فطرت-پسنديت (Naturalism) فلسفو حقيقت-پسنديت (Realism) وانگر خيال-پسنديت (Idealism) جي بنيادي تصورن ۽ سچائيءَ بابت تشريح کي رد ڪري ٿو ۽ ارتقائي سببن ۽ نتيجن تي يقين رکي ٿو. ھي فلسفو مادي کي حقيقت ۽ سچائي ڄاڻي ٿو. ھڪ پاسي ھي روحانيت، روحاني ۽ ابدي دنيا توڙي خالص ذھني تصورات (غير مشاھداتي) کي نہ ٿو مڃي، تہ ٻئي پاسي حواسي معلومات کي سچائي تائين پھچڻ جو رستو ۽ وسيلو ڄاڻي ٿو. ھن مطابق ڪي بہ تصور يا اقدار آفاقي نہ آھن، ڪائنات توڙي انسان ۽ سندس ذھن فطرت يا ارتقا جي پيداوار آھن، جيڪا پنھنجي فطري ۽ ڪائناتي قائدن تحت ھميشہ کان روان روان آھي؛ فطرت پنھنجو پاڻ ۾ مڪمل آھي ۽ ڪنھن غيبي طاقت يا فيصلي جي محتاج نہ آهي؛ ۽ ھر شيءِ فطرت منجهان ڦُٽِي آھي ۽ ان ڏانھن واپس ورڻي آھي. ھي فلسفو ھن ڳالھ تي زور ڏئي ٿو تہ دنيا ۾ ڪا مطلق نيڪي يا برائي پنھنجو وجود نہ ٿي رکي، پر ماڻھن جا نيڪي ۽ برائيءَ بابت تصور نسبتي آھن، ٻين لفظن ۾ اسان جا اعليٰ اقدار ۽ اصول پڻ خودساختہ آھن. انسان بذات خود ’سٺو‘، ’حقيقت-پسند‘ ۽ ’فطرت-پسند‘ پيدا ٿيندو آھي پر معاشرو ان کي بگاڙي ڇڏيندو آهي.
❖ تاريخي پسمنظر:
ھن فلسفي جون پاڙون سقراط کان گهڻو اڳ ٿيلز (Thales of Miletus, 624-546BC) جي پيش ڪيل تصور ڏانھن وڃن ٿيون تہ ڪائنات پاڻيءَ مان جُڙي آھي ۽ اسان ھر فطري لقاءُ کي فطرت جي سببن ۽ نتيجن وسيلي سمجهي سگهون ٿا. ھن تصور کي يونان جي ڏاھَي ارسطو (Aristotle 384-322BC) عملي صورت ڏني ۽ پنھنجن اڻڌرين مشاھدن ۽ منطقي نتيجن جي بنياد تي دنيا جي مختلف شين ۽ لقائن کي سمجهڻ جي باقائدہ شروعات ڪئي ۽ اٽڪل 150 ڪتاب لکيا.
ڇھين کان سورھين صديءَ تائين مسلمانن جي فطرت-پسندي، اڻڌرئي تحقيقي مشاھدن، تجربن ۽ لاڙن يعني سائنس سان چاھ انھن کي ڪيتريون ئي ڪاميابيون جهوليءَ ۾ وڌيون؛ سندن ڪاميابين جا چرچا جڏھن يورپ (جيڪو ان وقت تاريخ جي تاريڪ دؤر مان گذري رھيو ھو) ۾ پھتا تہ اتان جي ماڻھن تنگ نظري ۽ مفادن واري مذھبي ذھنيت جو نقاب لاھي ڦٽو ڪيو. نتيجي ۾ اھي سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل کي چنبڙي پيا، جنھن انھن کي ترقي پسندي ۽ روشن خيالي جي نئين زندگيءَ جي دڳ لاتو ۽ اتي سائنس ۽ صنعت جو ھڪ نئون دؤر شروع ٿيو، جنھن انھن جون زندگيون مڪمل تبديل ڪري ڇڏيون. سترھين صدي جي ٿامس ھوبس (1588-1689) پڻ اھو چيو ھو تہ دنيا توڙي انساني روين ۽ عملن جي سببن-نتيجن وسيلي وضاحت ڪري سگهجي ٿي.
ارڙھين ۽ اوڻيھين صدي ۾ خاص طور يورپ ۾ فطرت-پسنديت ھڪ فلسفيانہ تحريڪ طور اڀري. ان دور ۾ فرانس جي برون ڊي-ھالبيڪ جي ڪتاب (The System of Nature 1770) کي ھن فلسفي جو ڪلاسيڪل ڪتاب ڪوٺيو ويندو آهي. اوڻيھين صدي ۾ انگريز ماھر حياتيات چارلس ڊارون (1809-1882) ‘ارتقا’ ۽ ‘موزون ترين فطري خاصيتن جي چونڊ’ جو نظريو پيش ڪيو، جنھن مطابق سڀ زندہ شيون ھڪ ئي جاندار مان پيدا ٿيون آھن ۽ ڪروڙن سالن تي محيط ارتقا جا مرحلا طئي ڪري موجودہ شڪلين تائين پھتيون آھن ۽ ھن عمل ۾ ڪنھن آفاقي طاقت يا خدا جي ڪا بہ مداخلت نہ رھي آھي. ھن فلسفي جي ٻين اھم حامين ۾ ڊيوڊ ھيوم، فريڊرڪ نطشي، لڊوگ فيوئربيڪ وغيرہ شامل آهن.
ھن فلسفي کي ارڙھين صدي ۾ فرانس جي ڏاھي جين جيڪس روسو (1712-1778) تعليم تي لاڳو ڪيو ۽ پنھنجا جڳ مشھور ڪتاب ”Social Contract“ ۽ ”Emile, or on Education“ لکي تعليم کي استاد-مرڪز مان شاگرد-مرڪز ۽ فطرت-پسند بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس خيال ھو تہ ”ھر شي جيڪا فطرت جي ھٿن مان اچي ٿي، اھا سٺي آھي پر ماڻھن جي ھٿن ۾ اچي تباھ ٿي وڃي ٿي“ (Emile, 1762)، ”فطرت اسان کي ڪڏھن بہ ڌوڪو نہ ٿي ڏئي پر اھي اسان آھيون، جيڪي پنھنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏيون ٿا“ (Confessions, 1782)، ”انساني تھذيب پنھنجن پيدا ڪيل آزارن ۽ بڇڙائين کي ختم ڪرڻ جي ھڪ بيڪار اميد آھي.“ (Social Contract, 1762).
روسو جي تعليمي فلسفي جو بنياد ان ڳالھ تي آھي تہ ٻارن ۽ شاگردن کي فطرت کان ۽ فطري مشاھدن ۽ تجربن وسيلي سکڻ گهرجي، نہ ڪي روايتي تعليمي ادارن، نصاب ۽ استادن وسيلي!
ويھين صدي ۾ ھن فلسفي ٻين شعبن جھڙوڪ فلسفي، سائنس، نفسيات، ادب ۽ آرٽ تي پنھنجا اثر ڇڏيا ۽ ايمائيل زولا، ٿيوڊور ڊريسر ۽ جيڪ لنڊن انساني فطري جذبات ۽ محسوسات کي پنھنجن ادبي شاھڪارن ۾ جڳھه ڏني.
موجودہ دور جو انگريز حياتدان رچرڊ ڊاڪنس (1941-تاحال)، جيڪو لادين طور مشھور آھي، پڻ فطرت-پسنديت جو وڏو حامي آھي ۽ ھن ارتقا تي کوڙ ساري تحقيق ڪئي آھي ۽ ان بنياد تي سندس پڻ اھو خيال آھي تہ ڪائنات توڙي دنيا کي سببن-نتيجن وسيلي سمجهي سگهجي ٿو.
❖ فطرت-پسنديت جا اصول:
• فطرت يا ڪائنات سببن-نتيجن تي دارومدار رکي ٿي ۽ اھا ڪنھن غيبي طاقت يا خدا جي محتاج نہ آهي.
• اسان جا حواسي مشاھدا، خبردار تجربا، عقلي دليل يا منطق ئي اسان کي دنيا توڙي ڪائنات بابت ڀروسي ۽ تصديق لائق معلومات ۽ سچائي تائين رسائڻ جا وسيلا آھن.
• سائنس ۽ سائنسي طرزِ فڪر ۽ طرزِ عمل فطرت ۽ فطري لقائن کي بھتر انداز ۾ بيان ڪندڙ آھن؛ مطلب تہ ھي فلسفو معروضييت (Objectivity) جو شديد حامي آهي.
• مادو، ماديت ۽ زندگي حقيقتون آھن، انھن کان علاوه سڀ شيون، جھڙوڪ مشاھدن کان آزاد ذھني تصورات ۽ روح يا روحاني دنيا، خام خيالي آھن.
• ھر مادو ارتقا ڪندو رھيو آھي ۽ سڀ جاندار ھڪ وارث منجھان موزون خاصيتن جي فطري چونڊ وسيلي ارتقا جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا آھن.
• انسان جسم ۽ روح جو مرڪب نہ آھي پر فقط جسم آھي جنھن ۾ ارتقا جي عمل سان زندگيءَ جا سڀ جزا ۽ پيچيدہ نظام جڙيا آھن.
• انسان ماحول جي پيداوار آهي يعني اسان جي سوچ، رويا ۽ عمل مختلف ماحولياتي يا فطري محرڪن ھيٺ پيدا ٿيندڙ آھن؛ ٻين لفظن ۾ ھي فلسفو انسان جي پيدائشي آزاد سوچ ۽ مرضي جو انڪاري آھي.
• فطري ماحول ئي سڀ کان وڏي درسگاھہ آھي، يعني ھٿراڌو ماحول، ثقافتون، قدر ۽ پابنديون بيڪار آھن.
❖ فطرت-پسنديت تي تنقيد:
ھن فلسفي تي مختلف وقتن تي مختلف بنيادن جي حوالي سان تنقيد ٿيندي رهي آهي. ڪيترن دانشورن جو خيال آھي تہ ھڪ پاسي ھن فلسفي جي تخفيف-پسندي (Reductionism) ۽ جبريت (Determinism) تي انحصار ۽ ٻئي پاسي انساني جذبات ۽ محسوسات کي نظرانداز ڪرڻ يا گهٽ اھميت ڏيڻ سندس ڪمزور پاسا آھن؛ ان کان سواءِ ھي فلسفو انسان جي انفراديت جو انڪاري پڻ آھي ۽ ثقافت ۽ تاريخ کي پڻ غير اھم سمجهي ٿو. ان ڪري ڪجهہ نقاد ھن کي انساني وجود جي بي-معني۱ ھجڻ سان پڻ جوڙيندا آھن ۽ ناڪاري فلسفي طور سمجهندا آھن.
❖ نتيجو:
فطرت-پسنديت هڪ اھم فلسفو رھيو آهي، جيڪو دنيا توڙي ڪائنات جي فطري لقائن کي ڪنھن مافوق الفطري طاقتن يا خدائن بدران سندن فطري سببن-نتيجن وسيلي سمجهڻ ۽ وضاحت ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏئي ٿو. ھي فلسفو ٻين شعبن جھڙوڪ سائنس، نفسيات، ادب ۽ فن تي اثرانداز ٿيو آهي. بھرحال انسان جي انفراديت، انساني تجربن جي پيچيدہ ھجڻ ۽ آزاد شعور جي انڪار جي ڪري ھن تي تنقيد ٿيندي رھندي آھي.
(ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي ڪتاب ’دنيا جا مشھور فلسفا‘ تان ورتل)