سائين مولوي پنھنجي مٽيءَ واري گھر ۾ ستل ھو، سندس گھرواري ٻائي سانڀائيءَ جو ننڊ مان جاڳايوس تہ مسيت واري ٻانگي اڃان ٻانگ ناھي ڏني، ڏسي اچينس متان سجاڳ نہ ٿيو ھجي يا طبعيت ۾ ناچاڪي ھجيس!
سائين مولوي وضو ڪري مسيت ڏانھن روانو ٿيو. ٻائي، جيڪا عورت جي روپ ۾ ڪنھن قنڌار مرد کان گھٽ نہ ھئي، قد ڪاٺ جي پوري پُني، وڏو گول منھن، ڏند کير جھڙا اڇا، ڪراين ۾ چانديءَ جا ڪڙا، لڱن تي سنڌي گج پاتل، ڇھن والن جي سُوسي سُٿڻ، جنھن جا پانچا ذريءَ سان ڀريل، پيرن ۾ اڪثر مرداڻا سپاٽا پاتل، چيلھ تي کير واري پِتري ۽ ڪلھي تي اڪثر ڳئونءَ کي ڏوھائيءَ وقت ونگ وجهڻ وارو ڃڃڻ ھوندو ھوس.
ٻائي، سانڀائيءَ جو اُٿي پھرين مال کي قُوت بُسو ڏيندي ھئي، پوءِ سڄ اڀرڻ کان اڳ واري واري سان پھرين ھڪ ھڪ ڪري ڦر واري ڳئونءَ جا ڦر ڇوڙَي ڇڏيندي ھئي، جئيسين ڳئونءَ وارو ڦر ڪجھ ڌائي وٺي؛ پوءِ ونگ وجهي ڳئونءَ جي پُڇ سا اوھ اُگِھي، ڏوھائي ڪندي ھئي. کَٽر ڳئون مان بہ کير ڪڍڻ جو ڏانءُ ايندو ھوس. تيسيتائين سائين مولوي نماز پڙھائَي ھوٽل تان بسڪوٽ، روٽيون، کارا وغيرہ جو ڀريل ڳوٿرو آڻي، پنھنجي مٽيءَ واري گهر جي اڳيان پن وارن پکن ۽ نِکن واري ڇاپري ۾ ويھندو ھو. ٻار اٿِي چانھ ۾ کارا بسڪوٽ ٻوڙَي کائيندا ۽ اسڪول لاءِ نڪرندا ويندا ھئا.
جڏھن سائين مولوي اسي واري ڏھاڪي ۾ سرڪاري نوڪري مان رٽائر ٿيو ھو، تہ وقتي طور سندس آمدني گھٽ ٿي وئي هئي، پر ان وقت سندس سگھڙ زال ٻائي رليون سُبِي ڪري گھر جو گاڏو ھلائڻ ۾ مدد ڪندي ھياس. پورھئي کي ڪڏھن عيب نہ سمجھيائون، ايتري قدر جو تر جي نياڻين جي ڏيج جو رليون، لَيڦ، سيڄ واري سوڙَ تائين ٻائيءَ وٽان سبرائبا ھئا. جھڙو سائين مولوي پاڻ فقيراڻي طبعيت وارو ھو، تہ رب بہ سندس ليک ۾ سگهڙ زال لکيس. سائين مولويءَ جي گهر مان ڪڏھن ڪو خدا جو ٻانھون بکيو يا اُڃيو ڪانہ نڪتو. ڳوٺ سڄو پريشان ھوندو ھو، تہ سائين مولويءَ جي پورت ڪئين ٿي ٿئي؟ سائين مولوي جو پنھنجو اولاد بہ جهجو، مٿان سندس ننڍو ڀاءُ بہ ٻارن ٻچن سوڌو سائين مولويءَ جي ڪفالت ھيٺ… پر ڪڏھن بہ سائين مولويءَ جي گهر جي چُلھ ڪانہ اجُھاڻي.
سائين مولوي ۽ ٻائي پنھنجو رت ست ٻار نپائڻ ۾ لڳائي ڇڏيو، جيئن اولاد جي حياتي آسودگي سان گذري. جڏھن ٻائي پنھنجي ھٿن سان قميض ۽ چولو سبي نياڻين ۽ پُٽن کي پارائيندي ھئي، تہ سندس چھرو ٻِھڪي پوندو ھو. سائين مولويءَ، پنھنجي رٽائرمنٽ کان پوءِ جيڪا رقم گريجوٽي جي صورت ۾ ملياس، تنھن مان ھڪ ڪار گاڏي وٺي پنھنجي ڀاءُ کي ڏنائين تہ ڀاڙي تي ھلائي، جئين گھر جو خرچ پکو بہ نڪري پوي، سندس ڀاءُ جو بہ ھٿ کلو ھجي ۽ بيماري سيماريءَ ۾ دوا درمل لاءِ ٻار ٻچو سولو ٿي پوي.
ھر انسان جي زندگيءَ ۾ لاڙا چاڙھا ايندا آھن، ڏک سک ايندا آھن، پر جيترو سائين مولوي ۽ ٻائيءَ ڏک سک ۾ ھڪ ٻئي سان نڀائيو، ايترو متان ڪنھن نہ نڀايو ھجي. انھن نہ ڪڏھن مَڏِي مَيڙِي، نہ ڪڏھن ماڙِي جَوڙِي، جيڪو آيو، کاڌو کارايو ورھايو، پر ڪڏھن سٿا ڪري ڪانہ سٿيو. شايد انھيءَ ڪري ڪڏھن سائين مولوي جو ھٿ تنگ نہ ٿيو.. برڪت سندس ڪا ڀاڳ ۾ لکيل ھئي شايد.. سائين مولوي ۽ ٻائيءَ وٽ چوپايو مال ۽ اولاد ھڪ ئي نظر سان پالبا پيا ھئا. بي زبان وھٽ بہ ٻائيءَ کي پري کان ڏسي واسڻ شروع ٿي ويندا ھئا.
ٻائيءَ جي روز جي بنياد تي اھا ڪِرت ھئي. ڳئون ڏوھائي ڪرڻ کان پوءِ کير جي ھڪ پتي ٻارن لاءِ رکبي ھئي، ٻار اسڪول تان رسيس ڪري اچي چانھ پيئندا ھئا. باقي کير لسيءَ واري ماٽيءَ ۾ ڄارائڻ لاءِ وجهي ڇڏبو ھو، جيڪي ايندل ويندل لسيءَ جي طلب ڪندا ھئا، سا تن کي پئي پياربي ھئي. جڏھن کير ڄاپِي ويندو ھو، تہ ٻائي ماٽيءَ ۾ منڌيو وجهي، لسي جُڳيندي ھئي. ٻائيءَ جي ھٿ جي لسي ۽ مکڻ ڏاڍو مشھور ھوندو ھو. ڀر جي ڳوٺن جا ٻار روز ٺُولا کڻي ٻپھيرن جي ماني لاءِ سائين مولويءَ جي گهر لسي وٺڻ ايندا ھئا. جڏھن سائين مولويءَ جي پھرين گهر وارِي گذاري وئي، جنھن مان کيس ٽي پُٽ ٻہ نياڻيون ھيون، تڏھن ٻارن جي تربيت ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ لڳيس، ڇاڪاڻ تہ ڳوٺ واري جامع مسجد جو خطيب هجڻ ڪري ھر مرڻي پرڻي ۾ سندس وڃڻ ضروري ھوندو ھو. ڪٿي کيس خير ختمي جي دعا لاءِ بہ وڃڻو پوندو ھو. پوءِ ٻي گهر واري جي صورت ۾ ٻائي پرڻجي آئي. تڏهن گهر سڄو جھڙوڪر ٻائيءَ جي حوالي ٿي ويو، توڻ سانجهڻ ۽ پھرين گهر واريءَ جا ٻار بہ ٻائيءَ جي بلي ٿي ويا. وقت گذرندو ويو، رب جي ڪرم سان ٻائيءَ کي ستن پٽن ۽ ٽن ڌيئرن جو اولاد نصيب ٿيو. سائين مولوي ۽ ٻائيءَ ٻارن جي پرورش ۽ تربيت اھڙي ڪئي، جو ٻارن ۾ پيار، محبت، پنھنجائپ ۽ ايثار جو جذبو ڀرپور نموني ڀريل ھو. ڪڏھن بہ ٻارن کي اهو گمان بہ نہ ٿيو تہ ڪو اسين ٻن مائرن جو اولاد آھيون. جتي ايڏو ڪُٽنب قبيلو گڏ قرب ۽ پنھنجائپ سان رھي، تہ يقينن حاسدن ساڙولن لاءِ اھا ڳالھ ھضم ٿيڻ جھڙي ڪانہ ھئي، پر ڪري بہ ڪجھ نہ ٿي سگھيا. سائين مولوي ۽ ٻائيءَ ڪڏھن بہ اولاد کي سَگهي اَگهي رشتي جي منجھارن ۾ پوڻ ئي نہ ڏنو. پرورش ۽ تربيت جو اثر ورھين تائين ھلندو آھي. ڪيڏو نہ شاھڪار دؤر ھو، جڏهن اوڙو پاڙو پاڙسرين وٽ پير ڀريندو ھو. سائين مولوي ۽ ٻائيءَ کي گهڻو ڪري اوسي پاسي ۾ رھندڙ جوکين، ٻروچن، گبولن، خاصخيلين، رندن، ماڇين، لورن ۽ ميگھوارن جي پاڙي وارا عقيدت ۽ پنھنجائپ ۾ سائين وڏو يا بابا ۽ امان ڪري سڏيندا ھئا. سائين مولوي جيترو عالم فاضل ھو، اوترو ئي ڳري سادگي پسند بہ ھو. سندس مُنھن تي اڇي سونھاري ھوندي ھيس، اڇا ڪپڙا ۽ اڇو پٽڪو پائيندو ھو، ھٿ ۾ اڇي رنگ جي تسبيح ۽ پيرن ۾ بوٽ پائيندو ھو.