گُل حسن ڪَلمتي جي ڪِتاب ”ڪالاش ڪافرن جو ديس“ جو مختصر جائزو

امين جويو

جيڪڏهن ڪنهن عاشق جي عِشق جي انتها معلوم ڪرڻي هُجي ته اوهان اُن کان اِهو پُڇي ڏِسو ته هو ڪيترا دفعا ناڪام ٿيو آهي؟ هُن جي جَوابَ منجهان اوهان کي خبر پوندي ته عاشق، عِشق ۾ ڪيتريون چوٽون کاڌيون آهن! ڪجهہ اهڙو ئي حال هن سفرنامي جو به آهي!

سائين گُل حسن ڪَلمتي ۽ زبيدا بِرواڻي اپريل، 2003ع ۾ ٿيل ناڪام ياترا کان پوءِ، هِڪ ڀيرو ٻيهر جولاءِ، 2004ع ۾ ساڳئي رستي، ساڳي منزل ماڻڻ لاءِ روانا ٿيا ۽ نيٺ هن ڀيري چِترال ۽ ڪالاش وادي تائين پُڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا! (هن ياترا ۾ ڊاڪٽر وَجيد بَنگش ساڻن گڏ ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هو اُن وقت سعودي عرب ۾ ڪنهن ڪمپني ۾ نوڪري سانگي ويل هو.)

هن دِلچسپ ۽ ڄاڻ سان ڀرپور سفرنامي جو مهاڳ جڳ مشهور سيلاني سائين الطاف شيخ لکيو آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب لکي ٿو ته ”گُل حسن ڪَلمتي جو هي ڪتابُ ’ڪالاش ڪافرن جو ديس‘ پڙهڻ سان اُن عِلائقي ۽ ان جي ماڻهن جي چڱيءَ طرح سان ڄاڻ مِلي ٿي ۽ مون کي پَڪَ آهي ته هِي ڪِتاب پڙهڻ سان هر هِڪَ جي دِل اُهي حصا ڏسڻ لاءِ تانگهہ محسوس ڪندي، گُل حسن نه فقط اُتي جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ حالتن جو دِلچسپ احوال لکيو آهي پر اُن پاسي جي جاگرافي ۽ اُتي پهچڻ جو بَيان پڻ پيرائتي نموني ڪيو آهي، ان ڪري هي ڪِتاب هڪَ بهترين گائيڊ طور پڻ ڪتب اچي سگهي ٿو.“

جڏهن ته ڪِتاب جي ليکڪ ’پنهنجي پاران‘ لکيل حصي ۾ چيو آهي ته ”هِن ڪِتابَ کي سن 2004ع ۾ ڇپيل ڪِتابَ (برف جو دوزخ) جو تسلسل سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن سال 2003ع ۾ چِترال ويندي اسان لواري ٽاپ تي برفاني طوفان ۾ ڦاسي پياسين ۽ چِترال ۽ ڪالاش نه وڃي سگهياسين. جڏهن 2004ع ۾ اها ڪٿا (برف جو دوزخ) نالي سان ڇپجي پڌري ٿي ته، هن رولاڪ روحَ جي هرکر ويتر وڌي وئي ۽ اُن ئي سال 2004ع ۾ چِترال وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ورتو. هن ڪتابَ کي سال 2005ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيڻو هو، پر ڪجهہ سببن جي ڪري هي ڪتابُ ڇپجڻ ۾ ڇھ سال لڳي ويا!“


 ڪتاب ’برف جو دوزخ‘ جو جائزو ھن لنڪ تي پڙھندا:

گُل حَسن ڪَلمتي جي ڪتاب ”بَرف جو دوزخ“ جو مختصر جائزو

هِن ڪتابَ جي صفحي نمبر ٻاهترهين تي سائين گُل حسن ڪَلمتي هِينئن لکيو آهي ته ”مُنهنجا ٻئي پيرَ، سُن ٿي چُڪا هئا! ۽ چيلھ کان هيٺ ڄَڻ ته ساھ ئي ڪو نه هو! سامهون ڏِٺم ته زُبيده بِرواڻي چيلھ تائين برفَ ۾ پُورجي چُڪي هُئي..!


سائين گُل حسن ڪَلمتي پنهنجي هن ڪتابَ جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ”ڪالاش واسين جي حوصلي، همت ۽ ويساھ کي ارپيم، جيڪي ايترن حملي ڪندڙن ۽ مذهبي پرچارن جي باوجود پنهنجي سَڀيتا کي سنڀاليو اچن۔“

ليکڪ ۽ زبيدا بِرواڻي هن ڀيري چِترال/ تَمرگره ۾ رهندڙ دوست عُمر زاده يوسف زئي جي دعوت تي ويا ۽ هنن لڳ ڀڳ سڀئي طئي ڪيل ماڳ مڪان گُهميا. هن ڪتاب ۾ ”برف جو دوزخ“ واري سفرنامي ۾ بيان ڪيل معلومات ۽ رستن جو تمام گهڻو وَرجاءُ ٿيل آهي، جنهن جي وضاحت ليکڪَ اڳواٽ ئي پنهنجي پاران لکيل حصي ۾ ڪري ڇڏي آهي.

هن ڪِتابَ ۾ نَون ماڳن مڪانن ۽ نظارن جي شروعات صفحي نمبر اٺهترهين کان ٿئي ٿي، جتي ليکڪ چِترال واديءَ کي (رنگَ ، خوشبو ۽ ناچ جي دُنيا) چوي ٿو.

چِترال ۾ عُمر زاده يوسف زئي سندن مُلاقات عِنايت الله اسير ۽ شاڪر سان ڪرائي ، جن ليکڪ ۽ زبيدہ برواڻي کي چِترال گهمائڻ ۾ مدد ۽ رهنمائي ڪئي.

ڪِتابَ ”برف جو دوزخ“ ۾ ذڪر ڪيل ڄاڻ ۽ ماڳن مڪانن کان سَواءِ، ليکڪَ هن ڪِتابَ ۾ جن عِلائقن ۽ تفريحي ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ چِترال جو پهريون ڳوٺ عُشريت، ارندو چوڪ، دُروش، ريشن، ترچ مير، ڪالاش ندي، چِترال ندي، گرم چشمو، بکر آباد، چمرڪن، جوٽي لشٽ، بروز جون واديون، آئيون وادي، بمبوريت وادي، رمبور وادي، درخانده، ڪراڪار، انيش، برون، وادس، پهلوانده، بتر، شيخان، ڪنديسار، راگ نٽ، بشالي، لڪشن بي بي جو ريسٽ هائوس، بلپهوڪ، بوني، بلچ، سنگور، شالي، لٽڪوھ، ڀپلي، شغور موغ، ارخري، بدخشان، ريشن، چرون، مستوج، برنس، گرين لشٽ، ڪوغزي راغ جي وادي، مستوج درياھ، زئيت، ڪوراغ، ڪندان، مَلڪو، شيندرو لڪ، بروغل وادي، ڪشمانيا، چڪار، لشڪر گاز، درڪوت لڪ، بابو سر لڪ، درياھ يار خون، ڪُنڙ درياھ، چترال ميوزيم، چِترال وارو قلعو، ڪُمراٽ، شرينگل واري پهاڙي بازار، چيڪاتن، ٿل، سائوني، ڪلڪوٽ، بيار، بريڪوٽ، دِيرِ ڪوهستان، لاموتي، بوتوڙ، اسپين ڍنڍ، ڪنڊلو ڍنڍ، دوجنگا، روستون، جار پنڪور، ڪُنڊل، گلگت، زور، ڪاشڪين، چاروٽ، پيريا نوغز، شڙمائي، گُنيار، مالاڪنڊ جابلو سلسلو، بٽ خيلا ۽ سوات شامل آهن.

هن ڪتابَ مطابق چِترال جي وادين ۾ ڪالاش ماٿري اهم آهي، جنهن کي ڪافرستان به چوندا آهن. ڪالاش جون ٽي واديون تمام گهڻيون خوبصورت ۽ گهمڻ جوڳيون آهن. انهن جا نالا بمبوريت، رمبور ۽ بيرير آهن. هنن وادين جا ماڻهو صدين کان پنهنجي هِڪَ ڌار سُڃاڻپ رکن ٿا ۽ هنن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب، مذهبي عقيدا ۽ ريتون رسمون هن مُلڪ ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن ۽ قومن کان بلڪل الڳ ٿلڳ آهن.

سندن مذهب ڪهڙو آهي؟ اُن کي ڪهڙي نالي سان سڏجي؟ اُن جي خبر کين به نه آهي! هنن وٽ ڪجهہ مذهبي رسمون ۽ ڪُجهہ مذهبي پيشوا آهن. هو پنهنجن مذهبي رسمن ۽ تهوارن کي هزارين سالن کان سانڍيون پيا اچن. چِترال جي ڪالاش ماٿري جي ٽنهي وادين ۾ هاڻي رڳو چار هزار کن ڪافر وڃي بچيا آهن (نوٽ: اها ڳالھ سال 2004ع جي آهي)

هِن ڪتابَ جي ليکڪ مطابق؛ ”ڪيلاش ماٿري ۽ چِترال جي ڪلچر، خوبصورت وادين کي گهمڻ ۽ انهن حسين وادين جي تاريخ تي لِکڻ لاءِ پورو هڪ سال گهرجي. ڇاڪاڻ ته ڪالاش جي ٽنهي وادين ۾ هر ڏينهن، هر رات ۽ هر موسم جي الڳ اهميت آهي. سال ۾ جيڪڏهن ٽي سئو چوهٺ ڏينهن آهن ته ڪالاش ۾ ذري گهٽ اوترائي تهوار (ڏڻ) آهن! باقي اسان وانگر سَرسري طور اچڻ ۽ سَياحن وانگر گُهمي، ڪي ڪچهريون ڪري واپس ورڻ وارو ليکڪ ڪالاش جي تاريخ ۽ تمدن سان انصاف نه ڪري سگهندو.“

ليکڪ هن ڪِتابَ ۾ رڳو بمبوريت ۽ رمبور وادين جي حسين نظارن، تواريخ ۽ اُتان جي ماڻهن جي رسمن رواجن ۽ رهڻي ڪهڻي جي بابت ڄاڻ ونڊي آهي، جڏهن ته هو ڪيلاش جي ڪافرن جي ٽين حسين وادي ”بيرير“ نه وڃي سگهيو. جنهن جو ڏُک ۽ حسرت کيس اڄ ڏينهن تائين هوندي.

بهرحال هِي ڪتاب واقعي به هِڪ گائيڊ جيتري اهميت رکي ٿو. هن ۾ ليکڪ پڙهندڙن کي مٿي بيان ڪيل عِلائقن بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هن ننڍڙي ڪِتابَ ۾ ڄڻ ته سڄو ڪيلاش پربت ۽ چِترال جُون سموريون حسين ۽ دِلڪش واديون سمائي ڇڏيون اٿس، اُن لاءِ هو کيرون لهڻي.

آخر ۾ آئون اوهان پڙهندڙن کي اهو به ٻُڌائيندو هَلان ته هن سفر دوران به ليکڪ سان رمبور نديءَ وٽ هِڪ حسين حادثو پيش آيو! جنهن ۾ سندس کاٻي پير جي آڱوٺي کي شديد ڌڪُ لڳو پر اُن کان وڌيڪ ڌڪُ سندس دِل ۾ به لڳو هوندو! جنهن جو اظهار هُن کُليل لفظن سان هن ڪِتابَ جي صفحي نمبر هڪ سئو ڏهين ۽ هڪ سئو يارهين تي ڪيو آهي. ۽ حقيقت به اها آهي ته سُونهن هر ڪنهن کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ٿي ۽ مُتاثر به ڪري ٿي!

جنهن به ماڻهو کي مٿي بيان ڪيل عِلائقن جي سفر ڪرڻ يا ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو شوق هُجي، اهو هِي ڪِتاب ضرور پڙهي ۽ اِن پاسي سفر ڪرڻ وقت هِي ڪِتاب پاڻ سان گڏ رکي ته اڃا به وڌيڪ بهتر رهندو. هن ڄاڻ سان ڀرپور ڪِتابَ جا ڪُل صفحا هڪ سئو ٽيهـٺ آهن ۽ هِي نئون نِياپو پبليڪيشن ، ڪراچي وارن سال 2011ع ۾ ڇپرايو هو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close