مون احتياط سان ھن جو مٿو چيرَي، منجهانئس مغز ڪڍيو.
ھن اکيون ڇنڀيون، ھُو بنھہ نارمل لڳي رهيو ھو، بلڪل اھڙو ئي.. ڄڻ ھن جو مغز ڪڍيو ئي نہ ويو ھو.
ھن پڇيو، ”ھي تون ڇا پيو ڪرين؟“
”ڌونئانس ٿو“ مون چيو
”پر ڇو؟“
”ڇو تہ ھي سڄو گند سان ڀريو پيو آھي..“
”پر ڪھڙو گند.. ڇا جو گند..!؟ مون کي تہ ڪڏهن محسوس نہ ٿيو..“
”ھٺ، وڏائي ۽ تڪبر جو گند… ھي ڏس!“
ھو ڪجهہ نہ ڪڇيو..
مون چيو، ”پر ھي ڪوشش باوجود، صاف ئي ڪونہ ٿو ٿئي!“
ھو وري بہ خاموش رھيو.
آئون جڏھن ھن جو مغز سُڪائڻ لاءِ رسَي تي ٽَنگڻ لڳس، تہ ھن رڙ ڪئي، ”پر تون ان کي ايڏي اوچائيءَ تي ڇو ٿو ٽَنگين!؟“
مون آرام سان وراڻيو، ”اوچائيءَ تي ڪونہ پيو ٽَنگيان.. غور ڪر، تنھنجو قد ننڍڙو آھي!؟“