پنھنجي لازوال محبت ۽ وفا جو انعام ڏيڻ لاءِ بي چين… تہ ٻي طرف ھڪ ماءُ پنھنجي پُٽ کي پيءُ ٿيڻ جون مبارڪون ڏيڻ ۽ مٿو چمڻ لاءِ آند ماند ۾ ھئي…

پر…….. افسوس ان نوجوان جو لاش پنھنجي اکين ۾ خواب سجائي روڊ تي مينھن جي پاڻي ۾ تلندو رھيو ۽ سندس ماءُ ۽ زال کيرون ڏيڻ وٺڻ جي انتظار ۾، جيڪو انتظار ھاڻ قيامت تائين پورو ٿيڻ وارو ناھي……

ان خواب جا قاتل ڪَي اليڪٽرڪ وارا آھن، انھن ارمانن، آسن، اميدن جا قاتل ڪَي اليڪٽرڪ وارا آھن، ھڪ پٽ کان پيءُ ۽ ھڪ ماءُ کان پٽ ڇنڻ وارا ڪي اليڪٽرڪ وارا آھن…!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close