تعارف
وجوديت (Existentialism) جو فلسفو انسان جي وجود، آزادي ۽ معنيٰ بابت بنيادي سوالن تي غور ڪري ٿو. ھن فلسفي اوڻيهين ۽ ويھين صديءَ ۾ ان وقت جي جديد دنيا جي غير يقيني صورتحال ۽ پريشانيءَ جي جواب ۾ ھڪ تحريڪ جو روپ ورتو، جنھن ڪري ماڻھن توڙي دنيا جي نامور فلسفين ۽ ڏاھن انساني موضوعي تجربي (Subjective Experience) ۽ زندگيءَ ۾ معنيٰ ۽ مقصد جي ڳولا تي زور ڏنو.
وجوديت جي حامين جو نظريو آھي تہ انساني وجود يا زندگيءَ جو ڪو خاص ۽ مقرر مقصد ۽ معنيٰ ڪونھي، پر انسان موضوعي ۽ انفرادي طور پنھنجي طرفان ان کي بامعنيٰ بڻائڻ لاءِ ڪو يا ڪَي مقصد طئہ ڪندو آھي. هي مقالو وجوديت جي مڪتبہ فڪر سان لاڳاپيل اهم موضوعن ۽ انھن جي اپٽار ڪندڙ فلسفين بابت هڪ جائزو پيش ڪري ٿو.
باني ۽ حامي:
سورين ڪرڪي گارڊ Søren Kierkegaard (1813-1855) کي وجوديت جو باني سمجهيو ويندو آھي. سندس تحقيق ۽ تخليق جي اھم موضوعن ۾ انفراديت، موضوعيت، عقيدو، تشويش يا پريشاني اھميت رکن ٿا؛ ھن سلسلي ۾ سندس ڪتاب Fear and Trembling ”خوف ۽ ڏڪڻي“، Concept of Anxiety ”تشويش جو تصور“، Concluding Unscientific Postscript to Philosophical Fragments ”غير سائنسي لکت مان فلسفيانہ نتيجا اخذ ڪرڻ“، Either/Or ”يا ھي يا ھو“، Stages of Life’s Way ”زندگيءَ جا مرحلا“، Works of Love ”پيار جا ڪم“، The Sickness Unto Death ”موت تائين جي مصيبت“ وغيرہ حوالن طور گهڻو استعمال ٿيندا آھن.
ڪرڪي گارڊ کان علاوه وجوديت جي ترقيءَ لاءِ ٻين ڏاھن ۽ فلسفين پڻ گهڻو ڪم ڪيو آھي؛ ڪجهہ اھم فلسفين ۾ فريڊريڪ نطشي (1844-1900 ,Friedrich Nietzsche)، مارٽن هيڊيگر (1889-1976 ,Martin Heidegger)، جين پال سارتر (Jean-Paul Sartre 1905-1980)، سائمن ڊي بيووائير (Simone de Beauvoir, 1908-1986) ۽ البرٽ ڪيمس (Albert Camus, 1913-1960) شامل آهن. مٿين فلسفين جي تخليقن ۽ لکيل ڪتابن جي سلسلي ۾ نطشي جا ڪتاب ”Thus Spoke Zarathustra“ ۽ "Beyond Good and Evil”، سارتر جا ”Being and Nothingnes“ ۽ ”No Exit“، ڪيمس جا ”The Myth of Sisyph The Stranger “۽ ”The Plague“ اھميت جا حامل آهن.
وجوديت جا اهم موضوع:
وجود اڳ ۾ آھي يا ان جو جوهر:
وجوديت-پسندن جو چوڻ آهي تہ انسان جو وجود اڳ ۾ آھي ۽ ان جو جوھر يعني انسانيت جون خاصيتون ۽ معنائون بعد جون سندس طرفان جوڙيل آھن. ٻين لفظن ۾ انسان پنھنجي آزاد شعور ۽ عمل جي ذريعي پنھنجي جوهر جي تعريف ڪن ٿا. اهي اڳ ئي طئي ٿيل معنيٰ ۽ وجود ۾ آيل جوھر جا انڪاري آھن.
آزادي ۽ ذميواري:
وجوديت پسند انفرادي آزادي ۽ سندس گهڙيل معنائن ۽ ان بنياد تي ڪيل عملن جي ذميواريءَ کي تسليم ڪندڙ آھن. انھن مطابق ماڻھو پنھنجن انفرادي نظرين ۽ عملن جا ذميوار آهن. ٻين لفظن ۾ ھڪ معاشري ۾ ذاتي خوشي ۽ ترقي توڙي اھنج ۽ تنزلي جا اسان پاڻ ذميوار آھيون.
پريشاني ۽ تشويش:
وجود پسند ان موروثي پريشاني ۽ تشويش کي تسليم ڪن ٿا، جيڪا اسان انسانن جي آزاد شعور ۽ زندگي جي غير يقيني صورتحال مان فطري طور ڦُٽي ٿي. اهي دليل ڏين ٿا تہ ماڻھن کي مستند زندگي گذارڻ لاءِ انھن وجودي چئلينجن کي منھن ڏيڻ گهرجي.
صداقت ۽ خود پسندي:
وجوديت جو فلسفو سچائي جي ڳولا لاءِ، ماڻھن کي پنھنجن قدرن، عقيدن ۽ خواهشن جي تسڪين لاءِ، ۽ پنھنجي بامعنيٰ وجود جي تعمير لاءِ ڀرپور جاکوڙ تي زور ڏئي ٿو.
بي مقصديت ۽ بي معنيٰ ھجڻ:
وجود پرستن جو خيال آھي تہ موت جي خوف سببان ۽ ڪنھن مقرر ۽ موروثي معنيٰ نہ ھجن سببان زندگي فطري طور تي بي معنيٰ ٿي سگهي ٿي. ان ڪري ماڻھن کي هن قسم جي بيوقوفيت کي منھن ڏيڻ لاءِ مليل زندگيءَ کي پنھنجي ذاتي ۽ بامقصد معنيٰ ڏيڻ گهرجي.
روزمره زندگي ۾ اطلاق:
وجوديت جي فلسفي زندگيءَ جي مختلف پھلوئن تي گھرا اثر ڇڏيا آهن. مستند ذاتي لاڳاپن ۽ سماجي رابطن جي فروغ لاءِ ھي فلسفو اتساھيندڙ آھي؛ اخلاقيات جي حوالي سان ھي فلسفو مقرر ۽ اڻ تبديل ٿيندڙ يا الھامي اخلاقيات جو انڪاري آھي ۽ اھي ماڻھن طرفان ٺاھڻ، مڙھڻ ۽ اڪتسابي ھجڻ جو حامي آھي، ان ڪري اھڙي انفرادي اخلاق ۽ ڪردار جي ذميواري کڻڻ جي حمايت پڻ ڪري ٿو؛ ان کان سواءِ ھي فلسفو پنھنجي انفرادي زندگي کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ ۽ ان ۾ سڦلتا جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي تخليقي ڪمن ۽ انفراديت جي اظھار ۽ خوابن جي ساڀيان جي حمايت ڪندڙ آھي.
تنقيد:
وجوديت-پسندي تي پھريون اعتراض موضوعيت (Subjectivity) تي وڌيڪ ڀاڙيندڙ ھجڻ جو لڳايو ويندو آھي، ڇو تہ گهڻن ڏاھن مطابق موضوعيت جي شديد حمايت ھڪ پاسي معروضيت (Objectivity) يعني ڀروسي لائق علم يا سائنس کان انڪار آھي تہ ٻئي پاسي ذاتي يا گروھي مفادن تي ٻڌل اخلاقيات، شخصي ڇڙواڳي، افراتفري ۽ انتشار جو سبب بڻبي آھي. ھن فلسفي تي ٻيو وڏو اعتراض مايوسي ۽ فراريت کي ھٿي ڏيڻ جو آھي، ڇو تہ ھڪ پاسي ھي انساني وجود جي الھامي يا ٻاھرين مقرر مقصد ۽ معنيٰ جو انڪاري آھي ۽ بيوقوفيت، افراتفري، مايوسي ۽ تشويش جي ھجڻ کي عام رواجي ڳالھ ڄاڻندڙ آھي، تہ ٻئي پاسي پنھنجي انفرادي، خيالي، بي ربط ۽ غير موزون معنيٰ جوڙڻ جي حمايت ڪندڙ آھي. ٽيون وڏو اعتراض اھو آھي تہ ھي فلسفو اجتماعي قدرن، اجتماعي ذميوارين ۽ ثقافتي لاڙن کي اھميت نہ ٿو ڏئي ۽ معاشري جي تشڪيل ۽ ترقي ۾ انھن جي ڪردار بابت خاموش آھي. آخر ۾ ڪجهہ ڏاھا اھو پڻ چون ٿا تہ ھي فلسفو اخلاقي مسئلن ۽ مونجهارن توڙي عملي زندگي جي مسئلن جي حل بابت ٺوس رھنمائي فراھم ڪرڻ کان لاچار آهي.
حجت سنڌي ھن فلسفي تي پنھنجو پر مغز تنقيدي رايو ھن ريت پيش ڪري ٿو:
”…وجوديت پسندي هڪ داخليت پسند فلسفو آهي… درحقيقت شوپنھاور نراسائيت پسند فلسفي هو، نطشي پنھنجي ڪمزورين جو حل معاشري ۾ تلاش ڪرڻ جي بجاءِ سپر مين ۾ تلاش ڪري پيو. ٻئي پاسي سورن ڪرڪي گارڊ خود عقيدَي پسند ۽ خيال پرست هو، ۽ ٻئي پاسي فختي نازين سان گڏ بيٺل مکيو دانشور هو. سارتر وٽ اهو فري ڪمٽمينٽ جو عنوان وٺي ويو يعني لاتعلق ٿيڻ لاء ضروري ناهي تہ ماڻھون دليلن کي قبولي. ٻين لفظن ۾ انسان پنھنجي مرضيء جا مالڪ آهن، سندن مرضيءَ جي اڳيان معروضي صداقت جي ڪابہ اهميت ۽ وقعت ناهي. ڪاميو زندگيء کان فراريت وڃي خودڪشيءَ ۾ تلاش ڪئي ۽ خودڪشيءَ تي ناول لکي ڇڏيائين. صوفين يوگين ۽ سنياسين بر منھن ڏئي وجوديت-پسندي جي فلسفي کي ’مردم بيزاري جو فلسفو‘ جي صورت ۾ سهيڙيو. جڏھن تہ سڀ کان پھريان وجوديت پسند نفسيات جي بيماريء ۾ ورتل ديوجانس قلبي جھڙا ماڻھون هئا، جن گوشه نشيني اختيار ڪئي؛ هندو يوگين ۾ بہ اهڙي سڀاء وارا ماڻھو موجود هئا، جيڪي پنھنجي عمر غارن ۾ گذاري ڇڏيندا هئا.
درحقيقت وجوديت پسندي ٻئين عالمي جنگ کانپوء تڏهن اٿلي پئي جڏھن هڪ ئي نظرئي ۽ هڪ ئي مذهب جا ماڻھون قومي سامراجي مفادن جي ٽڪراء جي ڪري هڪ ٻئي سان دست گريبان هئا. انھيءَ بيگانگيء جي عالم ۾ اهو فلسفو ٻيهر پروان چڙهيو هئو.“
نتيجو:
وجوديت پسندي جو فلسفو انساني وجود بابت انفرادي ۽ موضوعي سطح تي هڪ عميق نقطہ نظر پيش ڪري ٿو. ھي فلسفو انفرادي ۽ موضوعي سچائين کي تسليم ڪندي انساني وجود، ذاتي آزادي، ذميواري، ۽ معنيٰ جي ڳولا تي زور ڏئي ٿو. انساني وجود جي پيچيدگين، موروثيت ۽ غير يقيني صورتحال کي قبول ڪندي ھي فلسفو ماڻھن جي حوصلا افزائي ڪري ٿو تہ هو ڀرپور طرح سان انفرادي زندگي گذاري سگهن ۽ پنھنجي وجود جي معنيٰ جي مسلسل ڳولا ۾ مشغول رھي سگهن. جڏھن تہ اجتماعي انساني قدرن، رابطن ۽ ثقافتي لاڙن توڙي انساني معاشري جي مجموعي ترقي کي گهٽ اھميت ڏيڻ ھن جي وڏي خامي آهي.
(ڊاڪٽر محمد الياس ڀٽو جي ڪتاب ’دنيا جا مشھور فلسفا‘ تان ورتل)