سِڻيء کي اردو/ هندي ٻوليءَ ۾ پٽ سن سڏيندا آهن ۽ انگريزي ۾ Jute. هي نهايت ڪارائتو قدرتي نباتاتي فائبر آهي، جنهن مان انيڪ قسمن جون قيمتي چيزون تيار ٿين ٿيون.
ڪجهہ عرصو اڳ تائين اسان وٽ اناج وغيره محفوظ رکڻ لاءِ سِڻيء جي ڌاڳي مان ٺهيل ٻوريون استعمال ٿينديون هيون، جن ۾ رکيل اناج سڄو سال محفوظ پيو هوندو هو. سِڻيء جي ڌاڳي مان ٺهيل ٻوريون ايترو تہ مضبوط ۽ پائدار هونديون هيون جو ڪيترن ئي سالن تائين خراب ڪون ٿينديون هيون. هاڻي سِڻيء جي جاءِ تي پلاسٽڪ جون ٻوريون عام ٿي ويون آهن. پلاسٽڪ انسانن سميت سموري جيوت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي ۽ ان سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ ڦهلائڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. اهو ئي سبب آهي جو پوري دنيا ۾ پلاسٽڪ جي استعمال تي سخت پابنديون لڳل آهن. پلاسٽڪ گرمي ۽ سردي ۾ جلد خراب ٿي ويندي آهي، ان ڪري پلاسٽڪ جي ٻورين ۾ رکيل زرعي جنسون به ٿوري ئي عرصي ۾ ڳري سڙي خراب ٿيو وڃن.
اسان وٽ عام تاثر اهو قائم ٿيل آهي تہ هتي سڻي پيدا ڪون ٿيندي آهي، ان ڪري ٻاهران گهرائڻ تي مهانگي پلئہ پوي ٿي. جيستائين بنگلاديش آزاد نه ٿيو هو تيستائين هتي به سڻي ۽ ان مان ٺهيل مختلف مصنوعات عام دستياب هونديون، ڇو تہ بنگال ۾ سڻيء جي پيداوار تمام گهڻي ٿيندي آهي. جڏهن بنگلاديش آزاد ٿيو تہ هتي سڻيء جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو. هتان جي حڪومتن وري ان جو حل پلاسٽڪ ۾ ڳولي ماحولياتي گدلاڻ وڌائڻ جو بنياد رکي ڇڏيو.
اهو تاثر بلڪل ئي بي بنياد ۽ نسوري ڪوڙ تي ٻڌل آهي تہ سِڻي هتان جي پيداوار ئي نہ آهي. بلڪ حقيقت اها آهي تہ سِڻي جو فائيبر جن ٻوٽن مان حاصل ٿيندو آهي، اهي ٻوٽا هتان جا مقامي آهن ۽ اڪثر گرمي جي موسم ۾ باغن ۽ پوسل وارين جڳهن تي عام جام پيدا ٿيندا رهن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪيترن ئي جاين تي ماڻهون اهي ٻوٽا ڳولي انهن مان سِڻيء جا تاندورا (Fiber) ڪڍي پنهنجي ڪم آڻين ٿا. ڪيترين جاين تي تہ اڃان تائين به ماڻهون سِڻيء جي باقاعدي پوک به ڪن ٿا، ڇو تہ چوپايو مال ان کي شوق سان کائيندو آهي.
اسان جي بدقسمتي چئجي جو هاڻي زرعي زهر تيار ڪندڙ ڪمپنين جي پروپيگنڊا سبب عام آبادگار هنن قيمتي ٻوٽن کي بيڪار گندگاه سمجهي خريف جي مند ۾ انهن مٿان زهريلين دوائن جا ڦوهارا ڪري سندن نسل ڪشي ڪري رهيا آهن.
برصغیر ۾ سڻيء جي پيداوار ۾ هندستان ۽ بنگلاديش سڀني کان اڳڀرا آهن. اتي ٻن مختلف قسمن جي ٻوٽن مان سڻيء جا تاندورا حاصل ڪيا ٿا وڃن.
1. سفيد سڻي Corchorus capsularis جي ٻوٽن مان.
2. خاڪي سڻي Corchorus olitorius جي ٻوٽن مان.
سِڻيء جي پيداوار وارا اهي ٻئي ٻوٽا اسان وٽ سنڌ ۾ عام جام ٿين ٿا پر هتي انهن جي عام سڃاڻپ "فصلن کي نقصان رسائيندڙ گند گاه” طور بڻائي ويئي آهي. سفيد سڻي جا تاندورا پائداري ۽ مضبوطي ۾ خاڪي سڻيء کان وڌيڪ ٿيندا آهن پر جيئن تہ هن جو ٻوٽو قد ۾ ننڍو ۽ سنهو ٿيندو آهي، ان ڪري انهن مان پيداوار به گهٽ حاصل ٿيندي آهي. پر سفيد سڻيء جي مارڪيٽ ۾ قيمت وڌيڪ ٿئي ٿي. ڇو تہ ان جو سنهون تاندورو فيشن مصنوعات ۾ استعمال ٿيندو آهي. خاڪي سڻيء جو ٻوٽو قد ۾ ڊگهو ٿئي ٿو. هن مان تاندوري جو مقدار به وڌيڪ حاصل ٿئي، جنهن ڪري بنگلاديش ۽ هندستان ۾ هن جي پوک وڏي پيماني تي ڪئي ويندي آهي. هن جي ڌاڳي مان رسا ۽ پيڪنگ بيگ يا ٻوريون ۽ ٻورا ٺاهيا وڃن ٿا.
سڻيء جا ساوا ٻوٽا چوپايو مال شوق سان کائيندو آهي. هن جا تازا پن هندستان ۽ مشرق بعيد جي ملڪن ۾ سلاد طور يا ڀاڄين ۾ استعمال ٿين ٿا. ديسي دوائن ۾ به هنن ٻوٽن جو استعمال ٿئي ٿو. افسوس جو هتي اسان وٽ اهڙن قيمتي ٻوٽن کي ڄاڻ نه هئڻ سبب بيڪار ۽ نقصانڪار سمجهي ضايع ڪيو ٿو وڃي. هاڻي انٽرنيٽ جو دور آهي. انٽرنيٽ تي علم جا خزانا عام آهن، اسان جي آبادگارن کي گهرجي تہ هو نام نھاد زرعي ماهرن ۽ زهر ٺاهيندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي ڪوڙ ۽ جھالت ڦهلائيندڙ پروپيگنڊا کان متاثر نه ٿين. هر چيز جي باري ۾ ڪوشش ڪري پاڻ تحقيق ڪندا رهن ۽ ڄاڻ حاصل ڪن.
آخر ۾ هڪ ڳالھ جي وضاحت ڪندو هلان تہ مرزا قليچ بيگ 1895ع ۾ پنهنجي لکيل ڪتاب ’باغ ۽ باغباني‘ ۾ ماحول دوست زراعت ۽ باغباني لاء بهترين رهنمائي ڪئي آهي. زراعت ۽ باغباني سان جڙيل دوستن کي ان ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي. شايد غلطي يا اڻڄائي ۾ مرزا صاحب سڻيء جي ٻوٽي جو انگريزي نالو Flax لکيو آهي. فليڪس دراصل السيء جي ٻوٽي جو نالو آهي. السي سياري ۾ ٿيندي آهي ۽ هن جو شمار تيلي ٻجن ۾ ٿئي ٿو. السيء جي ٻوٽي جي کل مان به بهترين فائبر حاصل ٿيندو آهي جنهن کي انگريزيءَ ۾ Lenin سڏيو ويندو آهي. لينن ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن مان بسترن جون چادرون ۽ پردا ٺهندا آهن. السي به اسان جو مقامي ٻوٽو آهي ۽ قيمتي فصلن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو.