کِلي ڪيون موڪلاڻي..

تنوير عالم جوکيو

سنڌ ۾ ڄمندڙ ھر شخص جي جسم ۾ ھڪ وطن پرست رڳ ھوندي آھي جنھن ۾ رت بُلٽ ٽرين جي رفتار کان بہ گھڻو تيز ڊوڙندو آھي، اھا رڳ تڏھن حرڪت ۾ ايندي آھي جڏھن سنڌ جا سپوت پنھنجي ننگن ۽ دنگن لاءِ سجاڳ ٿيندا آھن ۽ پنھنجي سِر جو سانگو لاھي ڇڏيندا آھن.

جتوڻيڪ سنڌ ۾ وطن پرستي واري فڪر جا ۽ انھن فڪرن جي پوئلڳن جا ڌڙا ڌار ڌار آھن، پر سنڌ جي سيد ۽ ان جا پوئلڳ نرالا ھوندا آھن. خبر ناھي ڇو انھن کي ڪو ڊپ ڊاء خوف نہ ھوندو آھي، سندن سامھون ڦاسي گھاٽ بہ ھجي، تہ جيئي سنڌ چوندا جُمھر ھڻندا ويندا، مجال ڪو رتي جيترو بہ وائڙا  ٿين.

جڏھن سيد کي وڏپڻ ۾ جيل ۾ قيد ڪيو ويو، تہ بہ سنڌ کي پنھنجي جند سڏيندو رھيو.. اول سنڌ آخر سنڌ جو ورد ڪندو رھيو.. وري سيد جي سالار بشير خان قريشي سندس فڪر جي واڳ سنڀالي تہ ڄڻ نئون روح ڦوڪي سيد جو سجاڳي وارو فڪر پروان چڙھڻ لڳو، ڪراچي کان ڪشمور ھڪ ٿي وئي سندس تبت سينٽر وارو لانگ مارچ خطري جي گھنٽي ثابت ٿيو ۽ کيس ابدي ننڍ سمھاريو ويو. پر سندس سپوت صنعان لھي پيو ميدان ۾، بشير خان جي نقش قدم تي فڪر کي سنڀالڻ لڳو.

جڏھن ڇھ جون تي پُر امن ڌرڻي جي اڳواڻي ڪري رھيو ڪجھ شر پسند عناصرن وڳوڙ پيدا ڪيو، جتي صنعان پنھنجي ڪارڪن جي مالڪي لاءِ پير کوڙي بيھي رھيو. اتي ئي سيد جو پوٽو زين شاھ پُر امن ڌرڻي جي مالڪي ڪري بيھي رھيو.

سموري قيادت مٿان دھشتگردي جا قلم لاڳو ڪري گرفتاريون ڪيون ويون. جڏھن زين شاھ ضمانت کان جيل ڪاٽڻ کي اوليت ڏني ۽ پنھنجي پُر امن ھئڻ جو ثبوت ڏيندي رضاڪاراڻي طور قيد ٿيڻ قبول ڪيو. ڀلي حڪومت ثابت ڪري اسين ڏوھي آھيون؟  يا سنڌ جا مالڪ آھيون؟

اتي سڀ کان وڏي ڳالھ زين شاھ جو مرڪندڙ چھرو ۽ سندس ڀاڪر ۾ بھادر نياڻي جيڪا پنھنجي پيءُ جي ڪمزوري ٿيڻ بجائي حوصلو بڻجي رھي آھي ۽ فخر سان بابا سان موڪلاڻي ڪري رھي آھي بابا تون بي ڏوھي ثابت ٿيندين جلد آزاد ئي پنھنجي سنڌ ڌرتي ماءُ جو ڳاٽ اوچو ڪندين، اسين سنڌ جا پُرامن واسي آھيون سنڌ جا مالڪ آھيون. دهشتگرد اهي آهن جن اسان جي سنڌ جو سودو ڪيو ۽ مڪاري ۽ دادگيريءَ سان سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close