سنڌ جو هڪ تاريخي قلعو ”رني ڪوٽ”

ﺁﺻﻒ ﺭﺿﺎ ﻣﻮﺭﻳﻮ

رني ڪوٽ ڪٿي واقع آهي؟

ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﺍﻭﭜﺮ ۾ ﮐﻴﺮﭤﺮ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺍﻭﭼﺎﺋﻲ 4 ﮐﺎﻥ 5 ﻫﺰﺍﺭ فوٽن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺁﻫﻲ. ﺍﻫﻮ ﺳﻤﻮﺭﻭ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻨﺞ ۾ ڪﻴﺘﺮﺍﺋﻲ ﺑﻲ ﺑﻬﺎ ﻣﻌﺪﻧﻲ ﺧﺰﺍﻧﺎ ۽ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺗﻬﺬﻳﺒﻦ ﺟﺎ آڳاٽا ﺁﺛﺎﺭ ﭜﺎڪﺮ ۾ ﺍﻭﺗﻴﻮﻥ ﻭﻳﭡﻮ ﺁﻫﻲ. ﺍﻧﻬﻦ ﺟﺎﺑﻠﻮ ٽڪﺮﻳﻦ ﺗﻲ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ڪﻨﮅ ﮐﻨﻴﻮﻥ ڪﻨﻬﻦ ﻫﻮﺷﻴﺎﺭ ﻣﺤﺎﻓﻆ ﻭﺍﻧﮕﺮ ﺳﻴﻨﻮ ﺗﺎﮢﻴﻮ ﺑﻴﭡﻮ ﺁﻫﻲ.

رني ڪوٽ جو ﻗﻠﻌﻮ ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ﺷﻬﺮ ﮐﺎﻥ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ 76 ﻣﻴﻞ، ﺣﻴﺪﺭﺁﺑﺎﺩ ٽوﻝ ﭘﻼﺯﻩ ﮐﺎﻥ 120 ڪﻠﻮميٽر ۽ ڪﺮﺍﭼﻲ ﮐﺎﻥ 262 ڪﻠﻮميٽر ﭘﺮﭜﺮﻭ ﺁﻫﻲ . ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻲ ﺍﻫﻢ ﺍﻧﺴﺎﻧﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻋﺎﺷﻖ ﻣﺤﺘﺮﻡ ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺍﻳﻢ ﺳﻴﺪ ﺟﻲ ﻋﺰﺕ ﭜﺮﻱ ﺟﻨﻢ ﭜﻮﻣﻲ "ﺳﻦ” ﺷﻬﺮ ﺁﻫﻲ. ﺳﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﺎﻥ ﻗﻠﻌﻲ ﻃﺮﻑ ﻭﭸﮡ ﺟﻲ ﻻﺀِ ﻫڪ ٽٽل ڦٽل، ڪﭽﻮ ۽ ﺍڙﺍﻧﮕﻮ ﺭﺳﺘﻮ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺭﺳﺘﻮ ﭼﻮﮠ بہ ﻣﻨﺎﺳﺐ ڪﻮنہ ﭤﻴﻨﺪﻭ، ﺟﻴڪﻮ ﺳﻦ ﺍﺳٽﻴﺸﻦ ﮐﺎﻥ ڏﮐﮡ ﺍﻭﭜﺮ 18 ﻣﻴﻞ ﭘﺮﻱ ﺁﻫﻲ. ﺗﻮڙﻱ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ﮔﻬﮣﻮ ڪﻮنھي، ﭘﺮ ﺭﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﻫﻤﻮﺍﺭﻱ ۽ ﺯﺑﻮﻥ ﺣﺎﻟﻲﺀَ ڪﺮﻱ ﺍﻫﻮ ڳچ ﻭﻗﺖ ۾ ﻃﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﮐﻴﺮ ﭤﺮ ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﺳﻠﺴﻠﻲ ﺟﻲ ﻟڪﻲ ﺟﺒﻞ ﻣﭥﺎﻥ ﭠﻬﻴﻞ ﺁﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﺳﻨﮅﻭﻧﺪﻱ ﺗﻘﺮﻳﺒﻦ 18 ﻣﻴﻞ ﭘﺮﻱ ﻭﻫﻲ ﭤﻲ. ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮﺭ ﺟﺒﻞ "ڪﺎﺭﻭ ٽڪﺮ” ﺍﻥ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﮐﺎﻥ ڏﮐﮡ ﻃﺮﻑ ﻗﺪﺭﺗﻲ ﻃﻮﺭ ﺗﻲ ﺍﻥ ﺟﻲ ﺍﻭﻻﻫﻴﻦ ﺳﺮﺣﺪ ﺑﮣﻴﻞ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻟﻨڊﻭ ﺟﺒﻞ ﭘﮡ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺍﺗﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎﻥ ﺣﺪ ﺑﻨﺪﻱ ﺟﻮ ڪﻢ ڏﺋﻲ ٿو.

ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ ﻗﻴﺎﺱ ﺁﺭﺍﺋﻴﻮﻥ:

ﮐﻴﺮ ﭤﺮ ﻭﺍﺭﻱ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﮘﻮﭞ ﺁﺑﺎﺩ ﺁﻫﻦ، ﺍﻧﻬﻦ ﻣﺎﻥ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﻬﻮ ﺭﻫﻨﺪڙ ﺁﺑﺎﺩﻳﻦ ۽ ﺗﺎﺭﻳﺨﺪﺍﻧﻦ ﻫﻦ ﻗﻠﻌﻲ ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻧﺎﻻ ڏﻧﺎ ﺁﻫﻦ. ڪﺠﻬﻪ ﻣﺎڻھو ﺍﻥ ﮐﻲ "ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ” ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻮﺭﺕ ﺟﻮ ڪﻮٽ ﭼﻮﻥ ﭤﺎ. ﻣﻘﺎﻣﻲ ﺯﺑﺎﻥ ۾ "رن” ﻋﻮﺭﺕ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﻫڪڙﻭ ﮄڙﻭ ﺍﻥ ﮐﻲ "ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ” ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﺳڏﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ، ﺟﻮ "ﺭﻥ” ﻫﻨﺪﻱ ۽ ﺍﺭﺩﻭ ﭔﻮﻟﻲﺀَ ۾ ﺭﮠ ﭘٽ ﻳﺎ ﺑﻴﺎﺑﺎﻥ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ ﺍﻫڙﻭ ڪﻮٽ ﺟﻴڪﻮ ﺑﻴﺎﺑﺎﻥ ﻳﺎ ﺭﮠ ﭘٽ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﺠﻲ. ﺍﻫڙﻱ ﻃﺮﺡ ڪجهہ ﻣﺤﻘﻖ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺭﺍﮢﻲ” ﻣﻬﺎﺭﺍﮢﻲ” ﺟﻮ ڪﻮٽ ﭘﮡ ﭼﻮﻥ ﭤﺎ. ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ڊﺍڪٽﺮ ﻧﺒﻲ ﺑﺨﺶ ﺧﺎﻥ ﺑﻠﻮﭺ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ ﺍﻥ ﮐﻲ ﻋﻠﻲ ﺁﺑﺎﺩ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻮ ﺁﻫﻲ.

ﺍﺻﻠﻲ ﺳﻨﮅﻱ ﺯﺑﺎﻥ ۾ ﺭﻧﻲ، ﺭﻭﻧﺎﺀِ، ﺭﻳﻨﻲ، ﺭﺍﻥ ﻳﺎ ﺭﻳﻦ ﺟﻬڙﺍ ﻟﻔﻆ ﭔﻮﻟﻲ ﻳﺎ ﻟﻐﺖ ﺟﻲ ﻫڪڙﻱ ﺋﻲ ﺧﺎﻧﺪﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﺗﻌﻠﻖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴڪﻲ ﻣﻄﻠﺐ ۽ ﻣﻔﻬﻮﻡ ﺟﻲ ﺁﮄﺍﺭ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺫﺧﻴﺮﻱ ﻳﺎ ﻭﻫڪﺮﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﮖ ﺳﺎﻥ ﻧﺴﺒﺖ ﺭﮐﻦ ﭤﺎ.

ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﺳﻠﺴﻠﻦ ۾ ﻭﻫﻨﺪڙ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻭڏﻳﻦ ﻧﺪﻳﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﺑﻪ ﻋﻼﺋﻘﺎﺋﻲ ﭔﻮﻟﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﺴﺎﺏ ﺳﺎﻥ ﺭﮐﻴﺎ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺭﻫﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﻣﻮﺟﻮﺩﻩ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺍﭲ ﺑﻪ "ﺭﻥ” ﻳﺎ "ﺭﻧﻲ” ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﻫڪ ﻧﻨﮃﻭ ﻭﺍھ ﻭﻫﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴڪﻮ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﭠﻬﮡ ﮐﺎﻥ ﺍﮖ ﭘﮡ ﺍﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﻫﻮﻧﺪﻭ ﻫﻮ  ﺍﻥ ڪﺮﻱ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻗﻠﻌﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ بہ ﺍﻥ ﭘﭡﻴﺎﻥ ﺭﻧﻲ ڪﻮٽ ﺭﮐﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻭﻗﺖ ﮔﺬﺭﮠ ﺳﺎﻥ ﮔڏﻭ ﮔڏ ﻣﻘﺎﻣﻲ ﺁﺑﺎﺩﻱﺀَ ﺍﻫڙﻭ ﻧﺎﻟﻮ ڏﻧﻮ ﻫﺠﻲ، ﮀﺎڪﺎﮠ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ﻧﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻋﻮﺍﻣﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺍﻟﮗ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ، ﺟﻴڪﺎ ﺣﺎڪﻤﻲ ﺭﻭﺍﻳﺖ ﮐﺎﻥ ﻭﮄﻳڪ ﻋﺎﻡ ﺁﺑﺎﺩﻱ ﺟﻲ ﺯﺑﺎﻥ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﺟﻲ ﻣﺎﺗﺤﺖ ﻫﻮﻧﺪﻱ ﺁهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close