مٽيءَ لڌو مان – قسط 2

ڪھاڻي : تنوير عالم جوکيو

سائين مولوي وٽ سرڪاري نوڪريءَ دوران ذاتي سواري لاءِ ھڪ سھراب سائيڪل ھوندي ھئي، جنھن تي چڙھي صبح سوير اسڪول پڄندو ھيو. شام جو ڏانٽو کڻي نڪرندو ھو ۽ چوپايي مال لاءِ گاھ لُڻي پنھنجي سائيڪل تي وڏي ڀَري ٻڌي کڻي ايندو ھو.

سائين مولوي محنت ڪندڙ ھو، سدائين چھري تي مُرڪ ھوندي ھياس، ڪڏھن ڪاوڙ نہ ڪيائين، جيڪا ڳالھ نہ وڻندياس تنھن تي خاموشي اختيار ڪندو ھو. ائين ئي ٻائي رڌ پچاءُ سان گڏوگڏ گھر جو سمورو ڪم ڪندي ھئي. ديوي جا وڻ وڍي، انھن مان ٿوڻيون ڪڍي ڪيڏي مھل رڌوڻي جي مرمت پئي ڪندي ھئي، تہ ڪيڏي مھل ائيَن [ ٻڪرين] لاءِ ڀُونگي پئي اڏيندي ھئي، تہ وري ڪيڏي مھل پاڻيءَ وارن ڪورن مَٽن ۽ گھڙئين مٿان ڇاھيءَ جو بندوبست ڪندي ھئي. ٻائي ڪڏھن بہ پنھنجي ٻارن کي ھڪ ھڪ الڳ ڪري کاڌو نہ کارايو، جڏھن سڀ ٻار گڏ ٽولي ڪري ويھندا ھئا، پوءِ ماني ملندي ھُيان. جيئن کاڌي ۾ برڪت پوي ۽ ٻارن ۾ پيار ۽ قُربت وڌي، ان ڪري جيڪو ٻار رڌوڻي ۾ ايندو، ويھندو ٻين جي اچڻ جو انتظار ڪندو، پوءِ سڀ گڏجي ماني کائيندا ھئا.

سائين مولوي بہ شفيق پيءُ جيان ٻارن سان مُحبت ڪندو ھيو، انھن جي نظرداري ڪندو ھو. سانجھي نماز پڙھي ايندو، تہ سڀ ٻار گھر ۾ ھوندا ھئا ڪنھن بہ ٻار کي ڦِٽو رُلڻ نہ ڇڏيندو ھو. سائين مولوي تمام سادگي سان زندگي گذاري، هو دنياوي لوڀ لالچ کان گھڻو پري ھو، تنھنڪري ڪڏھن بہ پنھنجي ڀائرن کان اباڻي ملڪيت جي ورھاست يا حصو پتيءِ تي زور نہ ڏنائين. سدائين چوندو ھو ان ڍونڍ لاءِ رشتا ناتا ڀائپي خراب نہ ڪجو، اھو اتي ئي پيو ھوندو، اعمال سڌاريو. گھٽ آمدني پرسڪون زندگي ھئي، دنيا جا لذيذ کاڌا تہ نہ ھئا، پر سائين مولوي جي گھر ٺڪر واري پاٽ ۾ رات جو اڇو ڀت، جنھن ۾ ڪڏھن چونرا تہ ڪڏھن مُڱ پيل ھوندا ھيا، جيڪو کير ۾ ڳوھي کاڄبو ھيو. سڄي گھرڀاتين جي ھر ڀاتيءَ جي ڪپڙن جا ٽي وڳا ھوندا ھيا، نہ ڪو ڪپڙن جا ڪٻٽ ڀريل نڪو ٽجوڙي ۾ زر زيور جا انڀار… بس سادگي ھئي، جياپي لاءِ ڀائپي ھئي.

سائين مولويءَ جي گھر ۾ سندس ٻارن سان گڏ مٽن مائٽن جو اولاد بہ پيو پلجندو ھيو، پر ڪڏھن مولوي تنگدستي يا اڻ ھوند جون ميارون نہ ڪيون پنھنجي اولادن جھڙي ئي تربيت ڪئي. ٻائي بہ ڪڏھن سائين مولوي کان ڪا فرمائش نہ ڪئي، جھڙو ڏنائين، جيڪو ڏنائين، بسم ﷲ.. ٻائي کي چِيٽ جو ڪپڙو گھڻو پسند ھيو. سائين مولوي جي کَڙاھ کان ٻاھر ويجھو ئي فقير جوکئي جي راشن جو ھٽ ھيو، جنھن کي تر جا ماڻھو ايڌي ستار ڪري سڏيندا ھيا، جيڪو سائين مولوي جي ويجھن دوستن مان ھيو، جنھن پنھنجي ڳوٺ ۾ ديني مدرسي جي پيڙھ جو پٿر بہ سائين مولويءَ جي ھٿان رکايو. فقير جوکيو بہ فقيراڻي طبعيت جو ھيو جنھن کي سدائين غريبن جو الڪو ھوندو ھيو، ڪڏھن يتيم نياڻين کي پرڻائيندو ھيو، ڪڏھن اکين جي علاج لاءِ ڪيمپ لڳائيندو، تہ ڪڏھن ڳوٺن ۾ پاڻيءِ لاءِ ھٿ وارا پمپ لڳرائيندو ھيو. مطلب جھڙو سائين مولوي ﷲ لوڪ، تھڙا ئي سندس سنگت وارا ھيا، جن وٽ انسانيت افضل ھئي. مسجد جي ڀر ۾ ﷲ بخش جي ھوٽل ھئي، جيڪو فقير ايڌي جو ڀاءُ ھيو. تنھن جي بہ سائين مولوي سان گھڻي لڳندي ھئي. اھو بہ درويش صفت انسان ھيو، جنھن جي ھوٽل مستانن جو ٺڪاڻو ھيو. ﷲ بخش جي ھوٽل چرين کرين بي وارثن لاءِ ڪنھن ڇپر ڇانو کان گھٽ نہ ھئي، جتي کين بنا ڏوڪڙن جي چانھ ملندي، ماني ملندي، سمھڻ لاءِ رلي وھاڻو ملندو، جيترا ڏينھن رھن، کائين پيئن.. سڀ خُداڪارڻ جي واٽ ۾ ھيو. ‌ھوٽل جي پاسي ۾ ميراڻ لوري جي ننڍي جُڳي ھئي، جيڪو لوھ ڪُٽيندو ھو جنھن وٽان سائين مولوي ڏانٽي جا ڏند ٺاھرائيندو ۽ ڪھاڙي ٺپائيندو ھو. پاسي ۾ ئي پيروز عيسباڻي جوکيو ھوندو ھو، جنھن کي سڀ ٻار واڍو ڪري سڏيندا ھيا جيڪو کٽ جا پاوا اِيسون، لسي جُڳڻ لاءِ منڌيا ٺاھي ڏيندو ھو. جيئن سائين مولوي جا فقير ايڌي ۽ ﷲ بخش دوست ھيا، تيئن ئي انھن جون گھر واريون ٻائيءَ جون سرتيون ھيون. مرڻي پرڻي ۾ مھل ڀريندا ھيا ڏک سک ۾ ساٿ نڀائيندا ھيا.

ھلندڙ

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close