گُل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب ”سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ“ جو مختصر جائزو

امين جويو

سائين گُل حسن ڪلمتي جو هي ڪتاب، سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي باري ۾ آهي۔ هي ڪتاب ارڙهن بابن تي ٻڌل آهي ۽ هن ۾ ڪل ٻه سو ٻارنهن صفحا آهن. هي ڪتاب ڊسمبر 2016ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي ، ڪراچي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ مُهاڻن ۽ ٻيڙياتن جي زندگي جي تصوير ڪشي ڪئي آهي ۽ هن هر هڪ ٻيٽ تي رهندڙ مُهاڻن جي آبادي، ٻيٽ جي ايراضي، ٻيٽن تي رهندڙ مُهاڻن جا سياسي ۽ سماجي مسئلا، سندن رهڻي ڪهڻي، صحت ۽ تعليم جو تفصيل بيان ڪيو آهي. ليکڪَ هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي ماحوليات ۽ گدلاڻ تي پڻ لکيو آهي.

هن ڪتاب ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ سامونڊي ٻيٽن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هر هڪ ٻيٽ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ ڏاڍي گھرائيءَ ۽ تفصيل سان لکيو ويو آهي. هن ڪتاب کان اڳ سنڌ جي ايترن سارن سامونڊي ٻيٽن جي ڄاڻ هڪ ئي هنڌ ٻئي ڪنهن به ڪتاب ۾ نظر نه ٿي اچي. هن ڪتاب جي هر هڪ باب جي شروع ٿيڻ تي شاھ عبداللطيف جو ھڪ بيت ڏنل آهي، اهي بيت سُر سامونڊي ۽ سُر گهاتو منجهان کنيا ويا آهن.

هن ڪتاب جي پهرئين باب ’چَرڻا ٻيٽ ۽ مهاڻن جون کوپڙيون‘ ۾ صفحي نمبر ستاويهين تي لکيل آهي ته؛ ”چَرڻو ٻيٽ سنڌ ۽ بلوچستان جو سامونڊي دنگ آهي، چَرڻا ٻيٽ اصل ۾ هڪ جبل آهي ۽ رهڻ جي قابل نه آهي. اهو حب نديءَ کان اولھ پاسي نوَن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آهي. هي ٻيٽ 1.2 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ اڌ ڪلوميٽر ويڪرو آهي. چرڻا جبل جي اوچائي پنج سو اسي فوٽ آهي. بلوچستان کان ايندي هي سنڌ جو پهريون ٻيٽ آهي ۽ بدين کان سامونڊي ڪناري سان هن پاسي ايندي هي آخري ٻيٽ آهي. هتي مختلف قسمن جا سامونڊي جِيوَ وڏي تعداد ۾ موجود آهن ۽ هتي زهريلا سامونڊي نانگ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سِپُن ۽ مڇين جي مختلف قسمن سان گڏ هتي سائو ڪَڇُون به وڏي انگ ۾ موجود آهي.

ڪتاب جي ٻئين باب جو نالو ”اک ڦاٽو ۽ سينڊس پَٽ“ آهي. هن باب ۾ ليکڪَ ماڙي پور جي علائقي جي تواريخ، لوڻ جي ڪارخانن جي تواريخ ۽ مورڙي ميربحر واري قصي بابت اُٿاريل ڪجهہ سوالن تي لکيو آهي. جنهن ۾ حاجي يونس خاصخيلي سان ڪچهريءَ جو حوالو ڏيندي ، واضح طور تي لکن ٿا ته مورڙي جي ڀائرن کي شارڪ مڇي ڳڙڪائي وئي هئي ، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ماڱر / مانگر مڇ چيو ويندو آهي. ان کان سواءِ هن باب ۾ صفحي نمبر اُوڻٽيهين تي لکن ٿا ته ؛ ”سينڊس پٽ جو پراڻو نالو ’دوهو‘ هو. هاڪس بَي جو پراڻو نالو ’ٻُلهيجي‘ هو ، پيراڊائيز پوائنٽ جو اصل نالو ’اَک ڦاٽو‘ هو ، ۽ مسرور بيس جو اصلي نالو ’ماڙي پور هوائي اڏو‘ هو.“

ٽئين باب ۾ ’شمس ٻيٽ ۽ ڪڪا وليج‘ جي باري ۾ تفصيل ڏنو ويو آهي، جڏهن ته چوٿين باب ۾ ’بابا ٻيٽ ۽ ڀٽ ٻيٽ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. پنجون ۽ ڇهون باب ’صالح آباد ، بنڪر ٻيٽ ۽ منهوڙي‘ جي باري ۾ لکيو ويو آهي ، جنهن ۾ ليکڪَ منهوڙي ٻيٽ جي تواريخ کي ڏاڍي خوبصورت نموني سان بيان ڪيو آهي.

ستون باب ’رام جهروڪا ۽ ڪياماڙي‘ جي ٻيٽن بابت آهي ، جنهن ۾ سائين گُل حسن رام جهروڪا ٻيٽ جي وابستگي ”رامَ“ سان جوڙي آهي ۽ ان ڏسَ ۾ ڪجهہ مُستند ڪِتابن جا حوالا پڻ ڏنا اٿائين. هن ڪتاب جو باب نمبر اٺون ’باٿ آئلينڊ ، بوٽ بيسن ، ڪلفٽن ۽ گسري بندر‘ جي باري ۾ لکيو آهي ، جيڪي هاڻي ٻيٽ ته ناهن رهيا پر ڪنهن وقت ۾ اهي چارئي ٻيٽ هيا.

نائون باب ’ڏِنگي ۽ ڀُنڊار‘ ٻيٽن بابت آهي، هي باب پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙن جو اکيون ۽ دماغ کُلڻ کپي! جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ وٽ هي سمورو ڪتاب پڙهڻ جو وقت نه به هجي ته هو رُڳو ، هي ڪتاب کولي ۽ صفحي نمبر 109 تي لکيل هي جملا پڙهي؛ ”ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ سنڌ جي ڊيلٽا اندر موجود ساڍن ٽن سون کان مٿي ٻيٽن جي مُنهن ۾ آهن ، جتي ’سيف سٽي‘ جي نالي سان جديد شهر اڏجڻ جو منصوبو عمل هيٺ آهي، جنهن کان پوءِ باقي ٻين ٻيٽن تي قبضي لاءِ رستو کُلي ويندو . ڏِنگي ۽ ڀُنڊار ٻيٽ ميلن ۾ ، کُليل سمنڊ تائين پکڙيل آهن ، انهن تي جديد شهر اڏجڻ سان سنڌي مهاڻن ۽ سنڌي ماڻهن کان سنڌ جي ٻيٽن جي مالڪي وارو حق کسجي ويندو . ساحلي ڪنارو گند جو ڍير بڻجي ويندو ۽ کليل سمنڊ ڏانهن مهاڻن جي وڃڻ جا لنگهه بند ٿي ويندا!“

ڏهين باب ۾ ’رَتي ڪوٽَ‘ جي اڙانگهي سفر بابت لکيل آهي. يارهين باب جو عنوان ڏاڍو دلچسپ آهي؛ ’جتي ٻيٽ ۽ ٻيٽاريون ختم ٿيون! اسان اُتي پهتاسين‘ هن باب ۾ مختلف ٻيٽن، کارين ۽ مهاڻن جي زندگي ، ڪار ونهوار ، سندن سماجي مسئلن ، حُڪومتي ڌُرين جي ويساھ گهاتين ۽ تمر جي ٻيلن بابت ڄاڻ ونڊيل آهي.

ٻارهين باب ۾ ’گهاري ڪريڪ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي ته ؛ ”سنڌوءَ جي پڇاڙَ وارو هي ڊيلٽائي علائقو سترهن کارين تي ٻڌل آهي ، جيڪي سنڌوءَ جون ڇوڙَ واريون شاخون آهن . هن وڏي علائقي جي پکيڙ ڪراچيءَ کان رِڻ ڪڇ تائين آهي. اها پکيڙ، 52800 (ٻاونجاهه هزار اٺ سو) چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي . هي دنيا جو ستون نمبر وڏو ڊيلٽا آهي ۽ سنڌو جي ڊيلٽا واري هن علائقي ۾ ٽيهن لکن کان وڌيڪ ماڻهو رهن ٿا!“

تيرهون باب ’جاڪي بندر يا جاکي بندر‘ جي باري ۾ آهي. جڏهن ته چوڏهون باب ’دونهين واري ٻيٽ‘ جي باري ۾ آهي ۽ پندرهون باب ’هالو تبرڪو ٻيٽ‘ جي باري ۾ لکيل آهي. هن ٻيٽ تي ليکڪ ۽ سندس ٽيم وڏين مشڪلن کان پوءِ ، گپَ مان جهاڳيندي پهچي ٿي ، ڇو ته کين هتي ڪجهہ قديم آثارن ، چوڪنڊي قبرن ۽ هڪ ٺُلهَہ جي موجودگي بابت اطلاع مليا هئا. پر اُتي پهچڻ کان پوءِ خبر پين ته ، هن وقت اهڙي ڪا به شيءِ سَرزمين تي موجود ڪانه هئي ۽ سمورا قديم آثار سمنڊ ڳڙڪائي چُڪو هو!

سورهين باب جو عنوان ’سنڌو ڊيلٽا جو ٿيندڙ موت ۽ سمنڊ ڪناري بزرگن جا آستانا‘ آهي. سترهين باب جو عنوان ’ٻي عالمي جنگ جي موقعي تي ڪراچيءَ ۾ ماهيگيرن جي ڀلائيءَ لاءِ قائم ڪيل فشر مينس ڪو آپريٽوِ سوسائٽي لميٽيڊ‘ آهي. هن باب ۾ فشر مين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي بنياد پوڻ جي ڳالهه ڪيل آهي ۽ هن سوسائٽي جي تاريخ ۽ ڪمن تي روشني وڌل آهي.

هن ڪتاب جو آخري باب ”سامونڊي ماحولياتي، گدلاڻ ۽ تمر جي تباهي“ جي باري ۾ لکيل آهي.

مجموعي طور تي هي ڪتاب سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي لکيل اهم ترين معلومات جو ذريعو آهي. هن ڪتاب کان اڳ ۾ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي ايتري جامع معلومات وارو ڪتاب منهنجي نظر منجهان ته نه گُذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سڀني ٻيٽن جي جاگرافيائي بيهڪ ، پکيڙَ ۽ آبادي بابت تفصيل ڏيڻ سان گڏو گڏ ليکڪَ اتان جي مقامي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين ، سندن مشڪلاتن ، سهولتن جي اڻ هوند ۽ سندن ڏُکن ڏاکڙن کي چڱي طرح سان وائکو ڪيو ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته هي ڪتاب سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن پاران هڪ احتجاج آهي ۽ هڪڙو ڪيس آهي، جيڪو ليکڪَ ڏاڍي بهترين طريقي سان ڪِتابي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي.

ڪتابَ جي ليکڪ هن ڪتاب ۾ سمنڊ جي ماحول جو تحفظ ڪندڙ ادارن ۽ قانونن جي به ڳالھ ڪئي آهي ، ۽ هر مسئلي جو ممڪن حل به ٻڌايو اٿس. جيڪڏهن سندس صَلاحن ۽ تَجويزن تي عمل ڪيو وڃي ته سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ سنڌي ماڻهو گهڻين مصيبتن کان بچي سگهن ٿا. ان سان گڏ ليکڪَ مستقبل ۾ پيش ايندڙ خطرن جي پِڻ چٽيءَ طرح سان نشاندهي ڪئي آهي ، ته حڪومتي ڪارندا مستقبل ۾ ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا! نقصان ته هر حالت ۾ وري به اُتان جي مقامي رهواسين جو ٿيندو ، جيڪي صدين کان اتي رهن ٿا. سندن رهائش ختم ٿي ته سندن روزگار به ختم ٿي ويندو! سمنڊ جو اِيڪو سسٽم پڻ تباھ ۽ برباد ٿي ويندو! ۽ سنڌي سمنڊ جو ڪنارو گندگي جو هڪ ڍير بڻجي ويندو ، جنهن سان سمنڊ ۾ موجود آبي جيوت جي بقاءَ کي به خطرو پيش ايندو!

ان کان سواءِ سامونڊي ٻيٽن تي رهندڙ ٻيڙياتن ۽ مُهاڻن کي ڪيڏانهن لڏايو ويندو؟ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو ته ، پوءِ اهي ڌنڌو ڪهڙو ڪندا؟ ڇاڪاڻ جو انهن ته نسل در نسل رڳو سمنڊ سان ئي جهيڙيو آهي ۽ اهو ئي سندن جياپي جو واحد ذريعو رهيو آهي. اهي ماڻهو اتان لڏايا ويا ته پوءِ سندن گُذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو.
جيئن شاهه عبدالطيف فرمايو آهي ته:
”نه ڪا بوءِ بازار ۾ ، نه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀريِن جِي ، اَڳي هُئي اُگهٽَ،
سَي پِڙَ پَسِيو پَٽَ ، ماڙهُو وَڃَن موٽيا“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close