سنڌ جو هڪ لافاني ڪردار؛ سائين گُل حسن ڪَلمتي

امين جويو

سي ئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا
رُئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن
مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري (سُر سامونڊي)

سائين گُل حسن ڪلمتي سان منهنجي پهرئين مُلاقات 12 جنوري، 2019ع تي ميمڻ ڳوٺ ۾ ٿي. آئون اتي موجود ’ملڪ توتا خان ڪلمتي‘ وارو قديم تواريخي قبرستان ڏسڻ لاءِ ويو هئس، ان قبرستان ۾ اُڪرَ وارو ڪم ٿيل ڪجهه خوبصورت ۽ قديم تواريخي قبرون موجود آهن. اهو ماڳ ڏسڻ کان پوءِ سائين گُل حسن ڪلمتي سان ملاقات ٿي.

جيئن ته منهنجي سائين سان اها پھرين ملاقات هئي، ان ڪري آئون کائنس سوال ڪندي ڪجهه گهٻرائي رهيو هئس. سائين گُل حسن مون کي انتهائي شفيق ۽ نرم لهجي ۾ چيو ته ؛ ”بابا جيڪي به سوال پڇڻا هجنئي، سي پُڇ“
پوءِ ته مون کانئس ’ملڪ توتا خان ڪلمتي‘ واري قبرستان بابت هڪ ئي وقت هيڪاندا سوال پُڇي ورتا. پهريان ته هن اهي سڀئي سوال آرام سان ويهي ٻُڌا، پوءِ هر هڪ سوال جو جواب وڏي تفصيل ۽ مختلف ڪتابن جي حوالن سان ڏنائين۔ سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ کان پوءِ پُڇيائين ته؛ ”جي اڃا به ڪو سوال آهي ته ڀلي پُڇ!“ آئون ان ئي وقت سندس پرستار ٿي ويس ۽ دل ۾ فيصلو ڪيم ته؛ سندس لکيل سڀئي ڪتاب خريد ڪري نه رُڳو پڙهندس، پر انهن جو مختصر اڀياس پڻ لکندس. ڇو ته سائين جن جو جيڏو وڏو نالو آهي، پاڻ اوترو ئي نرم مزاج، سادي طبيعت جو مالڪ، نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو باوقار انسان لڳو.

سائين جن جو پهريون ڪتاب ’هڪ رُٺل شهر جي ڪهاڻي‘ سال 1997ع ڌاري ساريڪا پبليڪيشن وارن ڇپائي پڌرو ڪيو. اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه ٿو ملي. جڏهن به ڪٿان هٿ لڳو ته ضرور خريد ڪندس ۽ ان تي هڪ مختصر تبصرو پڻ لکندس.

ان کان پوءِ سائين جو ٻيو ڪتاب 2. ”سنڌوءَ جو سفر“ سال 1998ع ۾ آيو. ٽيون ڪتاب ”برف جو دوزخ“ سن 2004ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. چوٿون ڪتاب ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ 2008ع ۾ ، پنجون ڪتاب ”ملير جي ڪهاڻي“ 2009ع ۾ ، ڇهون ڪتاب ”عشق جون ڳليون“ 2010ع ۾ ، ستون ڪتاب ؛ ”ڪالاش ڪافرن جو ديس“ 2011ع ۾ ، اٺون ڪتاب ”ڪراچيءَ جا لافاني ڪردار“ 2012ع ۾ ، نائون ڪتاب ”ڪراچيءَ ۾ رهندڙ اصلوڪا ماڻهو، انهن جا مسئلا ۽ نيون رهائشي اسڪيمون“ 2015ع ۾ ، ڏهون ڪتاب ”سنڌ جا سامونڊي ٻيٽ“ 2016ع ۾ ، يارهون ڪتاب ”ڪراچي ۾ انگريز دور جون مشهور تاريخي عمارتون“ 2020ع ۾ ۽ سندس ٻارهون ۽ آخري ڪتاب ”سسئي جي واٽ“ 2022ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

هنن ڪتابن منجهان سندس پهرئين ۽ آخري ڪتاب کان سواءِ باقي سڀني ڪتابن تي منهنجا لکيل تبصرا روزاني ”عَوامي آواز اخبار“ ۾ ڇپجي چُڪا آهن، جيڪڏهن ڪو به دوست پڙهڻ چاهي ته اهي مختصر تبصرا عوامي آواز اخبار وارن جي بلاگ ۽ ويب سائيٽ تي پڙهي سگهي ٿو۔ (آن لائن سنگت میگ جي سنڌي سيڪشن۾ بہ اھي تبصرا موجود آھن. ادارو)

سائين گُل حسن ڪلمتي جي چئن ڪتابن جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي ، باقي رهيل ڪتابن جو پڻ ٿيڻ گهرجي. سندس ڪم جي ڪري ، سندس حياتيءَ ۾ ئي کيس کوڙ سارن اعزازن سان نوازيو ويو، پر جيڪا شهرت سندس ڪتاب ”ڪراچي سنڌ جي مارئي“ کي ملي آهي، اوتري ٻين ڪتابن کي اڃا نه ملي سگهي آهي.

پاڻ نه رڳو هڪ محقق، ليکڪ ۽ تاريخدان هو پر هو نانءُ هو هڪ تحرڪَ جو ، هڪ تحريڪ جو! هڪ مزاحمت جو! هڪ اڻ ٿڪ ۽ مسلسل جدوجهد جو! هن ڏيهي ماڻهن جي حقن لاءِ ظالم سامراج خلاف سخت احتجاج ڪيو. ڪراچي جي اصلوڪن رهاڪن جا مسئلا هجن، سندن زمينن تي قبضاگيري جي ڳالھ هجي يا قديم آثارن ۽ قديم عمارتن کي ڊاهڻ جي ڳالھ هجي! سائين گُل حسن ڪلمتي هر هڪ مسئلي ۾ اڳيان اڳيان هوندو هو، پر منهنجي خيال ۾ انهن سڀني ڳالهين کان اهم ڳالھ ، جيڪا مون سائين گل حسن ڪلمتي ۾ ڏٺي ، سا هئي انسانن توڙي جاندارن لاءِ پيار، محبت ۽ احساس جو جذبو! ان کان سواءِ سندن نياز، نوڙت، نرم لهجو، قرب ۽ ڪچهرين جو انداز ئي نرالو هو. هن وٽ جيتري ڄاڻ ۽ علم هو پاڻ اوترو ئي نرم طبيعت، سادگي پسند ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو انسان هو. هن ۾ نه ڪا وڏائي، نه ڏيکاءُ ۽ نه ئي وري ڪو ساڻس ملڻ لاءِ وقت وٺڻو پوندو هو.

سائين گُل حسن ڪلمتي تڏي جو به مڙس ماڻهو ۽ مهمان نواز هو. منهنجو سندس حياتيءَ ۾ ٽي ڀيرا هن جي ڳوٺ ”عرضي خان بلوچ“ وڃڻ ٿيو ۽ چوٿون ڀيرو سندن وفات کان پوءِ ويس. سائين گُل حسن ڪلمتي پاڻ ۽ سندس ويجها مِٽ مائٽ تمام گهڻا مهمان نواز، قربَ ۽ محبت ڏيندڙ ماڻهو آهن. سندن ڳوٺ گڏاپ واري پاسي”موکي متارن“ جي مشهور ماڳ ڀرسان آهي ، جتي صاف سُٿري آب و هوا ، اُجرو ۽ شفاف پاڻي ۽ چئني پاسي ساوڪ ئي ساوڪ آهي. اتان جي تر و تازا هوا ۾ ساھ کڻڻ سان ماڻهو، تازو ۽ توانو ٿي وڃي ٿو. يقينن هن ماحول جو اثر سائين گُل حسن ڪلمتي تي پڻ ٿيو هو. تڏهن ته پاڻ ايڏو فطرت پسند انسان هو!

جڏهن مون جھڙي نئين ۽ سيکڙاٽ ليکڪ جو پهريون ڪتاب ”تحقيق جي ڀَري“ 2021ع ۾ ڇپجڻ لاءِ تيار ٿيو ته مون ان جو مهاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي نالي وارن مُحققن ، تاريخدانن ۽ اديبن سان رابطو ڪرڻ شروع ڪيو، هر ڪنهن آسرا ته ضرور ڏنا، پر ڪنهن به وقت سِر ”مهاڳ“ يا ”ٻه اکر“ ڪو نه لکي ڏنا! مون سڀني منجهان آسرو لاهڻ کان پوءِ سائين گُل حسن ڪلمتي کي ، پنهنجي ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جو عرض ڪيو. سائين چيو ته؛ ”پهريان ڪتاب جو سمورو مَواد اُماڻ ، پڙهڻ کان پوءِ فيصلو ڪندس“ مون يڪدم کين مواد اُماڻي ڏنو. ٻن هفتن جي وٿيءَ کان پوءِ سائين گُل حسن ڪلمتي پنهنجن هٿن سان قلم ذريعي ٻه صفحا لکي مون ڏانهن اُماڻي ڏنا! اِهي ٻهَ صفحا مون اڃا تائين ساري سنڀاري رکيا آهن، اهي منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهن ۽ مون لاءِ هڪ سرٽيفڪيٽ جي حيثيت رکن ٿا.

ڳالھ اڃا اتي ئي پوري ڪا نه ٿي ٿئي، پر تازو هِن سال 2023ع جي شروعات ۾ منهنجي ٻئي ڪتابَ جو مواد مڪمل ٿيو ته مون هڪ ڀيرو وري همت ڪري، سائين گُل حسن ڪلمتي ۾ اُميد رکي، کيس پنهنجي ٻئي ڪتابَ لاءِ ”ٻه اکر“ لکڻ جو عرض ڪيو! سندن طبيعت ٺيڪ ڪانه هئي، پر تنهن هوندي به جواب ڪو نه ڏنائون ۽ منهنجي ٻئي ڪتاب جو سمورو مَواد پڙهڻ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ کان پوءِ ، هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي ٻئي ڪتاب لاءِ به ٻه صفحا لکي ڏنائين! ان لاءِ آئون سندن ٿورائتو آهيان ۽ رهندس.

آئون سندن اهي ٿورا لاهي ته نه ٿو سگهان ، پر هر هنڌ ، هر جاءِ ڳائيندس ضرور! منهنجي سوچ مطابق سائين گُل حسن ڪلمتي هن دنيا منجهان ويو ناهي، پر هتي ئي اسان سان گڏ ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود آهي! ڇو ته اسان جڏهن ڪنهن به تحقيقي مضمون ۾ ڪو حوالو ڏيندا آهيون ته هن طرح سان لکندا آهيون ؛ ”سائين گُل حسن ڪلمتي پنهنجي فلاڻي ڪتاب ۾ هينئن لکي ٿو ته ……“ ان جملي کي جڏهن ڪو به ماڻهو غور سان پڙهندو ته کيس ايئن لڳندو ته اهو مُحقق يا ليکڪ ، اڃا مئو ناهي ، پر جيئرو جاڳندو آهي!. تنهن ڪري آئون سمجهان ٿو سائين گُل حسن ڪلمتي هن دنيا منجهان ويو ڪونهي ، پر هو اڃا اسان جي وچ ۾ ئي آهي…

اڄ نه اوطاقن ۾ ، طالب تنوارين،
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين،
جي جيءَ کي جيارين ، سي لاهوتي لڏي ويا.

(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close