ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار – 9

گل حسن ڪلمتي

هڪ پراسرار دنيا: شهر روغان يا گوُندراڻا غار (حصو پھريون)

هڪ پهاڪو مشهور آهي تہ ”ڦِٽو شهر روغان جو، اڏيو امرڪوٽ.“ ان پهاڪي جو واسطو لسٻيلي واري شهر روغان سان آهي يا نہ؟ ان تي تحقيق جي ضرورت آهي ۽ اهو ڏسڻو آهي، تہ ان پهاڪي ۾ لسٻيلي واري شهر روغان جو ذڪر آهي يا ڪنهن روغان شهر جو..

لسٻيلي جي شهر ”ٻيلي“ کان خضدار ڏانهن ويندي 17 ڪلوميٽرن تي ”ول پٽ“ جو علائقو اچي ٿو، جتي، رستي جي کاٻي پاسي ”زيارت مائي پير“ جو بورڊ لڳل آهي، اتان رستو هڪ پراسرار دنيا ڏانهن وڃي ٿو، جيڪا تاريخ ۾ ”گُوندراڻي غار“ ۽ ”شهر روغان“ طور مشهور آهي. هِتان اها وسندي 8 ڪلوميٽر پري آهي. پڪو رستو ”ڪڊ ڪؤر“ (ڪؤر بلوچيءَ ۾ نئن کي چون) جي ڪناري عمراڻي ڳوٺ تائين آهي. اڳتي ٻہ ڪلوميٽر ڪچو رستو آهي، جيڪو ”ڪُڊ ڪؤر“ وچان وڃي ٿو.

مائي پير زيارت تي لڳل ڪتبو

جڏهن انهن غارن جھڙن گهرن تائين پهچبو، تہ جبلن مان هڪ ٻيو ڍورو اچي ڪُڊ ڪؤر نئن سان ملي ٿو. هتي ڪڊ ڪؤر ۾ صاف ۽ شفاف پاڻي هر وقت وهندو رهندو آهي. غارن واري ڍوري جي ٻنهي پاسن کان هزار فٽن کان مٿي اوچا جبل آهن.
هتان ڪُڊ ڪؤر کان اڳتي وڃبو، تہ هڪ جابلو ٽڪريءَ تي هڪ مزار آهي، جيڪا ”مائي پير زيارت“ طور مشهور آهي. ان تي هر سال ميلو بہ لڳندو آهي. مزار جي ڪتبي تي لکيل آهي، ”مرحومہ بي بي سومري عرف بي بي ٻروچاڻي.“
هتي موجود غارن جھڙا گهر ’گوندراڻي غار‘ طور مشهور آهن، تنهنڪري ڪجهہ ماڻهو هن مزار کي هاڻي ’گوندراڻي‘ بہ چون، پر ڪتبي يا مزار تي؛ ڪٿي بہ ’مائي گوندراڻي‘ لکيل نہ آهي. درگاھ کان مٿي هڪ رستو جبلن جي چوٽيءَ ڏانهن وڃي ٿو، جتان ڪُڊ ڪؤر وهي ايندي آهي.

شھر روغان گوندراڻا غار

هتي ڪُڊ ڪؤر جي ٻنهي پاسي اوچا جبل آهن. ٻنهي پاسن کان هيٺ کان مٿي؛ ترتيب سان غار نظر ايندا، جيڪي اصل ۾ هڪ ڪمري کان وٺي چئن ڪمرن وارا، جبل ۾ کوٽيل گهر آهن. مٿي ذڪر ڪيل مزار جي ڪري انهن غارن جھڙن گهرن کي ”گوندراڻا گهر يا غار“ بہ چون ٿا. انهن ۾ اڱڻ ۽ ڪمرن سان مليل ڪمرا موجود آهن. 15×15 فٽ جا اهي ڪمرا 8 فوٽ اوچا آهن. هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري تائين وڃڻ لاءِ دروازن جھڙا لنگهہ بہ آهن. ڪمرن ۾ ڏيئا رکڻ لاءِ جاءِ بہ ٺهيل آهي. سامان ۽ اناج رکڻ جون جايون بہ موجود آهن.
اها هڪ پراسرار دنيا آھي ، جتي ديون ۽ پرين جا قصا بہ مشهور آهن. انهيءَ پراسراريت جي ڪري ان علائقي کي ”پري وڍ“ يا ”پرين جو ديس“ بہ چون ٿا. جڏهن طوفاني هوائون لڳن ٿيون، تہ جبلن تان مٽيءَ سان گڏ ڪنڪريون بہ هيٺ ڪِرن ٿيون، جن لاءِ اهو مشهور ڪيو ويو آهي، تہ ”اهي پٿر يا ڪنڪريون ديون ۽ پرين پاران ماڻهن کي ڀڄائڻ لاءِ وسايون وڃن ٿيون.“ اهو ئي سبب آهي جو هن قديم انساني رهائش لاءِ ڪافي ڏندڪٿائون مشهور آهن. هڪ ڏندڪٿا اها بہ آهي، تہ ”هتي هڪ بادشاھ ’سليمان‘ نالي سان رهندو هو، جنهن جي هڪ خوبصورت ڌيءَ بديع الجمال هئي. جنهن تي ستن ازدهائن جو قبضو هو. پوءِ هڪ شهزادي- سيف الملوڪ جو هتان گذر ٿيو، جنهن انهن بلائن ۽ ديون کي ماري شهزاديءَ کي آزاد ڪيو ۽ پوءِ شهزاديءَ سان شادي ڪري هتي محل ۾ رهي پيو.“

انهن غارن جھڙن گهرن مان هڪ وڏي گهر لاءِ مشهور آهي، تہ اهو بادشاھ جو محل هئو. سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال جو قصو سنڌ ۾ اروڙ جي برباديءَ ۽ راجا دلو راءِ سان بہ منسوب ملي ٿو.

ٻي ڏندڪٿا اها آهي، تہ ”انهن بلائن، جن شهزادي (بديع الجمال) کي قيد ڪيو هو، ان کي هڪ الله لوڪ مائيءَ (مٿي ڄاڻايل) آزاد ڪرايو، جنهن جي قبر ڪُڊ ڪؤر (نئن) جي ڪناري تي موجود آهي.“
اهي ٻئي گهڙيل قصا آهن. انهيءَ مزار جي ڪري جيڪو قصو ٺاهيو ويو آهي، پر قبر يا زيارت ان قصي کان گهڻو پوءِ جي آهي. جڏهن ڪنهن مقام يا آثار بابت سچي معلومات ناهي هوندي، تہ پوءِ ان سان اهڙا قصا منسوب ڪيا ويندا آهن- يا انهن کي ڪافرن سان منسوب ڪيو ويندو آهي.

انهن گهرن جو سڀ کان پهريون ذڪر 1883ع ۾ نيوي ڪمانڊر ڪارليس جي رپورٽ ۾ ملي ٿو. انگريزن جي دور ۾ ٿيل ڳڻپ موجب، اهي 500 گهر هئا، جن مان هاڻي گهڻا ڊهي چڪا آهن. گهڻا نديءَ جي تيز وهڪري جي ڪري ختم ٿي ويا آهن. پوءِ بہ هن وقت هڪ اندازي موجب هتي اڃا 500 اهڙا گهر موجود آهن. اهي گهر ترتيب سان هيٺ کان مٿي؛ چوٽين تائين؛ ٻنهي پاسي جبلن ۾ موجود آهن. مٿي وڃڻ لاءِ رستن جا اهڃاڻ بہ موجود هئا، جيڪي هاڻي ختم ٿي چُڪا آهن. مٿين گهرن تائين وڃڻ ڏکيو آهي.

گهڻن محققن جو خيال آهي، تہ اهي ٻڌ دور جا آهن. مير گل خان نصير پنهنجي ڪتاب ”بلوچستان: قديم ۽ جديد تاريخ ڪي روشني مين“ ۾ لکي ٿو، ”ماهرن جو خيال آهي تہ هي غار ٻڌ ڀڪشوئن جا عبادت گاھ يا درس گاھ آهن، جتي ٻُڌمت جي تعليم ڏني ويندي هئي. ۽ جيڪو وڏو گهر آهي، اهو ڪا عبادتگاھ يا قبيلي جي سردار جي رهڻ جي جاءِ آهي.“

ونڪ اينڊري (Wink Andre) ۽ ٻين محققن جي خيال ۾، اهي پنجين ۽ ڇهين صديءَ جا گهر آهن. ٻُڌمت جي ماڻهن جا ٺاهيل آهن. هُو هنن کي افغانستان جي باميان صوبي جي ٻُڌ دور جي غارن سان ملائين ٿا. ان تي بہ محققن ۾ اختلاف آهي. باميان جي غارن ۾ پٿر تي اُڪر ۽ پينٽنگ بہ آهي، پر لسٻيلي واري شهر روغان جي غارن مان ڪابہ اهڙي شئي نہ ملي سگهي آهي.
اها وسندي ان دور جو هڪ اهم يادگار آهي، جڏهن انسانن جبلن کي ڪَٽي انهن ۾ رهڻ لاءِ گهر ٺاهيا هئا. لڳي ٿو تہ قدرتي ۽ هٿرادو غارن ۾ رهڻ واري زندگيءَ کان پوءِ جڏهن ماڻهن ۾ الڳ گهر ٺاهڻ ۽ انهن ۾ رهڻ جو تصور پيدا ٿيو، تہ انهن هڪ ئي غار ۾ رهڻ بدران جبلن ۾ پنهنجي لاءِ الڳ الڳ گهر ٺاهڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي ڪٽنب سميت انهن ۾ رهڻ لڳا. اهڙي طرح قبيلي جو جدا تصور اُڀري سامهون آيو. ان کان پوءِ اهي مختلف دورن ۾ مختلف مذهبن ۽ قبيلن جي ماڻهن جي استعمال هيٺ رهيا.
پوري دنيا ۾ جبلن ۾ موجود غارن کان سواءِ هھڙا غارن جھڙا گهر بہ موجود آهن، جن تي تحقيق هلندڙ آهي، پر اسان وٽ اهي لاوارث بڻيل آهن. تحقيق ڪندڙن لاءِ ڪنهن بہ قسم جون سهولتون نہ هئڻ ڪري گهربل نتيجا نہ ملي سگهيا آهن.

ڄامشوري ضلعي ۾ لاهوتين جي واٽ تي ’ڪائي‘ لڳ ست گهر مشهور آهن، جيڪي بہ قديم دور جي انسان هڪ ننڍي ٽڪريءَ کي کوٽي ٺاهيا هئا، پر انهن کي سنڀالي رکڻ بدران، ڳوٺاڻن انهن کي مال جي واڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان جي گوادر سنگهار جبل ۽ پٻ جبل ۾، شاھ نورانيءَ لڳ، ’لاهوت لامڪان وارو غار‘ ۽ ٻيا غار مشهور آهن، جيڪي ماڻهن جي رهڻ يا عبادت گاھ طور استعمال ٿيندا رهيا آهن.

(ھلندڙ)



Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close