انگريزيءَ جا مسئلا – ٻارنھن نُڪتا

حسام ميمڻ

1. اسان کان لفظن جي معنيٰ وسري ويندي آھي

2. اسان کان Phrases ۽ Idioms صفا وسري ويندا آھن

3. ان جو سبب نہ پڙھڻ ۽ مشق نہ ڪرڻ آھي

4. اڪثر ڪميشن ۾ ويھندڙ اسان جا دوست Essay ۾ فيل ٿيندا آھن

5. گرامر جي حوالي سان اسان کي ڪجهہ شين جي مشق انتھائي گھربل ھوندي آھي، جھڙوڪ:
جڏھن Essay لکندا آھيون تہ اسان وٽ واضح Ideas ھئڻ گھرجن
يعني Idea development لاءِ وري Suitable words ھجن
ڪرنٽ افيئرس تي ڀلي Grip ھئڻ گھرجي
وري Essay ۾ پھريان Merits پوءِ Demerits ۽ آخر ۾ نتيجو Logical ھئڻ گھرجي
ھڪ ٻي شيءِ جو خيال ڪرڻ گھرجي تہ مثال مٿي ھڪ لفظ لکيو آھي تہ ھيٺ وري ان ئي لفظ جو Synonym استعمال ڪرڻ گھرجي، جيئن چيڪ ڪندڙ کي پتو پوي تہ Candidate جي انگريزي سٺي آھي
پر انگريزيءَ کي سولو بڻائجي، ڏکيا لفظ لکي ھروبرو Robust ٿيڻ جي ايڪٽنگ فيل ڪرائي ڇڏيندي آھي

6. گرامر ۾ اسان کان Articles جون غلطيون عام ٿينديون آھن ، آرٽيڪلز کي ڌيان سان سمجھڻ گھرجي، انھن جو استعمال معنيٰ کي ڦيري ڇڏيندو آھي

7. حرف جر يعني Preposition جو استعمال انتھائي ٽيڪنيڪل آھي، ان تي ڌيان ڏيڻ گھرجي، جيترو سولو لڳندو آھي، ائين آھي ڪونہ، اڪثر ان ۾ اسان جون Errors  ھونديون آھن

8. ھڪ اھم شيءِ اھا بہ آھي تہ Adverb ۽ Adjective جو چڱي طرح اچڻ ڪاميابيءَ جي ڪنجي آھي ۽ ان جي درست Placement انتھائي اھم آھي

9. ائين ئي Gerund ۽ Infinitive جو استعمال بہ ٽيڪنيڪل آھي، ان جا ڪجهہ اصول ورجائي ورجائي پڙھڻ گھرجن. مثال طور
Smoking is injurious to health
بلڪل صحيح آھي ۽
To smoke is injurious to health
بلڪل غلط
هڪ ٻي ڳالھ، تہ Gerund فعل يعني Verb مان ٺھندڙ ھڪ Noun آھي، جڏھن تہ مصدر يعني to جو استعمال الڳ آھي. گرامر جي ڪتابن ۾ اھي شيون واضح ٿيل آھن، تنھڪري انھن کي ورجائي ورجائي پڙھڻ گھرجي

10. دوست سمجھندا آھن تہ واحد ۽ جمع سولو آھي، بلڪل! سولو تہ آھي پر ڪجھ ٽيڪنيڪل بہ آھي.
مثال طور Dog جو جمع Dogs ٿيندو پر انھن ڪتن کي ھڪ ٽولي يا جٿي يا جھنڊ جي روپ ۾ ڏسجي تہ انھن کي ڇا چئبو آھي، اھو بہ اچڻ گھرجي. ڪتن جي ٽولي کي Pack of dogs اھڙي طرح مڇين جو جھنڊ Shoal of fish يا School of fish  ۽ڪانوَن جو جھنڊ ھجي تہ ان کي Murder of crows چئبو آھي

11. اھڙي طرح آواز کي تہ Sound يا Voice بہ چئبو آھي، پر جڏھن اوھان سڪل پنن يعني Leaves جي مٿان گھمو تہ ڪھڙو آواز نڪرندو آھي؟ ھوا تي دري کڙڪي تہ ان کي Rattling چئبو آھي، کوھ مان پاڻي ڇڪجي تہ رسي ڪھڙو آواز ڪڍندي آھي، ان کي ڇا چئبو آھي. آوازن جي اھا دنيا انتھائي دلچسپ اھي، اھي شيون اچڻ گھرجن ۽ آوازن جي ان شيءِ کي Onomatopoeia چيو ويندو آھي

12. انگريزيءَ جي خوبصورتي گرامر جا اصول، Parts of speech جو اچڻ، Figures of speech جي ڄاڻ، Idioms & Phrases جي اچڻ سان گڏوگڏ، اھي مٿيون سڀ Points ڪم جون آھن

Related Articles

One Comment

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close