وهيل مڇيءَ بابت مڪمل ڄاڻ (حصو پھريون)

الطاف شيخ

سمنڊ سان واسطو هجڻ ڪري اڪثر ماڻهو (خاص ڪري ٻار) مون کان پڇندا آهن ته اسان کي ڪڏهن وهيل يا ٻيون مڇيون نظر آيون؟ ڪنهن مڇيءَ اسان جي جهاز تي حملو ڪيو؟ ۽ هاڻ هن خبر بعد ڪنهن اهو به پڇيو ته ڇا وهيل مڇيءَ جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جنهن ذريعي هوءَ سڄو ماڻهو ڳڙڪائي سگهي؟

وهيل جو وات ايڏو وڏو ٿئي ٿو جو سڄو ماڻهو هڪ ئي ڳت ۾ هن جي پيٽ ۾ ته داخل ٿيو وڃي پر جي ڪو چاهي ته هن جي وات مان واڪ ڪري پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. ماڻهو ته ڇا موٽر ڪار ـــ بلڪه ٽرڪ به ان مان داخل ٿي سگهي ٿي. ڇو جو وهيل مڇي دنيا جو تمام وڏو جانور آهي. ايڏو وڏو جو هن جي ڄڀ (زبان) بالغ هاٿيءَ جيڏي آهي جنهن جي مٿان شير مير بحر، بکر شيديءَ جهڙا ڏهه پهلوان ملهه بيهي سگهن. سندس دل اسان جي مهراڻ يا سوزوڪي سئفٽ ڪار کان وڏي آهي. بلو وهيل جي Aorta (دل ڏي رت کڻي ويندڙ شريان) ايڏي موڪري آهي جو انساني ٻار ان مان مونڙيون پائي هلي سگهي ٿو. وهيل مڇين جي ڪن جنسن جي نرن جا آنوڙا (Testicles) ايڏا وڏا ٿين ٿا جو هڪ جوڙي جي تور هڪ ٽن (25 مڻن) جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿي…. يعني هڪ آنوڙي جو وزن 500 ڪلو ـــ پنجن ٻڪرين جيترو ٿيو ۽ خاص عضوو 8 فٽ يعني ماڻهوءَ جي قد کان به ڏيڍوڻو ٿئي.

ماڻهو پڇندا آهن ته سمنڊ تي اسان کي مڇيون نظر اينديون آهن؟ جهاز جڏهن ڪنهن بندرگاهه ۾ گهڙڻ کان اڳ کلئي سمنڊ تي ائنڪر ڪيرائي اندر گهڙڻ جو انتظار ڪندو آهي ۽ جهاز جون انجڻيون بند هجڻ ڪري خاموشي تاري هوندي آهي ته پوءِ شفاف پاڻيءَ ۾ رکي رکي مڇين جا ولر گذرندي نظر ايندا آهن. باقي جهاز جڏهن هلي ٿو ته فقط هن جي پروپيلر کي هلائڻ واري انجڻ 16 هزار هارس پاور طاقت جي ٿئي ٿي جنهن جو آواز تمام گهڻو ٿئي ٿو. اهڙي ڌڌڪي واري هلندڙ لوهي جهاز جي ويجھو ڪهڙي مڇي ايندي. ها البت کلئي اونهي سمنڊ ۾ ڪٿي جي وهيل مڇيون هونديون آهن ته اهي پري کان ضرور نظر اينديون آهن جو وهيل مڇي انسانن ۽ جانورن وانگر ڦڦڙن ذريعي ساهه کڻي ٿي. هن جي مٿي تي هڪ (۽ ڪن تي ٻه) سوراخ ٿين. اهي ڄڻ ته وهيل جي نڪ جون ناسون آهن جن ذريعي هوءَ سمنڊ جي سطح تي اچي ساهه کڻي ٿي ۽ پوءِ ساهه ڪڍڻ مهل هوا سان گڏ پاڻيءَ جا ڦڙا به وڏي پريشر سان اسپري جي شڪل ۾ ائين ٻاهر ڪڍي ٿي ڄڻ ڪنهن باغ ۾ لڳل ڦوهاري مان پاڻي نڪري ـــ ان سان گڏ ان ڦوهاري جو آواز به پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. دنيا جي باقي مڇين کي سمنڊ اندر پاڻيءَ مان ئي آڪسيجن ملي ٿي ۽ هنن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت نٿي پوي. هنن جي ڪلين (Gills) ۾ جيڪو سامونڊي پاڻي داخل ٿئي ٿو ان مان مڇيءَ جو جسم آڪسيجن چوسي وٺي ٿو.

هڪ دفعي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ فرانس يا اٽليءَ جي ڪنهن بندرگاهه ٻاهران لنگر ڪيرائي، جهاز جي انجڻ بند ڪري اندر داخل ٿيڻ جي سڏ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته ڪا زخمي وهيل مڇي ڪٿان ٿڙندي ٿاٻڙندي اچي اسان جي جهاز جي ٻاهرين حصي سان لڳي. في الحال ته ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ٻئي جهاز اچي ٿونو هنيو هجي….. جهاز ست اٺ دفعا ساڄي کاٻي رول ڪندو رهيو. اسان سڀني لاءِ اها نئين ڳالهه هئي ته خاموش موسم ۽ ماٺيڻي سمنڊ ۾ هي ڇا ٿي ويو. اندر بندرگاهه ۾ گهڙڻ بعد اتي جي هڪ جھوني جهازيءَ ٻڌايو ته هتي هن علائقي ۾ ”وهيلر جهاز“ وهيل مڇين جو شڪار ڪن ٿا. ضرور ڪنهن وهيلر ۾ سوار مهاڻن ان وهيل مڇيءَ کي ڀالا ۽ ڀڙڇيون هڻي زخمي ڪيو هوندو يا وري سندس ٻچي کي ماريو هوندو جنهن جي ڪاوڙ ڪڍڻ لاءِ هن وهيل مڇيءَ اسان جي جهاز کي ٽڪر هنيو. اهو ٻڌي مونکي احساس ٿيو ته اڳوڻن وقتن ۾ جڏهن جهاز ڪاٺ جا هوندا هئا ۽ سڙهن ذريعي هلندا هئا، وهيل مڇين جي شڪار دوران ڪڏهن ڪڏهن ههڙي بگڙيل وهيل انهن هوڙهن ۾ سوار ماڻهن ۽ هوڙهن کي ٿونا هڻي تباهه ڪري رکندي هئي. دنيا جي مشهور ناول ”موبي ڊڪ“ ۾ به ته وهيل مڇي اهو ئي حال ڪري ٿي.
وهيل مڇي اونهي سمنڊ جو جانور آهي. هوءَ سڄي زندگي ڄمڻ کان وٺي بالغ ٿيڻ، ملڻ، ڦر ڏيڻ، ان جي پالنا ڪرڻ سمنڊ اندر ئي ڪري ٿي. ڪا زخمي ٿيل وهيل هوش وڃائي ڪناري تي اچي پئي هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي نه ته هوءَ هميشه ڪناري کان پري کلئي سمنڊ ۾ گذاري ٿي. اهڙي زخمي يا مُئل وهيل يا ان جو ٻچو ڪڏهن ڪڏهن ڪراچيءَ جي ڪناري کان به اچي نڪرندو آهي ۽ ان جي خبر فوٽي سميت اسانجي اخبارن جي زينت ٿيندي آهي.
وهيل مڇيون گھوڙي گڏهه يا دريائي گھوڙي وانگر هڪ ئي جنس جون نه آهن. وهيل مڇين جون سندن شڪل، رنگ، قد بت ۽ عادتن مطابق ڪيتريون ئي جنسون آهن جيئن ته گري وهيل، اسپرم وهيل، پائلٽ وهيل، بوهيڊ وهيل، فِن وهيل، بلو وهيل، ڪِلر وهيل (جيڪا اورڪا به سڏجي ٿي)، بيلوگا وهيل (جيڪا سفيد وهيل به سڏجي ٿي)، وغيره.


وهيل مڇيون تمام وڏيون ٿين ٿيون. ڪي ته ننڍين جنس جون به آهن پر اهي به ماڻهوءَ جي قد کان وڏيون اٽڪل 9 فٽ ٿين ٿيون جن جو وزن ٻن ماڻهن برابر اٽڪل 140 ڪِلو ٿئي ٿو. اهي ننڍي قد جون وهيل مڇيون ”ڄامڙيون اسپرم وهيل“ سڏجن ٿيون. گهڻيون تڻيون وڏيون ٿين ٿيون جيئن بلو وهيل مڇيون 112 فٽ کن ڊگهيون يعني انهن کي ڪرين ذريعي اُڀو جهلجي ته ٻارهن ماڙ بلڊنگ جيڏيون ٿين ۽ سندن وزن 200 کن ٽن ٿئي ٿو. ان تور جو اندازو ان مان لڳايو ته هڪ ٽن 25 مڻن برابر آهي يعني هڪ هڪ وهيل پنج هزار مڻن جي ٿي! ۽ جي ڪِلو ۾ حساب لڳائجي ته ان جو وزن ٻه لک ڪلو ٿيو.
وهيل مڇين کي ٿلهي ليکي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ ڏندن واريون جن جو گهڻي ڀاڱي کاڄ اِسڪڊ (Squid) جهڙيون مڇيون آهن (اِسڪڊ مڇيون اونهي سمنڊ ۾ ٿين ٿيون جن کي هي وهيلون ميل ڏيڍ هيٺ غوطو هڻي جھلين). ٻيون جھالر واريون (Baleen) وهيلون آهن. هنن جي منهن ۾ ڏندن بدران هڪ خاص قسم جي مواد جون جھالرون ٿين ٿيون. هي مواد اهو آهي جنهن مان اسان جا وار يا ننهن ٺهيل آهن. هي مڇيون سامونڊي گاهه ۽ آڱرين جهڙيون Krill مڇيون کائين ٿيون. هو وڏو وات پٽي سمنڊ جو پاڻي اندر ڪري پوءِ وات ڀيڪوڙي يعني اڳيان جھالر (بئلين) ڏئي پاڻي ٻاهر ڪڍن. پاڻيءَ ۾ موجود سامونڊي گاهه، ڪرل ۽ ٻيون ان قسم جون ننڍيون مڇيون بئلين جهڙي ڇاڻيءَ مان لنگهندي ان جي اندرين پاسي ڦاسيو پون جن کي وهيل مڇي چٽي صاف ڪندي آهي ۽ وري ٻيو پاڻي وات اندر ڪندي آهي. هن قسم جي وهيل اڳيان ڪو ماڻهو به اچي وڃي ته هو سڄو ئي سڄو وهيل جي وات ۾ چوسجي (Suck ٿي) سندس پيٽ اندر داخل ٿي سگهي ٿو. انهن قسمن جي وهيل کي ڏند نه هجڻ ڪري ماڻهو زخمي نٿو ٿئي.


• ڏندن وارين وهيل مڇين کي قدرت طرفان ٻڌڻ جي وڏي طاقت مليل آهي. ايتريقدر جو هو انڌيون ٿي وڃن ته به ٻڌڻ جي طاقت ذريعي شڪار کي ڦاسائي گذارو ڪريو وٺن. جھالر وارين وهيل مڇين کي وري سونگھڻ جي وڏي سگهه مليل آهي.
• هتي اهو به لکندو هلان ته وهيل مڇيون ”گرم خون“ (Warm Blooded) ٿين ٿيون. ماڻهو، پکي ۽ جانورن جو ان ڪئٽيگريءَ سان تعلق آهي. گرم خون وارا جن کي بايولاجي ۾ Homoeothermic سڏجي ٿو، اهي ساهه وارا آهن جن جي جسم جي گرمائش هميشه ساڳي رهي ٿي چاهي ٻاهر جو ٽيمپريچر ڇا به هجي. جيئن اسان انسانن جو نارمل ٽيمپريچر (Normothermia) 36.8 ڊگريون سيلسيس (يعني 98.2 ڊگريون فهرنائيٽ) رهي ٿو. چاهي ٻاهر ڪهڙي به موسم هجي اسانجي جسم جو سسٽم ساڳيو ٽيمپريچر قائم رکي ٿو. پر مڇيون، نانگ بلائون يا واڳون ”ٿڌي خون وارا“ Cold Blooded ٿين ٿا. انهن جو ٽيمپريچر خود به خود ساڳيو نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو رات جو ٿڌ ٿيڻ تي درياهه جا واڳون ليڙا (Sluggish) ٿي پوندا آهن ۽ سج اڀرڻ تي هو درياهه مان ٻاهر نڪري پنهنجو پاڻ کي اس ۾ سيڪيندا آهن. جيڪا مڇي جنهن ٽيمپريچر تي قدرت خلقي آهي اها ان گرمائش واري سمنڊ ۾ ئي رهي سگهي ٿي. توهان نارٿ سي (جرمني، ڊئنمارڪ، بيلجيم) پاسي جون مڇيون کڻي خط استوا واري سمنڊ ۾ يعني ملائيشيا، سنگاپور، سري لنڪا واري سمنڊ ۾ اچي وجھندائو ته هو مري وينديون. اهڙي طرح گهر ۾ به اهي مڇيون پالي سگهجن ٿيون جيڪي ان گرمائش تي جيئريون رهي سگهن ٿيون. پاڪستان يا دبئيءَ مان خريد ڪيل مڇين کي ناروي، سئيڊن ۾ رکڻ لاءِ توهان کي انهن جي اڪيورم (گهر) ۾ هيٽر هڻڻو پوندو. چڙيا گهرن ۾ دنيا جي مڇين کي رکڻ لاءِ انهن جي جياپي وارو ٽيمپريچر قائم ڪرڻو پوي ٿو.
• هاڻ جڏهن توهان کي وهيل بابت مٿيون ڳالهيون سمجھه ۾ اچي ويون آهن ته هن اسٽيج تي توهان کي اهو سمجهڻ ۾ ڏکيائي نه ٿيندي ته وهيل جنهن کي اسان ’مڇي‘ سڏيندا اچون مڇيءَ جي شڪل جي ضرور آهي، مڇيءَ وانگر سمند ۾ به رهي ٿي ۽ مڇيءَ وانگر تري ۽ ٽٻيون به هڻي سگهي ٿي پر حقيقت ۾ اها مڇي ناهي. اها ٿڻائتن جانورن (Mammals) جو قسم آهي. قدرت جي هن ڪارخاني ۾ ههڙيون ڪئين شيون نظراچن ٿيون جيئن اٺ پکي (شتر مرغ) کنڀن هوندي به اڏامي نٿو سگهي. چمڙو ”پکي“ هوندي ٻچن کي ٿڃ پياري ٿو، وغيره.
(جاري آهي)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close