هي سموري ڪائنات مادي (matter) ۽ توانائي (energy) تي مشتمل آهي، جيڪي ٻئي بيجان آهن. وري جڏهن ڌرتيءَ جي ڳالھ ڪجي تہ هتي زندگيءَ جو وجود به آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ جي لاءِ هڪ منفرد اعزاز آهي. اهڙي طرح جڏهن اسان وجود (existence) جو ذڪر ڪندا آهيون ته ان کي ٻن حصن ۾ ورهائيندا آهيون. هڪ بي جان وجود جنهن جا مثال مٽي، پاڻي، هوا، پٿر وغيره جيڪي مادي جي صورت ۾ آهن يا گرمي، سردي، روشني، برق يا بجلي وغيره جيڪي توانائيءَ جي صورت ۾ آهن، انهن سڀني کي اسان بي جان وجود سڏيندا آهيون. ٻيا وري جاندار وجود آهن جن ۾ خود اسان انسان، جانور، پکي، جيت جڻيان، وڻ ٻوٽا وغيره اچي ٿا وڃن.
جاندارن جي زندگيءَ جو دارومدار به بيجان شين تي ئي هوندو آهي. مثال طور هوا جنهن ۾ موجود آڪسيجن ذريعي ساه کڻڻ، پاڻي، کاڌ خوراڪ ۽ خاص گرمي پد… اهي سڀ جڏهن هڪ خاص توازن ۾ موجود رهن ٿا ته هن ڌرتيءَ تي اهڙو مناسب ماحول (environment) جڙي ٿو، جنهن ۾ زندگيءَ جو وجود برقرار رهي ٿو ۽ واڌ ويجهہ ڪري ٿو.
زندگيءَ جي وجود لاءِ اهڙي مناسب متوازن ماحول کي اسان "قدرتي ماحول” يا Natural eco system سڏيون ٿا. ان ماحول کي قدرتي ان ڪري ٿا سڏيون جو ان جي ٺاهڻ جوڙڻ ۾ اسان جو ڪو به عمل دخل يا ڪردار ڪونهي. اهڙو ماحول هن ڌرتيءَ تي اربين سال اڳ جڙيو، جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ وجود ورتو ۽ اربين سالن کان ان جو وجود برقرار رهندو پيو اچي.
هاڻي اسان جڏهن ڌرتيءَ تي موجود سڀني جاندارن جو جائزو وٺي ڏسنداسين ته انسان ئي انهن سڀني کان منفرد اهڙو جاندار وجود آهي، جنهن ٿورڙي عرصي اندر ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري ايترو علم ۽ طاقت حاصل ڪري ورتي آهي جو ان ذريعي هو نه رڳو ٻين جاندارن جي وجود لاءِ بلڪ خود هن ڌرتيءَ تي موجود ان قدرتي ماحول جي لاءِ به خطرو بڻجي ويو آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي گولي تي زندگي برقرار رکڻ جو سبب آهي. مطلب ته انسان خود پنهنجي وجود لاءِ پاڻ ئي خطرو بڻجي ويو آهي. ڇو ته انسان جيتوڻيڪ ٻين جاندارن کان مختلف ۽ منفرد آهي پر آهي ته جاندار ئي نه؟ هاڻ جيڪڏهن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي وجود کي قائم رکندڙ ماحول ڪنهن سبب جي ڪري غير متوازن ٿئي يا تباه ٿئي ٿو ته ٻين جاندارن سان گڏ خود انساني وجود به برقرار رهي نه سگهندو.
انسان علم شعور ۽ ٽيڪنالوجي ۾ ايتري ترقي ڪئي آهي جو ڌرتيءَ جي هن ننڍڙي گولي کان ٻاهر، چوگرد پکڙيل ڪائنات جي وسعتن ۾ پري پري تائين سير سفر ڪري ٿو. ان جي نتيجي ۾ انسان کي اها به خبر پئي آهي ته هن ڌرتيءَ جي ننڍڙي گولي کان سواءِ آسپاس پري پري تائين ڪائنات ۾ ٻيو ڪو بہ اهڙو ٺڪاڻو ڪونهي، جتي ڌرتيءَ جهڙو زندگيءَ جي بقا جو ضامن ماحول هجي. جتي ڌرتيءَ جي تباهيءَ جي صورت ۾ ڀڄي وڃي عارضي يا مستقل پناه وٺي سگهجي.
انهن سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي موجوده دور جو ترقي يافتہ انسان ڌرتيءَ جي قدرتي ماحول جي باري ۾ فڪرمند آهي. ان ۾ بگاڙ ۽ تباهيءَ جا سبب ڄاڻڻ جي جستجو ڪري ٿو ته جيئن انهن سببن جو تدارڪ ڪري سگهي.
قدرتي ماحول ۾ بگاڙ يا تباهي ٻن صورتن ۾ ٿي سگهي ٿي. هڪ بيروني ذريعي سان، مثال طور ڪائنات جي وسعتن ۾ ڦرندڙ ڪو قوي هيڪل جسم ڌرتيءَ سان ٽڪرائجي جنهن جي ڪري ڌرتيءَ جو پورو نظام ئي تباه يا ڊانوان ڊول ٿي وڃي. ڌرتيءَ جي سج يا پنهنجي محور جي چوڌاري گردش ۾ يڪدم وڏي ڦيرگهير ٿئي. سج جيڪو ڌرتيءَ کي گرمي ۽ روشني جو صورت ۾ توانائي پهچائڻ جو واحد ذريعو آهي اچانڪ معمول کا وڌيڪ گرم ٿئي يا مورڳو سرد ٿي وڃي.. يا اهڙا ئي ڪي ٻيا ممڪن عوامل. اهڙن عملن جو تعلق ڪائناتي نظام سان آهي ۽ انهن جي پيدائش يا روڪ ٿام ڌرتيءَ جھڙي ننڍڙي سياري تي رهندڙ مختصر جيوَ انسان جي وس ۾ ئي ڪونهي.
قدرتي ماحول ۾ بگاڙ يا تباهي ڌرتيءَ تي ئي جنم وٺي، ان جون ٻہ صورتون ممڪن آهن. هڪ قدرتي آفتن جي صورت ۾ جيڪي تمام شديد زلزلن جي شڪل ۾ هجي يا آتش فشان پهاڙن جي اوچتو وڏي پيماني تي ڦاٽڻ جي صورت ۾.. يا ڪنهن ٻي اهڙي اوچتي آفت جي صورت ۾ جن جو تدارڪ انسان يا ٻي ڪنهن جيوت لاء ممڪن ناهي. ان ڪري ئي انهن کي قدرتي آفات چئجي ٿو. اندروني بگاڙ يا تباهيءَ جي ٻي صورت خود انسان جي پيدا ڪيل آهي ان ڪري ان صورت جي روڪٿام به ممڪن آهي ۽ هن ڌرتيءَ تي رهندڙ اسان سڀني انسانن جو اهو اولين فرض بہ بڻجي ٿو. ڇو ته اسان ڄاڻي واڻي يا اڻڄائي ۾ اهڙي بگاڙ جو سبب بڻيا آهيون تہ ان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ به اسان کي اڳتي وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
اسان کي اها خبر آهي ته هر جاندار جي زندگيءَ جو دارومدار خوراڪ تي هوندو آهي. خوراڪ کان سواءِ ڪو به جاندار زنده رهي نٿو سگهي. هن ڌرتيءَ تي انيڪ قسمن جا جاندار ڪروڙين اربين سالن کان موجود آهن. هر جاندار ڀلي ڪهڙي بہ صورت شڪل يا جسامت جو هجي، خوراڪ ضرور واپرائيندو. وري هر جاندار جي خوراڪ به مختلف.. گوشت خور جاندار جي ضرورت گوشت ته سبزي خور جاندار جي ضرورت سبزي، مردار خور جاندارن جي ضرورت مردار جاندارن جو گوشت، ڪي وري اهڙا جاندار جيڪي تازو گوشت، سبزي ۽ مردار گوشت سڀ واپرايو وڃن.. ڪي ته وري اهڙا جيڪي نه تازو گوشت کائي سگهن نه مردار نه سبزي.. انهن سڀني جي لاءِ سندن گهرج موجب خوراڪ جو بندوبست قدرتي ماحول ۾ ئي ممڪن هوندو آهي. خوراڪ جو اهو پورائو ڌرتيءَ تي موجود انيڪ جيوت هڪٻئي مان ڪري ٿي. هڪ جيوت ٻي جيوت جي خوراڪ بڻجي ٿي، اهڙي طرح هن ڌرتيءَ جي هر حصي ۾ موجود جيوت لاءِ خوراڪ حاصل ڪرڻ جا سلسلا جڙي ٿا پون، پوءِ چاهي اهي زمين جي مٿاڇري تي رهندڙ جيوت هجي يا پاڻيءَ اندر يا وري زمين جي مٿاڇري کان هيٺ زمين اندر رهندڙ. اهڙن ننڍن وڏن سلسلن مان هر هڪ سلسلي کي غذائي لڙهي يا Food chain سڏجي ٿو. اهڙي هر لڙِهي/لَڙِي وري ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ٻئي سلسلي جي لڙهيءَ سان ضرور ملي ٿي. اهڙي طرح سڀئي گڏجي هڪ پيچده غذائي ڄار ٺاهين ٿا، جيڪو Food web سڏجي ٿو.
اسان ڄاڻون ٿا تہ بيجان وجود قديم آهي ۽ زندگي بعد ۾ وجود ورتو آهي. ايئن کڻي چئجي ته بيجان مادي دنيا ۾ زندگيءَ به بيجان مادي مان ئي جنم ورتو آهي ۽ ان جي خوراڪ به بيجان مادي مان جنم وٺي ٿي. زندگيءَ جي ابتداء کان وٺي انتها تائين ۽ زندگيءَ جو وجود برقرار رکڻ ۾ ڪاربان بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ عنصر آهي. هي اهڙو عنصر آهي جيڪو ڌرتيءَ تي جيتري مقدار ۾ زندگيءَ جي شروعات کان اڳ هو، اڄ به اوتري ئي مقدار ۾ موجود آهي. اهو نه گهٽ ٿيو آهي نه وڌيو آهي حالانڪ ان ڪاربان مان اڻ ڳڻت جيوت جنم ورتو ۽ شروعات کان وٺي ان کي زنده رکڻ لاءِ شمار کان ٻاهر مقدار ۾ خوراڪ مهيا ڪندي آئي پر ان جي مقدار ۾ ڪو به فرق ناهي آيو. ان جو سبب اهو آهي جو ڪاربان پنهنجا روپ مٽائيندي زندگيءَ کي جنم به ڏئي ٿي ته انهن کي زنده رهڻ لاءِ خوراڪ به ڏي ٿي، وري انهن جي مرڻ کان پوء روپ بدلائي ساڳيو پهرين صورت ۾ واپس به اچي ٿي. ائين جيئن هڪ گول دائري جي شروعات 0 ڊگري کان ٿئي ٿي ڦرندي ڦرندي 360 ڊگري تي پهچي دائرو مڪمل ڪري وري 0 کان شروعات ڪري ٿي. ڪاربان جي ان سفر کي Corbon cycle چئجي ٿو.
اها ڪاربان ڪائنات ۾ موجود عناصرن جي فهرست (Table) ۾ 6 نمبر تي اچي ٿي. زمين جي اندر ٺوس شڪل ۾ گريفائيٽ ۽ هيري جي صورت ۾ به موجود رهي ٿي ته فضا ۾ آڪسيجن سان گڏجي ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي صورت ۾ گئس بڻجي به پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڪاربان ٻين عناصرن سان ملي نامياتي مواد (organic compound) ٺاهي ٿي جيڪي جيوت جي خوراڪ جا بنياد آهن. جيڪڏهن هن ڌرتيءَ تي ڪاربان جي ان شڪليون تبديل ڪندڙ دائري ۾ ڪنهن به مرحلي تي ڪا گڙٻڙ پيدا ٿئي ٿي ته پوري حياتياتي نظام جو توازن بگڙي ويندو.
اسان مٿي ڌرتيءَ جي قدرتي حياتياتي نظام ۾ جنهن اندروني عنصر جي گڙٻڙ جي نشاندهي ڪري آيا آهيون، ان جو وڏو ڪارڻ ڪاربان سائيڪل ۾ گڙٻڙ پيدا ٿيڻ ئي آهي ۽ ان گڙٻڙ پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار وري انسان ئي ادا ڪن ٿا. مطلب ته اهي اسان انسان ئي آهيون، جيڪي اوندھ ڏور ڪرڻ خاطر روشني لاءِ ڏيئا ٻاريون ٿا پر ان کان غافل آهيون ته هوا جي لوڏي سان اهو روشن ڏيئو اسان جو پنهنجو گهر به ساڙي خاڪ ڪري ٿو سگهي.
ائين ناهي ته قدرتي نظام اسان کي سهولت حاصل ڪرڻ کان روڪي ٿو، پر ايئن به ناهي تہ سهولت حاصل ڪندي ڪندي ايترا غافل ۽ ڪاهل ٿي وڃون جو روشني مهيا ڪندڙ ڏيئَي سان پنهنجو ئي گهر ساڙي ويهي رهون.