ٽَڪر تان بِروھين جي لَڏ ٿَي لٿِي. سياري جي شروعات ھئي، جابلو پَٽن تان خشڪ ھوا سنھڙيون پٿريون گھليون ٿي ويئي. ٻہ ٽي ڏاند ھئا، جن تي سامان لڏيل ھو. ھڪ اُٺ، جنھن تي بانس جون لٺيون ۽ ڏنڊا سنڌ ۾ وِڪرَي لاءِ کنيل ھئا. پٺيان ٻہ ڪتا پڇ لوڏيندا ڀڳا ٿَي آيا. مَڙدن جا پير اگهاڙا، سٿڻون ڦاٽل ۽ لُنڊيون. مٿن ۾ عاليشان ٽِڪڙن وارا ڀرت ڀريل ميرا ۽ گندا ٽوپ. وڏا وار، خشڪ، اڻڀا ۽ چِيڙھ پيل.. زائفن کي سھڻي کٿل ڀرت سان ڊگها گَگها. ڏاندن تي وڏا ٻورا رکيل، جن ۾ ڏاس جا وٽيل رسا پيل. ننڍڙا ٻار ڏاندن تي چڙھيل، مائٽن کي سنھا لڪڻ ھٿ ۾ جن سان ڏاندن کي ھڪليندا ٿي آيا ۽ سريلو ”ھي- ھون“ جو آواز پئي ڪيائون. شڪلين جا سھڻا ۽ شاندار، بدن جي بيھڪ ٺاھوڪي.
ھڪڙي ھنڌ مانجهاندو ڪيائون. گودڙيءَ مان سُڪل مانين جا ٽڪر سڀني کي ملي ويا. ٻئي بُجڪي مان سڪل ڏُڌ جا اڇا ٽڪر ڪڍي، پاڻيءَ جي جَمن ۾ وڌائون ۽ سڀني ٻہ ٽي ڍڪ ڀريا. ننڍڙي نون سالن جي پيراڻيءَ چيو، ”سنڌ ۾ شيون کوڙ ۽ سٺيون سٺيون!“ پڻس ٽوپ لاھي جُونئن ھاڻو مٿو کنھيو. ماڻس خفي ٿي ڏانھس نھاريو. ٻين ٻارن جي آڏو مٺين مٺين شين جون خيالي قطارون گُهمي ويون.
سنڌ ۾ پَلال جي جهوپڙين ۾ ويٺا، پَلال تي سمھيا ۽ پَلال جا جوتا ٺاھي پاتائون. بانس جون لٺيون ۽ ڏاسن جا رسا وِڪيائون. ڪڍيون ڪيائون ۽ ڪيڻون ڪڍيائون.
سيارو گذريو ۽ موٽڻ جا سانباھا ٿيا. ٻارڙن کي شيون ڪونہ مليون.
وڃڻ کان اڳ ۾ پيراڻيءَ جي پيءُ زال جي منھن ۾ ڏٺو. سندن اڳيان سڃ ۽ بک ڦِري ويئي. جوڻس ھيسجي پيراڻيءَ جي چولڙي کي ڏٺو، جو اڃان ھاڻي ڌوئي وڌو ھئائين. سندس خاموش بيوس اکين ۾ انڪار ڪين ھو!
پيراڻيءَ جو پيءُ ڀر واري ڳوٺ ۾ آيو. ”سلاماليڪ!“ ڪيائين، ”ادو ڪو ’سنگ‘ کپي؟“ پيءُ جو مطلب ڌيءَ کي وڪڻڻ جو ھو.
سنڌ ۾ سَڱن جي اڻاٺ. ڪيترن جا پڙ باسيل ھئا. ’شل بادشاھ پِير سڀ جي پُڄائي!‘
لالوءَ جي پيءُ پٽ ڏي ڏٺو، مڇن جي ساول. آواز گگهو، ڏاڙھيءَ جا ڇڊا ڇڊا کنڀ بہ نڪتا ھئس. ٻہ ٽي ڄڻا بروھيءَ سان گڏجي ويا.
بروھين جا ڪتا سنڌين کي ڏسي ڇتا ٿي پيا. ھوءَ ھا مچائي ڏنائون. پيراڻي پٺيءَ اگهاڙي ڄُنڊا کليل، ڀڄي وڃي ماءُ جي چولي کي جهليائين. لالوءَ جي پيءُ کيس ھٿ لائَي ڏٺو.
پيراڻيءَ جي پيءُ پڪائي ڪندي چيو، ”ڊُبرو (ڏٻري) ناھي!“
ڪتن ڀونڪ نہ ڇڏي. ڳوٺ جي ٻاھرئين رستي تائين ڀونڪندا ڊوڙندا آيا، کين ٻاهر ڪڍي پُڇ لوڏڻ لڳا ۽ بدن کي ڌُوڻي ٽِڙي پکڙِي ويا. ھنن پنھنجو فرض پورو ڪيو.
ڳوٺ جي ٻاھران ’سٺ‘ روپين تي فيصلو ٿيو. اڄ بروھين پنھنجا تڏا پٽيا. مَڏِي ويڙھجي سيڙهجي، ڏاندن تي پئجي ويئي. ٻارڙن ڳوٺ جون ڳالھيون ٿي ڪيون. ٽَڪر جون ۽ ٽَڪر جي ٻيرن جون..
لالوءَ جو ڳوٺ واٽ تي ھو. پيراڻيءَ جي ماءُ پيراڻيءَ سان بلڪل لڳي ٿي ھلِي. پڻس به کيس آڱر ڏني ھئي.
”ابا ھاڻي ڳوٺ ٿا ھلون!“
پڻس ڪنڌ سان ھائو ڪئي. سندس اندر کاڌو پيو ھو. ماڻس محسوس ڪيو ته ڪا وڏي شيء سندس ڇاتيءَ ۾ اٽڪي بيٺي آھي، جا ٻاھر نڪرڻ لاءِ اُڌما پئي کائي.
لالوءَ وارا اڳيئي بيٺا ھئا. ماڻس مشين وانگر سٽ ڏيئي پيراڻيءَ کي کڻي ورتو ۽ ڇاتيءَ سان چنبڙايو. ماءُ ۽ ڌيءُ جون دليون ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳيون. ماڻھو مڙي ويا. پڻس ڏڪندڙ ھٿن سان پيراڻيءَ جي ٻانھن کي ڇڏايو. ماءُ جو ھنيانءُ ڦِسي پيو، آنڊا وڍجي پيا، دل دانھن ڪئي، ”اڙي، منهنجو پيراڻي ننڍڙو!“
ڇوڪريءَ هيانءُ ڦاڙي دانهن ڪئي. پکي ڀڙڪو ڏيئي اڏاميا.
پَٽ ۾ پيل پيراڻيءَ کي لالوءَ جي پيءُ جهليو. پيراڻيءَ جي پيءُ جي نڪ ۽ اکين جو پاڻي سندس ڏاڙھيءَ مان ٿي ٽميو ۽ ڦٿڪندڙ زال کي جهليائين.
لَڏ رواني ٿي، پيراڻيءَ اوٻاسين ۾ ”ابا ۽ اما“ پڪاريو. ماڻس کي گهليندا ويا ۽ پري کان آواز ايندو رھيو، ”او جي خدا، منھنجو پيراڻي ننڍڙو…! او ٽڪر کي باھ لڳي… سنڌ وسي… منھنجو پيراڻي ننڍڙو!“ ھن وار پئي پٽيا.
ڦٿڪندڙ پيراڻيءَ کي گهر کڻي ويا. ھن بُل پئي کاڌا، ڇڙھيون ٿي ھنيون، ڀڳِي ڀڳِي ٿَي ويئي. لالو ڊوڙندو شيون وٺي آيو. زور سان سندس وات ۾ مصري وڌائون جا اجهڪي سان نڪري آئي. ٻاراڻيءَ ڪچيءَ نڙيءَ مان گگهو آواز اچڻ لڳو، اوٻاسين ۽ سُڏڪن ۾ ڀڳل، ٽٽل ”ابا… امان…“ ٿي نڪتس. ڪنھن کيس سڏ نہ ڏنو.
لالوءَ کي باھ وٺي ويئي، ڪاتي کڻي آيو. اکيون ڦوٽاري چيائين، ”بس ڪر نہ تہ ڪُـھندوسانءِ!“
مٽيءَ ۾ پيل پيراڻيءَ سڄي رھيل طاقت سان چيخ ڪئي…… مائي ڀاڳل پنھنجي ننڍڙيءَ ڌيءَ کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لاتو. ٻڪريءَ ڪن اُڀا ڪري ٻيڪاٽ ڪيو ۽ ڦَر کي چٽڻ لڳي.
پيراڻي اڄ بہ جيئري آھي، سندس ھڪ پُٽ پوليس وارو آھي ۽ ٻيو جيل ۾ آھي.