عالمي قوتن سان وڙھندڙ طالبان ڏوڪڙ پئسه ڪٿان ٿا آڻين؟

جوکيو جسارت الياس

افغانستان کي ظاھري طور ھڪ غريب ۽ ڏتڙيل ملڪ سمجھيو ويندو آھي، جتي 1990ع واري ڏھاڪي جي شروعات ۾ ٿيل گھريلو ويڙھ کانپوءِ اسلامي انتھاپسند سياسي گروپ ”طالبان”، 1996ع کان 2001ع تائين حڪومت ڪئي. صرف ستن سالن جي مختصر دورِ حڪومت ۾ طالبان پنھنجا وسيلا ايترا ته مضبوط ڪري ڇڏيا، جو آمريڪا سميت دنيا جي سڀني طاقتور ترين ملڪن جي اتحاد پاران طالبان جي وجود جي خاتمي جو ڏٺل خواب به ساڀيان نه ٿي سگھيو. 9/11 جي واقعي بعد افغانستان ۾ آمريڪا، پھريان ڊرون حملن ذريعي ۽ پوءِ، دنيا جي طاقتور ترين قوتن جي گڏيل اتحاد ”نيٽو“ ۽ پاڪستان جي مدد سان، سڌو سنئون افغانستان ۾ جٿن سان رھي وھي ڪري جنگ ڪئي ۽ طالبان حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ پنھنجا سڀ وسيلا ڪتب آندا. نيٽو جي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ سان سلھاڙيل فوج خلاف وڙھندي، طالبان ڪجھ وقت خاموش ضرور رھيا، پر انھن جو وجود وري بہ قائم رھيو ۽ ڪنھن نه ڪنھن علائقي ۾ ھو قابض به رھيا. انھن ٻن ڏھاڪن کان وڌيڪ عرصو لڳاتار آمريڪي ۽ نيٽو فوج سان وڙھڻ باوجود، طالبان ڪڏھن به مالي طور غريب ڪونه ٿيا ۽ انھن وٽ ڪنھن به مالي وسيلي جي کوٽ نه ٿي. آخر اھي ڪھڙا وسيلا آھن، جن جي ڪري دنيا جا سڀ سپر پاور گڏجي ڪري به طالبان جي چيلھ چُٻي نه ڪري سگھيا؟ انھن سوالن جو جواب ڳولڻ لاءِ اچو ته افغانستان بابت جاگرافيائي ۽ ارضياتي ڄاڻ حاصل ڪريون ڇاڪاڻ ته طالبان وٽ پئسو پائي ھجڻ جو ھڪ سبب قدرتي وسيلن سان شاھوڪار ملڪ افغانستان جي وسيلن تي ڳجهو قبضو ھجڻ به آھي. ھندوڪش جبلن جي ھنج ۾ قائم، ايراضيءَ ۾ دنيا جي 40ھين وڏي ۾ وڏي ملڪ افغانستان کي ”وچ ايشيائي“ ملڪ طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، جنھن جي اترئين ننڍي حصي ۾ زراعت ٿئي ٿي، جڏھن ته باقي ٽن حصن ۾ جبل ۽ ميداني علائقا آھن. پاڪستان سان 2670 ڪلوميٽرن جي ڊگھي سرحدي پٽيءَ نالي ”ڊورينڊ لائين” لڳندڙ افغانستان سان ڪل ڇھن ملڪن جون سرحدون لڳن ٿيون، جن ۾ ڪجھ سرحدي علائقا چين سان لڳڻ ڪري، انکي چين جي معاشي ترقيءَ جي منصوبه بنديءَ ۾ به خاص اھميت حاصل آھي. قدرتي گئس، پئٽرول، قيمتي پٿر جھڙوڪ؛ اعليٰ قسم جو ماربل، لوڻ، سلفر، زنڪ، سون، ليٿيم، المونيم، چاندي، نيوبيم، ڪوبالٽ، موليبڊيئم، لوھ، ڪوئلي ۽ شيھي سميت ٻين انيڪ معدني ذخيرن مان ڀرپور ھن ملڪ ۾ ڪل 1400 کان وڌيڪ معدني کاڻيون آھن. پئنٽاگون ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس جيالاجيڪل سروي پاران 2010ع ۾ ڪيل ھڪ تحقيق مان پتو پيو ته افغانستان ۾ (421 بلين ڊالرن جي لوھ ۽ 273 بلين ڊالرن جي ڪوپر سميت ڪروڙين ڊالرن جي ٻين معدني وسيلن جا) ايترا وسيع قدرتي وسيلا آھن، جو ھي ملڪ سڄي خطي جو امير ترين ملڪ به بڻجي سگھجي ٿو. ان ڏس ۾ ھڪ ٻي رپورٽ جي محتاط اندازي مطابق افغانستان 1 ارب آمريڪي ڊالرن جي ڳچ معدني ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آھي. طالبان ماضيءَ ۾ انھن سڀني معدني وسيلن تي قابض ھئا ۽ 2021ع ۾ آمريڪي ڀاڄ بعد، وري به اھي ساڳي ريت "نئين جذبي” سان مڙني وسيلن تي ٻيھر قابض ٿي رھيا آھن. ان ڏس ۾ ھڪ عالمي رپورٽ مطابق ضلعي راغستان جي صرف ھڪ سون جي کاڻ مان مھيني ۾ طالبان 2 لک ڊالر ڪمائين ٿا. ان کان علاوہ سڀني قدرتي وسيلن کي کاڻين مان ڪڍي کڻي ويندڙ، ھر ھڪ ٽرڪ تان طالبان کي 500 ڊالر ٽيڪس به ملي ٿو. اھڙيءَ ريت ھلمند صوبي ۾ 25 کان 29 غيرقانوني سون جي کاڻين کي ھلائيندڙ ماڻھن کان طالبان، ھڪ ڪروڙ ڊالرن کان به وڌيڪ پئسا ”ٽئڪس” ۽ ”ڀتي” جي مد ۾ ورتا. افغانستان جي معدنيات مان ڪروڙين ڊالر ڪمائڻ وارا طالبان ڪڏھن به پنھنجا بئنڪ اڪاؤنٽ ناھن کوليندا پر ھميشه اھڙي ڳچ رقم کي ”ڳجهي” نموني محفوظ منتقل ڪن ٿا. ڳالھ ٽئڪسن جي نڪتي آھي، ته اھا به خبر پئي آھي ته طالبان لڪ ڇُپ ۾ سيليولر فون نيٽورڪ ڪمپنين جھڙوڪ؛ افغان وائرليس، ايم ٽي اين گروپ وغيرہ کان علاوہ افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ مختلف قومي ڪمپنين جھڙوڪ؛ ٽرانسپورٽ، بجلي، تعليم ۽ صحت جي مختلف نجي ادارن ۽ اسپتالن جي ڊاڪٽرن کان علاوہ گاڏين جي شورومن ۽ وڏين وڏين بازارن مان به ٽئڪس جي نالي تي وڏي رقم جي وصولي ڪندا آھن. انھن مان صرف بجلي استعمال ڪندڙ عام ماڻھن کان وصول ٿيندڙ رقم جو ساليانو انگ ويھ لک ڊالر ٿئي ٿو. ياد رھي ته اھا وصولي ”دولتِ اسلاميه” جي نالي تي تمام ڳجھي نموني ڪئي ويندي آھي. ان کان علاوہ تازو 2020ع ۾ گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل اھو انڪشاف ڪيو ته ڏکڻ ھلمند صوبي مان نڪرندڙ قيمتي سون، سليماني سنگ مرمر، ٽن، زنڪ ۽ ايگرونائيٽ جي کاڻين تي به طلبان ٽئڪس وٺن ٿا.

تمام گھٽ بارش پوندڙ ھن ملڪ ۾ جيتوڻيڪ مختلف فصل ٿين ٿا، پر ڏوڏي Poppy، افيون Opium ۽ ھيروئن جون پئداوارون ھتي جا مشھور ۽ مھانگا فصل آھن. 1996ع ۾ ھتي طالبان حڪومت اچڻ شرط، جيئن ھر نظام طالبان جو تابع ٿي ويو، تيئن ئي افغانستان جي ان مشھور فصل جي آبادي ۽ لاباري تي به طالبان ”پابندي” لڳائي ڇڏي. جنھن جي ڪري عام ھاري ۽ آبادگار ھيروئن جو فصل ڪرڻ کان يا ته گھڻو پري ٿي ويو يا وري ڳرن ٽئڪسن جي ڏچن ۾ ڦاسي ويو. ائين ھن ”مھانگي” فصل کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ انجي ڪاروبار جو مڪمل اختيار به طالبان وٽ اچي ويو ۽ ھو ان مان ساليانو لکين ڊالر ڪمائڻ لڳا. واضح رھي ته ڏوڏيءَ جو فصل نه صرف طالبان پوکين ٿا پر نيٽو فوج جيستائين ھتي رھي، ان نه صرف ھتي ڏوڏي پوکي وڏي بچت ڪئي ۽ ناڻو ڪمايو پر طالبان جي زمينن ۽ ڏوڏيءَ جي اڏن کي به بمباري ذريعي تباھ ڪيو، پر انجو ڪوبه فائدو نه ٿيو. گڏيل قومن جي منشيات بابت ٺھيل ھڪ اداري مطالب 2016ع ۾ افغانستان ۾ ڏوڏيءَ جي پوک جي علائقي ۾ 10 سيڪڙو اضافي سان ڪل 2 لک ھڪ ھزار ھيڪٽرن جي ايراضيءَ تي ڏوڏي جي پوک ٿي. اھڙيءَ ريت 2019ع ۾ افغانستان ۾ ڪيل ھڪ سروي مطابق ڪل 163000 ھيڪٽرن تي ڏوڏيءَ جو فصل پوکيو ويو ھو. جڏھن ته اھا شرح طالبان دور حڪومت ۾ اڃا به وڌيڪ ھئي. ھيروئن جي پئداوار سان گڏ ايفيدرا نالي ھڪ جھنگلي ٻوٽي مان حاصل ٿيندڙ ڪرسٽل ميٿ مان ٺھندڙ آئيس جو نشو به ھتي وڏي انگ ۾ ملي ٿو. ان جڙي ٻوٽي کي پوکيندڙ ھارين کان به طالبان گرا ٽئڪس وٺن ٿا. اھڙيءَ ريت طالبان صرف ھڪ بڪواھ ضلعي مان ھڪ اندازي مطابق ساليانو 40 لک ڊالر ٽئڪس وٺن ٿا. ان منشيات کي ”جنگ“ جي حالت ۾ طالبان حلال به سمجھن ٿا ۽ سندن چوڻ آھي ته ھو معمول مطابق حڪومت ڪرڻ بعد منشيات تي پابندي ھڻندا.

طالبان جي مالي ذخيرن جو ھڪ وڏو وسيلو عرب ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ موجود گھڻ گھرن طرفان ملندڙ مختلف قسمن جي امداد به آھي، جنھن ۾ نه صرف صدقو، خيرات پر ايتريقدر جو زڪوات ۽ فطري جي رقم به شامل ھوندي آھي، جيڪا خيرات سندن عرب ملڪن ۾ ويٺل مختلف نمائندہ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ گڏ ڪري رکندا آھن ۽ ضرورت آھر کين ڪجھ لڪل ماڻھن ھٿوھٿ موڪليندا رھندا آھن. پرڏيھي امداد جي سلسلي ۾ آمريڪا شروع کان وٺي پاڪستان، ايران، روس ۽ ٻين تي به طالبان جي مالي مدد ڪرڻ جا الزام لڳائيندو پئي آيو، پر ان سلسلي ۾ ڪوبه ثبوت نه ملڻ تي، اھي ملڪ به ان الزام کي رد ڪندا پئي آيا. آمريڪي ايجنسي سي آئي اي 2008ع ۾ ھڪ خبر ڇاپي، جنھن ۾ صرف ھڪ سال ۾ طالبان کي پرڏيھ (خاص ڪري خليجي ملڪن) مان ملندڙ رقم جو ڪاٿو ھڪ اندازي مطابق ساڍا 10 ڪروڙ آمريڪي ڊالر لکيو آھي. افغانستان ۾ اڄ به زڪوات ۽ خيرات جي سلسلي ۾ جمع ٿيندڙ رقم مان اتي جا ڪجھ مسلمان ڳجھا ”ڪوڊ ورڊ” استعمال ڪري، ڪجھ رقم جو حصو طالبان کي ڏيڻ لاءِ گڏ ڪندا آھن. ان سڄي معاملي جي آمريڪا کي به خبر آھي، پر جيئن ته ڪو ثبوت نه ٿي مليو، انڪري آمريڪا خود چپ ھو. بي بي سي تي آيل ھڪ رپورٽ ۾ طالبان کي ملندڙ پرڏيھي امداد جي ڪل رقم سالياني 50 ڪروڙ ڊالرن تائين انڪشاف ڪئي وئي. جيڪا ھڪ غيرمعمولي رقم آھي.

افغانستان ۾ نيٽو ۽ آمريڪي فوجين تي حملا ڪري، سندن چوڪين، ڇانوڻين، اڏن ۽ ڊيپو تي قبضا ڪري، ڪروڙين ڊالرن جي ماليت جا ھٿيار قابو ڪندڙ ۽ سندن خلاف ئي ٿيندڙ جنگ مان آمدني حاصل ڪندڙ طالبان وڏن وڏن شھرن تي قبضو ڪري، اتان به وڏو مال گڏ ڪري، پنھنجي مالي حالت کي بھتر ڪندا ھئا. تازو ئي ڏينھون ڏينھن طالبان جا ٻيھر ٿيندڙ قبضا ۽ حڪومت ھڪ ته طالبان جي وجود جو ٿبوت آھي، ٻيو ته خطي جي امن امان تي به ھڪ سوالي نشان آھي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close