گلوبل وارمنگ، تبديل ٿيندڙ موسمي رجحان ۽ سنڌ جو مستقبل

الفت حسين پتافي

تبديلي ئي زندگي آهي، هڪ جاءِ ته ڄمي بيهي وڃڻ کي موت چئبو آهي. ڌرتيءَ جي ساڍا چار ارب سالن کان وڌيڪ جي تاريخ ان ڳالھ جي گواھ آهي ته پهرين ڏينهن کان ئي ڌرتي جيالاجيڪلي، توڙي ماحولياتي يا موسمياتي حساب سان تبديل ٿيندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. گهڻي تفصيل ۾ نه ٿا وڃون، هڪ واقعو اوهان آڏو گوش گذار ڪيان ٿو.

زمين تي جيڪي موسمياتي تبديليون اينديون رهيون آهن، انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ ۽ خوفناڪ تبديلي آئي هئي تقريبن 65 ڪروڙ سال اڳ، جڏهن زمين مڪمل طور تي برف سان ڍڪجي وئي هئي. اهو عرصو ٿو بيهي تقريبن ڏيڍ ڪروڙ سالن جو.. جي بلڪل، اوهان صحيح پڙهيو آهي ته هڪ يا ڏھ يا پنج هزار يا ويھ لک سال نه پر ڏيڍ ڪروڙ سال اڳ ڌرتي هڪ برف جي گولي مثل هئي.

ان تبديلي جي سببن بابت مختصر طور تي ٻڌائيندو هلان ته ڌرتي جي وايو منڊل ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ، ڪاربان مونو آڪسائيڊ، ميٿين ۽ ٻين گرين هائوس گيسن جي ڪري سج جي روشني ماحول ۾ ٽريپ ٿي ويندي آهي ۽ ڌرتي گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، 65 ڪروڙ سال اڳ اهي سڀئي گرين هائوس گيسز ڪنهن سبب جي ڪري ماحول ۾ گهٽجڻ شروع ٿي ويون، نتيجي ۾ گرمي پد ڪرندو ويو. ان ڪري ڏکڻ ۽ اتر قطبن poles کان ڌرتي ڄمڻ شروع ٿي وئي. جيئن ئي ڌرتي جي سطح تي برف وڌڻ لڳي ته سج جي روشني به ريفليڪٽ ٿي ماحول ۾ جذب ٿيڻ بدران واپس ٿيڻ لڳي ۽ وڌيڪ ٿڌ پيدا ٿيندي وئي، وڌيڪ ٿڌ ۾ وڌيڪ برف ڄمڻ لڳي، اهڙي طريقي سان هڪ چَين ريئيڪشن chain reaction شروع ٿي ويو. صرف ڪجهہ لک سالن جي اندر ئي سموري ڌرتي برف جي گولي ۾ تبديل ٿي وئي.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اسان کي ڪيئن خبر پئي ته ائين به ڪو ٿيو هيو، وڊيو يا ڦوٽا ته ڪنهن ورتا نه هيا. ان جو جواب آهي ته، ان ڳالھ جا کوڙ سائنسي ثبوت موجود آهن، هڪڙو ثبوت سولي سنڌي ۾ اوهان آڏو پيش ڪجي ٿو.

اوهان پاڻي سان ڀريل پيالو فريزر ۾ رکندئو ته اهو پيالو برف ۾ تبديل ٿيڻ وقت ڦونڊجي پنهنجي واليوم کان وڏو ٿي ويندو آهي ۽ ٺڪر جو ٿانوَ ڀڄي به سگهي ٿو، يا ٿڌن ملڪن ۾ جيڪڏهن ڪنهن غار ۾ پاڻي ڀريل آهي ته سياري ۾ اهو پاڻي برف ۾ ڄمي ڪري ڦونڊجي ان غار يا جبل جي ٽڪري کي ڀڃي ڇڏيندو آهي. هن مان اوهان برف جي طاقت جو اندازو ته لڳائي سگهو ٿا. جن علائقن ۾ گليشيئر هوندا آهن ته اتي گليشيئرس جي ڄمڻ ۽ رجڻ دوران ڪيتريون ئي برف جون ڇپون ٽڪرا ٽڪرا ٿي وينديون آهن ۽ اها ڇپ هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ شفٽ به ٿيندي رهندي آهي. هاڻي اچون ٿا پنهنجي ثبوت ڏانهن. جيئن ته اسان کي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته ڌرتي تي موجود مختلف جبلن جي عمر ۽ ڪيميڪل ساخت ڪيئن آهي. ڪيميڪل تجزيي ۽ ڪاربان يا آرگان ڊيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ اسان ڪنهن به پٿر جي عمر ۽ سندس اصل گهر ٻڌائي سگهون ٿا. هاڻي فرض ڪيو ته اسان کي هڪ پنج سئو فٽن جي جابلو ڇپ بدين ۾ ملي ٿي، ان پٿريلي ڇپ جي ڪيمسٽري نه جنگشاهي جي ٽڪرن جھڙي آهي، نه کيرٿر پهاڙ جھڙي آهي، نه ئي ڪارونجهر جو پٿر ٿو لڳي.. بلڪه سمجهو ته اها ڇپ سائبيريا ۾ موجود ڪنهن جبل جو حصو ٿي لڳي، ڇوته ان جي ڪيميڪل ڪمپوزيشن معدنياتي ساخت سائبيريا ۾ موجود جبلن ججڙي آهي. هاڻي اوهان پاڻ ٻڌايو ته اها پنج سئو فٽ واري ڇپ سائبيريا مان سنڌ ڪئين پهتي؟

نه ئي ان کي پاڻي لوڙهي ٿو آڻي سگهي، نه ئي هوا، نه ئي ڪو جن ڀوت نه ئي پاڻ قلابازيون کائي ڪري پهچي سگهي ٿي، هڪڙي ئي طاقت آهي جيڪو اهو ڪم ڪري سگهي ٿي، اها آهي برف جيڪا لکين سالن ۾ انچ انچ ڪري اهڙي ڇپ کي هزارين ڪلوميٽرن تائين پهچائي سگهي ٿي.

موجوده ماحولياتي تبديليون سمجهو ته 65 ڪروڙ سال اڳ ايندڙ زمين جي برفاني دور جو ابتڙ آهي. ان وقت گرين هائوس گيسون تقريبن ختم ٿي ويون هيون ۽ برف ئي برف ٿي وئي، هائي گرين هائوس گيسز وڌي وڃڻ ڪري برف ڳرندِي وڃَي ۽ گرمي وڌندي وڃي. ھي جيڪو چون ٿا پيا ته انٽارڪٽيڪا ۽ گرين لينڊ جي برف تيزي سان ڳري ٿي پئي، اھو بلڪل به صحيح نه آهي، سبب؟ سبب اهو آهي ته برف سج جي روشني کي ريفليڪٽ ڪري واپس مٽائيندي آهي، جيئن آئيني تي اس ڪري واپس موٽي ويندي آهي. جيئن جيئن زمين جي سطح تي برف گهٽبي، ته گرمي به وڌندي ويندي.

هاڻي اچون ٿا سنڌ طرف: جيڪي موسمياتي ماهر دنيا ۾ ويٺا آهن، اهي مختلف سمنڊن جو گرمي پد ماپي پيشگوئي ڪندا آهن ته هن سال مون سون ڪيئن ۽ ڪيترو طاقتور هوندو، هن سال مئي مهيني ۾ ئي پيشگوئي ٿي وئي هئي ته هن سال سنڌ ۾ بلوچستان ۾ سراسري پوندڙ مينهن کان وڌيڪ مينهن پوندو، ٿيو به ايئن. وڌيڪ ته ڇا پر سنڌ ۾ ته سئو سالن جا رڪارڊ ٽٽي ويا آهن، بلڪه ريڪارڊڊ هسٽري ۾ ايترو مينهن سنڌ ۾ ناهي پيو. گلوبل وارمنگ جي ڪري سمنڊن جو گرمي پد به وڌيل ٿو رهي ۽ اهڙا مينهن هر سال نه ته ٽئين چوٿين سال سنڌ ۾ ضرور پوندا. سنڌ ۾ اپريل مئي جون ۾ گرمي پد پنجاھ ڊگريز کان ٽپي ويندو. هاڻي نه ئي انهن مهينن ۾ درياه ۾ پاڻي هوندو نه ئي گرمي گهٽبي، وري جولائي آگسٽ ۾ اهڙا مينهن پوندا، جو ھر شي چٽ.

سنڌو درياه کي نوي سيڪڙو پاڻي اٽڪ کان پهرين گليشيئرس جو هوندو آهي ۽ سوبه اسڪردو جي آسپاس وارا گليشيئر. هاڻي موسمياتي تبديلين ڪري اسڪردو جو گرمي پد جون تائين به ويھ ڊگري مس ٿيندو آهي، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته لاڙ وارا هاڻي اپريل مئي جون ۾ ساريون پوکڻ وارا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏين. شايد هر ڏهن سالن ۾ ڪو هڪ سال اهڙو هوندو، جڏهن وقت تي پاڻي اچي وڃي.

ڳالھ کي کُٽائجي، اوهان کي ٺٽي سجاول بدين ضلعن جا لکين ايڪڙ زمين سمنڊ طرفان ڳڙڪائڻ واري حقيقت جي خبر ته هوندي، سمجهو ته اها ته بس شروعات آهي. ايندڙ پنجاھ سالن ۾، سال 2070 تائين اڌ سنڌ پاڻي هيٺ هوندي. ڪراچي سميت سڄا سارا ضلعا يعني ٺٽو سجاول بدين ٽنڊومحمد خان، مڪمل ميرپورخاص ڊويزن سمنڊ چڙهڻ جي ڪري ٻڏي ويندا، سمنڊ ڀنڀور کي نه پر المنظر کي اچي لڳندو. جئين هن وقت به سامونڊي وير يا لهر ڪيٽي بندر جھڙن شهرن ۽ علائقن ۾ چڙهندي آهي وري لهندي آهي، نتيجي ۾ سموري زمين پوکي لائق نه آهي رهي. پنجاھ سالن کان پوءِ به سمنڊ اونهاري ۾ حيدرآباد کي اچي ٽچ ڪندو وري سياري ۾ سئو ڪلوميٽر پوئتي وڃي بيهندو. کاري پاڻي جي اچ وڃ ڪري سمورو زرخيز لاڙ کارو پٽ ٿي ويندو.

موسمياتي تبديلي ڪا مذاق مستي نه آهي پر هڪ حقيقت آهي، انسانن وٽ شايد ڏھ سيڪڙو چانس آهن ته هن مصيبت مان ڪورونا، ٽي بي، ماتا، ڪوڙھ جھڙين بيمارين وانگر پار پئجي سگهي. 2070 تائين زمين جي آبادي لڳ ڀڳ ڏھ ارب هوندي، موسمياتي جنگ کٽڻ دوران انسان کي پنج ارب همراهن جي قرباني ڏيڻي پوندي. پنج ارب انسانن جو بار ڌرتي شايد کڻي وڃي. سنڌ به 2070 ۾ ڏھ ڪروڙ ماڻهن جو ملڪ هوندو، گليشيئرس رجندا، سامونڊي سطح وڌندي ۽ ڪراچي سوڌو سڄي لاڙ ۾ رهندڙ پنج ڪروڙ ماڻهن جي قرباني ڏيڻي پوندي.

في الحال ته هي سڀ حوال لڳندا پر، هي قصو به ايئن آهي، جيئن گذريل سال ڪو همراه ڪنهن لاڙڪاڻي واسي کي چئي ها ته ڀائو اڳين سال لاڙڪاڻي ۾ سئو ڪلاڪ لاڳيتو مينهن وسندو. ڪير اعتبار ڪري ها اهڙي ڳالھ تي؟ پر اڄ اها حقيقت بڻجي اوهان جي سامهون آهي!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close