مٽيءَ لڌو مان – 4

ڪھاڻي : تنوير عالم جوکيو

سائين مولوي جو والد حاجي دودا خان زميندار ھئڻ سان گڏوگڏ سير ۽ شڪار جو وڏو شوقين ھو. سائين مولوي شروعاتي ڏينھن ۾ والد جي تربيت ھيٺ رھيو، تہ شڪار ڪندو ھو. سندس ڌڪ ھروڀرو گُسندو ڪانہ ھو. هو جوانيءَ ۾ ئي پنھنجي ڪاڪي مُفتي مولوي عبدالرحمان جوکئي ساڻ نقل مڪاني ڪري اچي ملير جي ماٿريءَ ۾ گڏاپ جو ننڍڙو ڳوٺ ڪونڪر وسائي ويٺو. ان کان پوءِ سندس شخصيت تي پنھنجي ڪاڪي مُفتي مولوي عبدالرحمان جو وڏو اثر ٿيو، جيڪو سندس سُھرو پڻ ھو. مُفتي صاحب جي صحبت ۾ ھئڻ ڪري سائين مولوي جي طبعيت ۾ عاجزي، انڪساري، نياز ۽ نوڙت ٽمٽار ھئي. سائين مولويءَ کي گڏاپ جي ماڻھن پنھنجي مُحبت ۾ رڱي ڇڏيو، هت آيو تہ وري ڪڏھن اباڻي ڳوٺ ڏانھن نہ ويو. ڏک سُک ۾ ڪونڪر وارن جو ئي ٿي رھيو. پر تڏهن بہ پنھنجي والدين مان ھٿ نہ ڇڏايائين، پابندي سان سندن سار پيو لھندو ھو. ھر ڇنڇر تي شام جو پنھنجي سھراب سائيڪل تي چڙهي، ڪونڪر جي اُڀر پاسي کان ڪاٺوڙ ويندڙ رستو وٺي، پوءِ سيوڻي روڊ تان گوربان واري نئين ڀران ڇُٽن واري ڳوٺ کان ٿيندو، جبل جا لڪن لتاڙيندو وڃي کديجي پڄندو ھو.

سائين مولوي جي گڏاپ جي سڄي علائقي ۾ واکاڻ ھوندي ھئي. ڪَنڊ جھنگ، موئيدان ويندَي سَريءَ تائين رائي ھوندي ھياس. سائين مولوي جو ايڏو مان مرتبو پنھنجي رواداري ۽ اخلاق سان ڪمايل ھو. پري پري کان ماڻھو سائين مولويءَ وٽ مھمان ٿي ايندا ھئا، پنھنجي ٻار ٻچن سميت ننڍڙي ڳوٺ ۾ مُحبت جو ميلو متل ھوندو ھو. مرد ٻاھر اسڪول اڳيان ويٺل ھوندا ھئا ۽ انھن جو عورتون وري گھر ۾ ٻائيءَ جي حوالي ھونديون ھيون. ٻائي بہ ڪڏھن پنھنجي ور کي ورائي جواب نہ ڏنو تہ ھيترا سارا جھجھا مھمان نہ ترسائيندو وڃ، بلڪي سندرو ٻڌي توڻ ڪندي ھئي.

سائين مولويءَ جي سٺي اخلاق ۽ ساک جي ڪري علائقي جا ماڻھو مٿس انڌو اعتبار ڪندا ھئا. جئين سندس دوست فقير ايڌي جڏھن بہ پنھنجي ھٽ جو سودو سامان ليمارڪيٽ مان وٺي ايندو ھو، تہ دڪان ۾ وڪري جيترو سامان رکي، بتل سامان سائين مولويءَ جي گھر ۾ آڻي رکي ڇڏيندو ھو. دڪان وارو سامان خلاص ڪري پوءِ رکيل سامان کڻندو ھو. خاص ڪري سھراب فقير جوکئي ڳوٺ جا ٽئي ڀائر ايڌي فقير [ پانڌي فقير ] ﷲ بخش فقير ۽ حاجي جمع فقير پنھنجي گھر جي ڪاڄ جي پھرين رسم پِڙو* کڻڻ لاءِ سائين مولويءَ کي ئي سڏيندا ھئا. ٻائي موڪليو يا گاڏي آڻي ٻائيءَ کي ٻارن پچن سان وٺي ويندا ھئا، جيئن سندن ڪاڄ ۾ سائين مولوي ۽ ٻائيءَ جي شفقت ۽ نيڪ تمنائون شامل ٿي وڃن.

سائين مولويءَ جي ڳالھ کي ھر برادري وارا مان ڏيندا ھئا. مختلف راڄن جا چڱا مُڙس سندس سٺا دوست ھئا. جيڪي زندگي جي ھر موڙ تي، هر اوکيءَ سوکيءَ ۾ ساڻس ٻانھن ٻيلي ھوندا ھئا، جن ۾ پانڌي فقير، ﷲ بخش فقير، حاجي جمعو فقير، حاجي رسول بخش، محمد صديق بلوچ، حميد ﷲ بلوچ، حاجي آچار گبول، حاجي شير دل گبول، حاجي شير محمد گبول، حاجي جمع گبول، ماستر ميراڻ گبول، مولوي جمال الدين جوکيو، حاجي الاھي بخش بلوچ، انور بلوچ، حاجي اسمعٰيل گبول، حاجي بابو گبول، مولابخش گبول، محمد حسن گبول، ﷲ جوڙيو ماڇي، ربڏنو لورو، ماستر مامون جوکيو، حاجي عبدالعزيز رند، نبي بخش جوکيو شامل هئا. راڄ ڀاڳ وارا معتبر ماڻھو بہ سندس اولاد کي پيار محبت ۽ پنھنجائپ ۾ اڄ بہ سائين ڪري سڏيندا آھن، جيڪا سائين مولويءَ جي ڪمايل عزت آھي. اڄ ڪلھ جي جديد دؤر ۾ ڪنھن کي بہ ايترو مان مرتبو ھضم ڪانہ ٿيندو آھي، تڪبر ۽ وڏائيءَ جي اونھائيءَ ۾ اونڌي مُنھن ڪِري پوندا آھن.

ھلندڙ..
*[ اکيون ٻڌڻ کان اڳ ھڪ ٿالھيءَ ۾ ڪنوار لاءِ ڪپڙن جي جوڙي، سون يا چاندي جا زيور زٽ تيل، عطر عنبير ۽ اکيون رکي سھرا ڳائي کڻندا آھن تنھن کي پِڙو چئبو آھي]

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close