زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-7)

ليکڪہ: اودياترانائر

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

9- دليپ ڪمار نالو ديويڪاراني ڏنو

ديويڪاراني تعليم يافتہ ھئي ۽ فلم سازي بابت ھن کي ھر شيءِ جو علم ھو. هن جرمنيءَ جي مشهور اداري يو ايف اسٽوڊيو (يونيورسم فلم ايڪتين جيسلشافت) مان تربيت حاصل ڪئي ھئي. ھن کي ايڪٽنگ، سيٽ ڊيزائننگ، ميڪ اپ ۽ ڪاسٽيوم ڊيزائننگ جي خاص مھارت حاصل ھئي. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو لاءِ ڪئميرا مين جرمني مان گهرايا ويا هئا، ھو انھن سان جرمن ٻولي ۾ ڳالھائيندي ھئي، ٻڌي ڏاڍو مزو ايندو هو. بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو ديويڪاراني ۽ ان جي مڙس ھمنشو راءِ گڏجي قائم ڪيو ھو. ھمنشو راءِ 16 مئي 1940ع ۾ وفات ڪئي ھئي. ديويڪاراني ٻي شادي مشهور روسي مصور سويتو سوف سان ڪرڻ چاھيندي ھئي. ديويڪاراني جونيئرن کي سيکارڻ مھل ڏاڍي شفيق ھوندي ھئي، ھن ٻن مھينن تائين مون کان لائيٽن، ڪئميرائن، ۽ ايڪشنز جو ويجهي کان مشاھدو ڪرايو. ديويڪاراني جو مون سان رويو ھميشہ مھربان، عزت ۽ احترام وارو ھوندو ھو، اھو ئي سبب آهي جو ھن جي موجودگيءَ ۾ مون پنھنجي پاڻ کي ڪڏھن بہ نروس محسوس نہ ڪيو ۽ نہ ئي ڪڏھن ڪا پريشاني ٿي. ھڪ صبح جيئن ئي اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيس تہ نياپو مليو تہ مون کي ديويڪاراني پنھنجي آفيس ۾ گهرايو آھي. ان جي مثبت رويي کي ڏسندي مون کي يقين ھو تہ ڪو ناگوار واقعو پيش نہ آيو آهي پر حيرت ٿي تہ اھڙو ڇا ٿيو آهي جو ھن مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرايو آھي. جڏهن آفيس ۾ داخل ٿيس تہ ڏٺم انتھائي پروقار طريقي سان ويٺي ھئي، ديويڪاراني مون کي ڏسندي مرڪيو ۽ ويھڻ لاءِ چيائين، آئون کيس حيرت سان ڏسي رھيو ھئس. مون کان پڇيائين توھان خاص پنن مان ٺھيل چانھ پيئندؤ، جيڪي مون انگلش اسٽور تان گهرايا آھن؟ آئون سوچي رهيو ھئس تہ ھن جي ذھن ۾ اھڙو ڇا آهي جو ھوءَ تمھيدي جملا چئي رھي آھي، پر جلد ئي ھوءَ پنھنجي مقصد واري ڳالھ تي اچي وئي. چيائين يوسف توکي اداڪار طور متعارف ڪرائڻ چاھيان ٿي پر پھرئين تنھنجو اسڪرين وارو نالو رکڻ گهرجي، اھڙو نالو جيڪو ڏسندڙن لاءِ رومانٽڪ ھجي. آئون تنھنجي فلمي نالي بابت غور ويچار ڪري رھي ھئس تہ اچانڪ ذھن ۾ دليپ ڪمار نالو آيو، ھي نالو بھتر رھندو.. توکي ڪيئن لڳو؟ ڪجهہ لمحا آئون خاموش رھيس، ڇو تہ پنھنجي نئين سڃاڻپ تي، جيڪا ھوءَ صلاح ڏيئي رھي ھئي، ذھني طور تي بلڪل بہ تيار نہ ھئس. مون چيو صحيح آهي، پر اھو ايڏو ضروري آهي ڇا؟ ھوءَ کلي پيئي ۽ چيائين تہ ھا اھو ضروري آهي تہ اھڙي قسم جو نالو رکيو وڃي. ديويڪاراني مون کي چيو تہ آئون تنھنجو طويل ۽ ڪامياب فلمي ڪيريئر ڏسي رھي آھيان، وڏي غور ۽ فڪر کان پوءِ ان نتيجي تي پھتي آھيان تہ فلمن ۾ تنھنجي ھڪ الڳ سڃاڻپ ھجڻ گهرجي. مون ھن کان سوچڻ لاءِ وقت گهريو تہ ھن مون کي چيو ٺيڪ آھي، سوچي سمجهي مون کي پنهنجي راءِ کان آگاھ ڪجو. جڏھن ڪرسيءَ تان اٿيس تہ چيائين اداڪار طور تنھنجي تعارفي تقريب ڪرائجي، پر اھو سڀ ڪجهہ جلدي ڪرڻو پوندو.

دليپ ڪمار جوانيءَ ۾

ان ڏينھن ھر وقت منھنجي ذھن ۾ نئون نالو دليپ ڪمار گونجي رهيو هو، ايس مکرجي محسوس ڪري ورتو هو تہ آئون ڪنھن خاص سوچ ۾ مبتلا آھيان. مانجهاندي کان پوءِ شوٽنگ جو ٻيھر ڪم شروع ٿيو تہ ايس مکرجي مون کي چيو، يوسف ڇا مسئلو آهي پريشان آھين؟ ايس مکرجي اسٽوڊيو جي انتظاميہ ۾ اھم حيثيت رکندو هو. اھو عام خيال هو تہ ديويڪاراني پنھنجي شادي کان پوءِ اسٽوڊيو جا سڀ انتظام ايس مکرجي کي ڏيئي ڇڏيندي. منھنجا ايس مکرجي سان تمام بھترين تعلقات جڙي چڪا هئا، آئون ھن جي ڪم کان گهڻو متاثر ھئس. ھڪ تہ ھو پنھنجي ڪم ۾ مھارت رکندو ھو، ٻيو تہ هو ايماندار ھو. مون ديويڪاراني جي ڏنل صلاح بابت ايس مکرجي کي ٻڌايو تہ ھن مون کي چيو تہ تمام بھترين نالو آهي، اھو تنھنجي مفاد ۾ رھندو. ڪجهہ وقت کان پوءِ مون کي خبر پئي تہ اشوڪ ڪمار بہ ھڪ فلمي نالو ھو، هن جو اصل نالو ”ڪمد لال ڪونجي لال گنگولي“ ھو. ايس مکرجي جو مشورو مون کي دل سان لڳو. جڏھن اشوڪ ڀاءُ ريھرسل يا ڪئميرا جي سامھون ھوندو ھو تہ آئون ھن کي غور سان ڏسندو ھئس. ڪئميرا جي سامھون ھو گهڻو محتاط ٿي ويندو هو. مثال طور: ھن جي ھٿ ۾ سگريٽ ھوندو ھو، ھو ماچيس کي ڳوليندي اڻ دکيل سگريٽ پنھنجي چپن ۾ رکندو هو، سگريٽ ھٿ ۾ جهلي ٻہ وکون اڳتي کڻندو هو، سگريٽ چپن ۾ رکي دکائي ۽ ڪئميرا ۾ ڏسي مڪالمو ڳالھائيندو ھو. ان جو ھي اسٽائيل مون کي ڏاڍو وڻيو. انھن ڏينھن ۾ اشوڪ ڀاءُ مشھور فلم "قسمت” جي شوٽنگ ۾ مصروف ھو، ھو ھڪ ڪامياب فلم اسٽار ھو، اشوڪ ڀاءُ جي فلم "جهولا” زبردست ڪمايو ھو. گيان مکرجي "جهولا” فلم جو ڊائريڪٽر ھو، قسمت فلم بہ ھو ڊائريڪٽ ڪري رھيو ھو. ششدھر مکرجي فلمي دنيا ۾ ايس مکرجي جي نالي سان مشهور ھو، اھو ھن فلم جو پروڊيوسر ھو. ايس مکرجي اشوڪ ڀاءُ جو ڀيڻويو ھو، اشوڪ ڀاءُ جي ڀيڻ ستي ديوي سان ان جي شادي ٿي هئي. ايس مکرجي چوڻ لڳو ڏس يوسف خوبصورت ۽ نوجوان آھين، ھڪ ڪامياب اداڪار ٿي سگهين ٿو، ان لاءِ منھنجي ھڪ ڳالھ ھميشہ ياد رکي ڇڏ. فلم ۾ جيڪو ڪجهہ ڪرڻو ھجي، سمجهي ڇڏ تہ اھو حقيقت ۾ ئي ڪرڻو آهي. جيڪڏھن تون اداڪاري ڪندين تہ اھا نقل ھوندي ۽ اھا ھڪ خراب ڳالھ آھي. ايس مکرجي صاحب دراصل ھڪ پروفيسر ھو ۽ الھ آباد يونيورسٽي ۾ فزڪس پڙھائيندو ھو. ھڪ دفعي ھو ھڪ پروفيسر سان ملڻ لاءِ بمبئي ويو، جيئن پروفيسر سان ملي غيرملڪي يونيورسٽي جي پي ايڇ ڊي بابت معلومات وٺي سگهي. ان دوران ھن جي ملاقات ديويڪاراني جي مڙس ھمنشو راءِ سان ٿي، جنھن کيس بمبئي ٽاڪيز اسٽوڊيو جي سائونڊ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪرڻ تي راضي ڪري ورتو.

ديويڪا راني

مون کان پنھنجي پھرئين پرفارمنس ۽ پھرئين فلم بابت پڇيو ويندو آھي. آئون جڏھن ڪئميرا جي سامھون پھرين دفعا آيو ھئس تہ مون کي ڪنھن بہ قسم جي پريشاني نہ ٿي ھئي. "جوار ڀاٽا” جي شوٽنگ ٿي رھي ھئي، ديويڪاراني سيٽ تي آئي، منھنجا گهاٽا ڀرون ڏسي ھن کي ٿوري ڪراھت ٿي، ميڪ اپ روم مان چمٽو گهرايائين، وڏي احتياط سان منھنجي ڀرون جا وڏا ۽ غير ضروري وار پٽڻ لڳي. وار پٽڻ دوران مون کي گهڻي تڪليف ٿي ھئي، تڪليف جي ڪري منھنجي اکين ۾ پاڻي اچي ويو هو. ديويڪاراني مونکي چيو تہ ھاڻي آئيني ۾ ڏسو. واقعي ھاڻي ڀرون سڌا ٿي ويا هئا. ميڪ اپ ايڪسپرٽ وار پٽجڻ واري جڳھ تي ڪريم لڳائي ڇڏي. ديويڪاراني مون کي چيو ”يوسف گڊ لَڪ!“ ۽ ھوءَ سيٽ تي ھلي وئي.


  1. زندگي جا خوبصورت لمحا-دليپ ڪمار (قسط-۱)

  2. ”زندگي جا خوبصورت لمحا“ دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط 2)

  3. زندگي جا خوبصورت لمحا, دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -3)

  4. زندگي جا خوبصورت لمحا: دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط -4)

  5. زندگيءَ جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو (قسط-5)

  6. زندگي جا خوبصورت لمحا:دليپ ڪمار جي جيون ڪٿا جو سنڌي ترجمو قسط-6


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close