وجود جو آجپو (ڪھاڻي)

الطاف احمد

ھن کي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ ڪو ٿلھو متارو طاقتور شخص ھن جي پٺيان لڳايو ويو آهي، جيڪو ھر وقت ھن جي پٺيان ھن سان ھلي رھيو آھي. پل پلن سان ھڪٻئي پٺيان ھلندا پنھنجي وجود کان آجا ٿيندا رھن ٿا.. ۽ ھو بہ آجو ٿيڻ چاهي ٿو، ان شخص کان، جيڪو ھن جو پيڇو ڪري رھيو آھي.

ھو وري وري پٺيان منھن ورائي ڏسي ٿو. کيس ڪجهہ بہ نظر نٿو اچي پر جيئن ئي اڳيان ھلڻ لڳي ٿو تہ ھو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو تہ ڪوئي آهي، جيڪو ھن پٺيان ھن سان گڏ ھلي رھيو آھي.

ھو ٿورو تڪڙو ھلڻ لڳي ٿو تہ ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ اھو ٿلھو متارو شخص بہ تڪڙو تڪڙو ھلڻ لڳي ٿو. ھو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي ڊوڙڻ لڳي وڃي ٿو تہ ٿلھو متارو شخص بہ ڊوڙڻ لڳي ٿو. ھو ڊوڙندي ڊوڙندي ھڪدم بيھي رھي ٿو…… ٿلھو متارو شخص بہ ھڪدم بيھي رھي ٿو. ھو پٺيان ڏسي ٿو تہ کيس ڪوئي بہ نظر نٿو اچي.

ھو ھڪ ڊگهو ساھ کڻي ٿو ۽ سوچڻ لڳي ٿو تہ ھيء سڀ ھن جو وھم آهي ۽ حقيقت ۾ اھڙي ڪائي ڳالھ ڪونھي، جيئن ھن کي محسوس ٿي رهيو آهي.

ھو وري اڳيان ھلڻ لڳي ٿو….. ھو جيئن ئي اڳيان ھلڻ لڳي ٿو تہ ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ اھو ساڳيو شخص بہ ھن جي پٺيان ھلڻ لڳي ٿو. ھو عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو ۽ وري ڊوڙڻ لڳي ٿو……..!

ڊوڙندي ڊوڙندي ھن کي رات ٿي وڃي ٿي…… ھو ڏسي ٿو تہ ھن جو پاڇو ھن جو ساٿ ڇڏي چڪو آهي، پر…. اھو ٿلھو متارو شخص کيس ڀرسان بيٺل محسوس ٿئي ٿو….. ھن جو سھڪو گهٽجڻ بجاءِ وڌڻ لڳي ٿو…. ھن کي سمجهہ ۾ ئي نٿو اچي تہ انھيءَ ٿلھي متاري شخص کان پاڻ کي ڪيئن آجو ڪري…… ھو وري ڊوڙڻ شروع ڪري ٿو تہ ٿلھو متارو شخص بہ ڊوڙڻ لڳي ٿو. ھن کي سمجهہ ۾ ئي نٿو تہ ھو ڪيڏانھن وڃي ۽ ڪھڙي رخ وڃي، جيئن ھو انھيءَ ٿلھي متاري شخص مان آجو ٿي سگهي!

ڊوڙندي ڊوڙندي ھو پنھنجي شھر کان پري ٿيندو وڃي ٿو، ھن جو جسم ساڻو ساڻو ٿيندو وڃي ٿو….. پر هو ڊوڙندو رھي ٿو.. ڊوڙندو رھي ٿو…..

ڊوڙندي ڊوڙندي اوچتو هن کي ٿاٻو اچي ٿو ۽…… ۽ ھو ڪري پوي ٿو. ھن کي محسوس ٿئي ٿو تہ اھو ٿلھو متارو شخص بہ ھن جي مٿان ڪري پيو آهي…. ھن کي لڳي ٿو تہ انھيءَ ٿلھي متاري شخص جي وزن ڪري ھو دٻجي رھيو آھي….. ۽ آھستي آھستي ھر گذرندڙ پل سان گڏ زمين ۾ ھيٺ وڃي رھيو آھي……. ھيٺ وڃي رھيو آھي….!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close