نئين ڪويتا

خاڪي جاني

تخليق

مون کان سواءِ
اوهان کي ڪوبه مرد نه چوي ها
جنت جون حورون به
مون تي رشڪ کائن ٿيون
اها جنت جنهن مان
اسان ٻئي اگهاڙا ڪري
تڙيا وياسين
انهي اوگهڙ کي ڍڪ کتو ٿي
اهو ڍڪ ته آئون ئي هيس
پوءِ منهنجي لاءِ
اوهان جو ابو
سالن تائين واجهائيندو رهيو
جڏھن آئون مليس ته
اڌورو ماڻھو مڪمل ٿي ويو
۽ انساني ول
گل جهلڻ لڳي
انهن گلن مان
هڪڙي پنکڙي کي ماڻڻ لاءِ
اوهان قتل کان به نه مُڙيا
۽ آئون پنهنجي محبوب جي قاتل
سان سُتيس
جنهن مان اوهين وجود ۾ آيا.
اوهان پهرين ته ناسمجهي
الائي بي خبري يا
اعليٰ ظرفي جي ڪري
مون کي ديوي جو رُتبو ڏنو
پر پوء
جڏھن اوهان کي پنهنجي مردانگي تي
شڪ ٿيڻ لڳو ته
اوهان منهنجي طهر ڪرڻ شروع ڪئي
۽ واپار تي ويندي
جتان اوهان آيا
ان گس کي ٽوپا ڏيڻ لڳا
ته متان ڪو واٽھڙو
هن رستي تان گذر نه ڪري
اوهان مون کي بازار ۾
وڪري جي شئي سمجهي واڪ لڳايا
مون کي خاص ڏينھن ۾ قيد ڪري
مون سان نفرت جو اظھار ڪندا رھيا
مون کي مڙس سان
جيئري باھ ۾ وجھي
اوھان اندر جي باھ ٺاريندا رھيا
سگهو ئي اوهان کي وڌيڪ عقل اچي ويو
۽ اوهان
منهنجي ڄم کي ملامت سمجهندي
منهنجي جيئري پورڻ کي
بهادري ۽ غيرت جو نالو ڏيڻ شروع ڪيو
اوهان مذھب جي آڙ ۾
مونسان تحفي وارو ورتاء ڪندي
هڪ هٿان ٻي هٿ پهچائڻ لڳا
اوهان جنگ جي ميدان ۾
مون کي هٿيار طور استعمال ڪيو
اوهان ڏٺو ته منهنجي شڪل کانسواء
اوهان جي خوشبو، اوهان جا هنر
بي معنا آھن ته
مون کي اشتهار بڻائي صفا عام ڪري ڇڏيو
مون کي هڪ گهر ڏنوَ
ان ۾ مون کان پورهيو ڪرايوَ
۽ منهنجي پورهئي مان
پنهنجا گهر هلايوَ
مون تي گڏھن وانگي سواري ڪري
ٿڪجي پيا ته
مون کي ڪُتن، سُوئرن، گڏھن ۽ گهوڙن
جي حوالي ڪري
اندر جي حيوان کي خوش ڪندا رهيا
اوهان جي حوس جي باھ
ڏينهو ڏينهن وڌندي وئي
جيڪا منهنجي شلوار
ماهواري جو رت ڏسي ها
ان کان اڳ ان شلوار کي لاهي ڇڏيوَ
۽ اتي وڃي کاٽ ھنيوَ
جتان اوهان جي آمد ٿي هئي
اوهان کي سڪون آيو
يا
اوهان خود کي ڀونڊو ڏنو؛
مون ۾ پنهنجو گند ڀرڻ کان
خوشبوءِ جي ڳولا تائين
مون کي نچائڻ کان ويندي
مون کي لوئڻ تائين
شايد
اوهان کي هڪ پل لاءِ به
اهو خيال نه آيو ته
اوهان نوَ مهينا
مون ۾ ئي تخليق ٿيڻ کانپوءِ
مرد بڻيا آھيو.
ــــــــــــــــــــــــــــــ

پورت

منھنجي گهر جا ماڻھو
پرائي ملڪ جي لاءِ
پنھـنجون حدون ڏئي آيا
ملڪ حاصل ڪـندڙ
ايمبولنس لاء واجهائيندي
وڃي ڌڻي کي پرتا
ھڪڙي گولي
قوم کي رئاري ڇڏيو
بوٽن جا آواز
ھر گهر تائين پھچي ويا
۽
خوف دلين ۾ گهر ڪري
ويھي رھيو
ھڪڙي آڱر اڀي ٿي
پـنھنجي ئي آڱر کي
ڪپڻ جي چڪر ۾
ملامت ناڪامي سان گڏ
اجتماعي قيد
سامھون اچي ويو
باندين جي آزادي لاء
پنھنجي اڃ وڪڻي آياسين
گاھ کاھي
بم بڻاياسين
عيوض ۾
ڦاسي گھاٽ تان واپسي ٿي
ڊپ دلين مان ٿيندو
نسلن تائين پکڙجي ويو
اڄ
جڏھن بک جو کاڄ بڻجندي
آخري دانھن ڪئي سين
ته
تخت ڌڻي
نڪ جي پڪائي سان چيو
"منھنجي ئي پوري نٿي ٿئي
قوم کي ڪٿان کارايان؟”
ــــــــــــــــــــــــــــــ

طواف

محبت جي ڏينهن مون ڏٺو
دنيا
محبت مان
گلن ۽ خوشبوئن ورهائڻ ۾
مشغول هئي
مرڪون
پوپٽن وانگي
ماڻھن جو طواف ڪري رهيون هيون
۽ اسان
پنهنجي ڌرتي کي
پنهنجن جي رت سان رنگي
نفرتن جي آبياري
جنت جي دلاسي تي ڪري رهيا هئاسين
مائن جون آھون
ٻارن جون ڪيهون
۽ دهشت جا ڀيانڪ ٽھڪ
اسانجي ڌرتي جو
طواف ڪري رهيا هئا…
ــــــــــــــــــــــــــــــ

ڌرتيءَ جو درد….

دفن ٿيل عورتن سان زنا
جا بي مثال مثال ملي رهيا آھن
ڪتي جي چڪ هڻڻ کان پوءِ
معصوم تڙپي مرن پيا
ڪُتن کي خصي ڪرڻ لاءِ
بمپر بجيٽ آڻي
انسانيت کان خصي
پنھنجو پيٽ ڀرڻ جي تياري ۾ آھن
شاگردياڻين سان ريپ ڪري
انهن جي حياتي ڳڙڪائي
وحشت جو راڄ قائم ڪيو پيو وڃي
مندرن کي باھ ڏئي
ٻرندڙ اندر ٺاريا پيا وڃن
توهين جي بهاني سان
انسانن جي تذليل ٿئي پئي
ڪارونجهر جي ارڏائي کي
جهڪائڻ لاء
ٺيڪيدارن جا اٽالا نڪري پيا آھن
زر ۽ زور جي چڪر ۾
سنڌ جي زمين وڪرو پئي ٿئي
ڪراچي کي ڌارين کي تحفي ۾ ڏئي
حڪمران عياشي ۾ مگن آھن
ڌاريان گهرائي
گانجي، هيروئن ۽ هٿيارن جا هار
سنڌ جي ڳچي ۾ وڌا پيا وڃن
اسپتالن ۾ ماڻھو اچن ٿا
۽ مردا نڪرن ٿا
جيڪي ڪجھ ڪُڇن ٿا
اُھي مسنگ پرسن ٿي وڃن ٿا.
ــــــــــــــــــــــــــــــ

آئون عيد ملهائڻ ٿو چاهيان..

جانان
توکي ڏسي عيد ڪندو آھيان
تنهنجي هٿن جون ديسي سويون
کائڻ کان اڳ
تنهنجي چپن جي چاشني
منهنجي سڄي مهيني واري تاس
کي اجهايو ڇڏي
تنهنجو ڀاڪر
مونکي جنت جا سير ڪرايو ڇڏي

پر
جانان

هن سال آئون عيد ملهائڻ ٿو چاهيان
انهي ٻار سان
جنهن جو وڇاڻو زمين ۽ ڇت آسمان آھي
جنهن جي لاء بابا پٽ ٻچا جھڙا لفظ
ناياب آھن

آئون ان پوڙھي پيءُ سان عيد ملهائڻ ٿو چاهيان
جنهن جواني ۾ ستن پٽن جي ڄمڻ کان پوءِ
پاڻ کي ڌرتي تي خوش نصيب ماڻھو سمجهيو هو
۽ ھاڻ اهو پيءُ
فوٽ پاٿ تي رهي پاڻ کي زمين تي بوجهہ سمجهي رهيو آھي

ان ٻڍڙيءَ سان به عيد ملڻ ٿو چاهيان
جيڪا هر سال سيويون ان اميد سان ٺاهي ٿي ته ولايت ويل سندس پٽ هن عيد تي ايندو

انهي فقير سان عيد ملڻ ٿو گهران
جنهن سان ڪوبه ڳلي ناهي ملندو

انهن خانه بدوشن سان عيد ملهائڻ ٿو چاهيان جن جو صبح لاڙ ۾
ته شام اتر ۾

ان طوائف سان عيد ملهائڻ جي خواهش اٿم جنهن وٽ عام ڏينهن تي ماڻھو ماڪوڙن وانگي ايندا آھن
پر
عيد جي ڏينهن هوءَ
ڪنهن پنهنجي لاء
راھ نهاري رات ڪندي آھي

آئون ان کدڙي سان عيد ملهائڻ ٿو چاهيان
جنهن کي اڄ به پنهنجو گهر محبوب وانگي ياد ايندو آھي

آئون ان روزيدار سان عيد ملهائڻ ٿو چاهيان
جيڪو هر روز اڻڀي ماني سان روزو رکي
صبح جو پاڙي وارن جا اوبر گهٽي ۾ اڇليل ڏسي مرڪي پوندو آهي

آئون ان بي روزائتي سان به عيد ملهائڻ ٿو گهران جيڪو پاڻ بک رهي ٻين لاء روزي تلاشي ٿو..

آئون عيد ملهائڻ ٿو چاهيان ان شخص سان جنهن هر سال ٻين سان عيدملهائي پر
اڄ تائين ان سان ڪنهن به عيد ناهي ملهائي..
ــــــــــــــــــــــــــــــ

حيوانيت جي ڪوڙھ

تنهنجي اندر ۾ نازين جا زخم هئا
تو وڏي جنگ جا شعلا
پنهنجي روح تي محسوس ڪيا
تو خدمت جي ديوي ٿيڻ جو
خواب ڏٺو
تنهنجو ايمان انسانيت هو
تو برداشت جي بڙ ھيٺان
زندگي جا ٿڪ لاٿا
تو دربدر ماڻهن جي ماء
وانگي ڀوڳيو
تو انسانن جي بک جا وڍ
پنهنجي روح ۾ محسوس ڪيا
تو ايشيا جي ڀلي جو خواب ڏٺو
پر تنهنجي اک اڌ خواب دؤران ڪراچي
۾ کلي پئي
تنهنجي اک اهو ڏٺو
جيڪو انسان جي ڏسڻ جي وس ۾ نه هو
تو ڪکن جي ڇانء ۾
نفرتن ۽ ڪروڌ جا ڦٽ ڌوتا
تون پگهر وهائي
پيار ورهائيندي رهين
تنهنجي سپني ساڀيان ماڻي
۽ جهنمين جيئري جنت ماڻي
تنهنجا هٿ مسيح وانگي هئا
جن کي چمڻ جي حسرت رهجي وئي
تو اکيون پوري ڇڏيون
ڄڻ ته منهنجي ڌرتي سمهي رهي
تو پڄاڻان ڏسان پيو
منهنجي ڌرتي جي ماڻھن کي
حيوانيت جي ڪوڙھ وڪوڙي وئي آھي
ــــــــــــــــــــــــــــــ

فرق

مون ٻڌو سرحدپار
هڪ پيءُ کي ان ڪري ٻه ڏينهن
جيل ۾ رهڻو پيو ته
هن پنهنجي ئي پٽ کي دڙڪا ڏنا
مون ڏٺو
هڪ هرڻ مارڻ جي ڏوھ ۾
هڪ هيرو کي سالن تائين
ڪورٽن جا چڪر ڪاٽڻا پيا
مون پڙھيو
سلام ڪري تنگ ڪرڻ جي جرم ۾
ھڪ شخص کي ٽن مهينن جي سزا ٻڌائي وئي
سرحد جي اندر ڏٺم
ماڻھن جون سسيون
فتوائن جي تار ۾ ٽنگيل هيون
ڳالهائيندڙ زبانن کي
شيخون مٽيل هيون
منظر تي ايندڙن کي
هميشه لاء گم ڪيو پئي ويو
۽ قوم
ڇانهين ۾ اللّه
ڪدو ۾ محمد ڳولي رهي هئي
ــــــــــــــــــــــــــــــ

فرمانبرداري…

دنيا
قومي مفادن جي چڪر ۾
گهن چڪر ٿي وئي آھي
ذاتي لالچ
اجتماعيت جو ڳلو گهُٽي ڇڏيو آھي
سياست شطرنج جي راند ٿي چڪي آھي
مذھب لاء استعمال ٿيڻ
چريائپ کان سواء ڪجھ بہ ناهي
مذھب کي خود لاء استعمال ڪرڻ
وڏي ڏاهپ سمجهيو وڃي ٿو
حرمت ۽ تقدس پوش پائي ڇڏيا آھن
سپھ سالار
خوف جي غلامي ڪري رهيو آھي
امت جي ناٽڪ جي آخري سين
امت جا آنڊا وڍي ڇڏيا آھن
دهشت ۽ وهشت کي هار وڌا وڃن پيا
انسانيت جي پاڙ پٽيندڙ کي
مهان انسان جا تمغا ڏنا پيا وڃن
سُپرپاور جي ڊپ
فرمانبرداري جا نوان مثال قائم ڪيا آھن
ــــــــــــــــــــــــــــــ

اسان ۽ ھُو

هُنن وٽ اگهاڙپ آھي
جسم بي لباس آھن
اسان پوش پاتل ڍڪيل آھيون
اسان جا ذھن اُگهاڙا آھن
هُو ڪتن کي اولاد وانگي
نپائي وڏو ڪندا آھن
ڪُتا هُنن جي حفاظت ڪندا آھن
اسان ٻار ڄڻي ڪتن وانگي
اُڇلي ڇڏيندا آھيون
اسان جو اولاد اسانکي ڏاڙھي ٿو
هو ماڻهپي ۾ يقين رکن ٿا
اسان وٽ مذھب وڏو آھي
هُنن وٽ
جيئڻ جو ڏانء آھي
۽ پنهنجي زندگي جو حق رکن ٿا
اسان پاڻ جئ به نٿا سگهون
ٻين جي زندگي ۾ اچ وڃ جاري رکون ٿا
هُو ڪافر آھن ڪوڙا ناهن
ملاوٽ جي ميم کان بي خبر آھن
اسان دين الاهي وارا سچ کان پري
ڪوڙ ۾ بہ ملاوٽ جا ماهر
هُنن وٽ هرڪو پنهنجي جسم جو مالڪ آھي
هتي اسان پنهنجي بدن کان بي خبر
ٻين جي جسمن تي مالڪي جي سوچ رکون ٿا
هُنن جا سُوَر بہ آزاد گهمن ٿا
اسان جي پاڻي جي گلاس کي بہ
زنجير پاتل آھي
هُنن وٽ ڪاريون بہ اڇيون آھن
اسان وٽ اڇيون ڪاريون ٿينديون رهن ٿيون
هُو ننگا رهندي بہ ننگن جي حفاظت
کان بي خوف آھن
۽ اسان ڍڪيل هوندي بہ
اگهاڙپ جي ڊپ ۾ رهون ٿا
هُنن وٽ ڪابہ ڪنوارپ جي نشاني ناهي
اسان بلوغت کان اڳ ئي
ڇوڪري کي عورت ڪريو ڇڏيون
هُو بي غيرتي ۾ جيئن پيا
اسان کي غيرت جيئڻ نٿي ڏي
ــــــــــــــــــــــــــــــ

اوهان منهنجا ٻانها آھيو

دنيا جا مھذب با ضمير فردو!
اوهان انهي گمان ۾ آھيو ته
اوهان آزاد آھيو
پر اوهان جي اکين کان ويندي
ذھنن تائين غلامي جا خول پيل آھن
اوهين ڍورن وانگي آزاد کايو پيو ٿا
پر ماڻھن وانگي سوچڻ ۽ عمل ڪرڻ
اوهان جي وس کان ٻاهر آھي
اوهان جي وڏڙن
اوهان کي ھر دؤر ۾
ڀڳڙن جي مٺ تي کپايو آھي
اوهان جا تيل منهنجا آھن
اوهان جون بئنڪون
منهنجي اڳيان ڪشڪول جهليو
بيٺيون آھن
اوهان جا حاڪم به
منهنجا محڪوم آھن
اوهان جن جي درشن لاء
پيھ ۾ ماڪوڙين جيان چيڀاٽبا آھيو
اهي مونسان جهڪي ملندا آھن
جن جي فتوا اوهان لاء زندگي آھي
اهي منهنجي حڪم جا محتاج رهن ٿا
۽ مون کي تمغا پارائن ٿا
مون لاء پنهنجا در ۽
دسترخوان کولي ڇڏين ٿا
جتي اوهان جا هٿ ۽ چپ نٿا پهچن
اتي منهنجا جوتا پهچن ٿا
اوهان جي عبادت گاهن ۾ به
آئون ناپاڪي سان ويندو آھيان
اوهان جي فضائن تي منهنجو
قبضو آھي
اوهان جا رستا منهنجي فرمان تي
کلن ۽ بند ٿين ٿا
جڏھن به چاهيان
پنهنجي پٽن کي اوهان جي ڦاسي گهاٽ
تان به بچائي وڃان
۽ جڏھن چاهيان
اوهانجي پٽن کي
اوهان جي ڌرتي تي
دفن ڪري ڇڏيان
جڏھن به چاهيان
اوهان جي نياڻين کي هٿڪڙيون هڻي
پاڻ سان گڏ کڻي وڃان
۽ جڏھن به گُهران
اوهان جي گهرن کي باھ سان ڀري ڇڏيان
اوهان هٿ به آڏو نه ڏيندا
اوهان منهنجا ٻانها آھيو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close