شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ٻيو جنم

شبير کوکر

شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي شخصيت گذريل ٽن صدين کان اسان سڀن لاءِ قابل مثال بڻيل آهي. ڪنهن به فرقي يا طبقي کي ڀٽائيءَ سرڪار جي معتدل ۽ مثالي ڪردار تي ڪو به اعتراض ناهي. زندگيءَ جي هر شعبي جي فرد لاءِ هو قابل عمل ۽ هڪ رهنمائي جو روشن ستارو بڻيل آهي.

فرض ڪيو ڀٽائي سرڪار ٻئي جنم طور اسان جي اڄوڪي سماج ۾ ساڳي طبقي ۽ خاندان ۾ جنم وٺي ٿو ته اڄ هو ڪهڙو رستو اختيار ڪندو. روايتي سيد گهراڻي جي روايت کي جاري رکندو يا ساڳي پهرين جنم کي ورجائيندو؟

اڄوڪي سماج جي پسمنظر ۾ هڪ اهم سوال

منهنجي خيال ۾ شاھ لطيف جي شخصيت هڪ ڪامل انسان جي شخصيت جي مڪمل تجسيم آهي. هو ڀلي ڪيترا به جنم وٺي اچي پر هو پنهنجي اصل مثالي ڪردار تان دستبردار نه ٿي سگهندو.

اهڙي پسمنظر ۾ هو اڄوڪي سماج ۾ به ڪنهن خانداني گاڌي نشين جي مسند، سماجي رتبي يا سياسي پارٽي جو حصو بڻجڻ بدران ساڳي ڀٽ وسائڻ کي ئي غنيمت سمجهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج ڀٽائي لاءِ اڃان ساڳي جاءِ تي بيٺل آهي، پوءِ ڀٽائي سرڪار ڇو اهڙي سماج ۾ پنهنجي ڪردار کي بدلائڻ پسند ڪندو؟

هي سماج اڳ کان به وڌيڪ گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي. ان خلاف اڳ کان به وڌيڪ مزاحمت جي ضرورت آهي ڀٽائي کان وڌيڪ مزاحمت جو دعويدار ڪير ٿي سگهي ٿو؟

شاھ جا مثالي ڪردار

جيڪي دولت منصب جي خواهش کان پري آهن، جيڪي وقت جي جابر حڪمرانن جي درٻار کان پري آهن، جيڪي ظلم خلاف مزاحمت ۾ مصروف آهن، جيڪي سماج جي جبري ۽ غير موزون ضابطن کي ترڪ ڪري الڳ ٿلڳ رهڻ تي مجبور آهن، جن جي سياستدانن ۽ آفيسرن سان نه ٿي لڳي، جيڪي تخليق ۽ تنقيدي شعور جي علامت بڻيل آهن، جن ۾ ڪو به تعصب، وير، انا ۽ نفس پرستي شامل ناهي، جيڪي ڪردار ڏاڍ ۽ ڏمر کي للڪاري رهيا آهن.

اڄوڪي سماج جا مهذب سڏجندڙ ڪيترا اهل دانش آهن، جن اهڙن ڪردارن سان پنهنجي وابستگي ۽ نسبت ظاهر ڪئي هجي. سڀ اهل دانش مطلب ۽ موقعي پرستي ۾ مبتلا پيا ڏسجن. رڳو مولوي وانگر تبليغ ۽ تقرير جي حد تائين شاھ سان تعلق رکن ٿا ، باقي عملي زندگي ۾ ان جي نفي پيا ڪن۔

ام رباب، ڪجهہ صحافي، اهل دانش، پورهيت، تمام مظلوم طبقو، لاچار عورتون بهادر جوڌا جوان، سخي ۽ انصاف پسند نيڪ مرد تڏي جا مڙس ماڻهو ۽ جبري گمشده فردن کي شاھ جي ڪردارن طور ڳڻائي سگهجي ٿو پر انهن سان هن سماج جو سلوڪ مذمت جوڳو آهي. سماج جو مراعات يافته طبقو اڄ به ڀٽائي جي ڪردارن جو دشمن بڻيل آهي.

شاھ عبداللطيف ڀٽائي اڄ پنهنجي ٻئي جنم ۾ سڀ کان پهرين پنهنجي گادي نشين، اوقاف کاتي، ثقافت کاتي ۽ رسالي جي محققن ۽ لطيف شناس کان لاتعلقي جو اظهار ڪندو ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ ڀٽائي کي ڪنھن به طرح نه اپنايو آهي، رڳو تبليغ ۽ ٻين کي نصيحت ڪرڻ ۾ وقت ضايع ڪيو آهي.

شاھ لطيف تي تحقيق جو حاصل

تحقيق جو حاصل شاھ جو تخليقي ۽تنقيدي شعور ۽ مثالي انسان ڪنهن کان ڳجهو ناهي رهيو، هتي اصل سوال ان انسان جي سماج مان نيڪالي آهي. اڄ شاھ جا مثالي ڪردار موجود آهن پر انهن سان هن سماج جي مهذب سڏجندڙ فردن جو سلوڪ ڪهڙو آهي؟ جنهن تي ڳالهائڻ ۽ لکڻ اڄ سڀ کان وڏو سچ آهي.

شاھ جا محقق به مولوي وانگر رڳو تبليغ تي پورا لهن ٿا باقي ڪردار ۾ ان جي بلڪل نفي پيا ڪن. شاھ جي مثالي ڪردارن کي اڄوڪي مهذب سماج ۾ ڪير پڇڻ وارو به ناهي، جيڪي شاھ وانگر اڄ به سماج کان الڳ رهڻ تي مجبور آهن. شاھ جا مثالي ماڻهو اڄ به جلاوطن ۽ اجنبي بڻيل آهن. سماج ۾ انهن ڪردارن کي مڃتا ۽ قبوليت ملي ٿي، جن کي شاھ ڌڪاريندو رهيو آهي. موقعا پرست، مفادپرست، خود غرض ۽ نفعي خور ماڻهو سماج ۾ ڇانيل آهن. اصول پسند، ماڻهپي ۽ ظرف وارا ماڻهو اڄ به سماج ۾ گمنام پيا رهن. ان ڪري شاھ جي شاعري آفاقي ۽ مثالي درجو رکي ٿي، سندس معيار تي پورو لهڻ وارا سماج ۾ رهندي سماج جو حصو نه ٿا بڻجي سگهن.

اڄ ڀٽائي جي گادي، اوقف کاتي، ثقافت کاتي، لطيف جي پارکو، مقرر، لطيف شناس ۽ ميڊيا کي ڀٽائي جي زنده ڪردارن تائين رسائي حاصل ناهي. اڄ به مذاڪرن ۾ زنده ڪردارن کي نظرانداز ڪري رڳو سندس عهد جي ڪردارن کي ياد ڪيو پيو وڃي.

ڀٽائي ڀٽ تي ترڪ سماج تحت نه پر ترڪ تعلق حڪومت تحت وڃي ويٺو هو. جنهن جو ثبوت سندس رسالو آهي، جنهن ۾ هن سماج سان پنهنجي وابستگي برقرار رکي آهي. رڳو سرڪار کان پاسيرو رهيو، سٺي حڪمراني جي ڪال سبب هو ڀٽ تي وڃي ويٺو. جتي هو روحاني سڪون حاصل ڪري سگهيو ۽ ٻيو سبب پنهنجي ناراضگي يا ڌڪار يا احتجاج جي اظهار واسطي ائين ڪيو، سماج کان الڳ ٿي رهڻ اڄ به هڪ بائيڪاٽ طور سمجهيو وڃي ٿو.

سماج ۾ بهترين ۽ مثالي ماڻهو لاء رهڻ آسان ناهي رهيو، ان ڪري هر ماڻهو ڏاڍي جي پاسي ٿي پيو آهي. ڪمزور مجبورن ڏاڍي جي سهاري تي ڀاڙيندو آهي. ان ڪري درويش يا روحانيت وارا انسان سماج کان پاسيرو پيا رهن.

شاھ جي رسالي جا اثر لطيف شناس ۽ لطيف جي پارکو سڏجندڙن، جشن لطيف ملهائيندڙن جي ذاتي زندگي تي به نه پيا ڏسجن، سماج ته پري جي ڳالھ آھي.
شاھ جا زندہ ڪردار اڄ به سماج ۾ دربدر يا نظرانداز ٿيل آهن پوء رسالي جو اثر ڪٿي آهي؟ يا شاہ جا محقق يا شارح سماج ۾ مخالف روين ۾ اڳڀرا ڏسجن ٿا. معروضي طور اثرات نه ٿا ڏسجن، باقي ڪتابن ۽ تقرير جي حد تائين ان جو اثر ڏسي سگهجي ٿو.

سڄي تاريخ ۾ ڪٿي به سماجن تي ڪتابن جو اجتماعي اثر نه ٿو ڏسجي، رڳو سياست، مذهب ۽ تجارت يا صنعت جا اثرات نظر اچن ٿا. ڪتابن جا اثرات رڳو ڪتابن يا محققن تائين محدود رهيا آهن. هن جي ڪتابن جو سماج تي ڪو اثر ٿئي ها ته پوءِ سماج گهڻو تبديل ٿي چڪو هجي ها، جڏهن ته سماج هميشه سياست ۽ تجارت جي گرفت ۾ رهندو پيو اچي. تعليم، تربيت تبليغ، ڪانفرنس، ادب، تهذيب، سجاڳيءَ، ڪانفرنس شعور سان سماج تي ڪو اثر نه پئجي سگهيو آهي.

ڪتاب ته پري جي ڳالھ سماجي تحريڪن جا به سماج تي ڪي اثر نه ٿا ڏسجن. اسان ڏسون ٿا تاريخ ۾ ڪيتريون تحريڪون ھليون پر انهن سان سماجن تي ڪي خاص اثرات مرتب نه ٿي سگهيا جئين ترقي پسند تحريڪ سان ڪھڙو فرق پيو؟ ڇا سماجي قدر تبديل ٿيا؟ رڳو ادب يا ڪتاب متاثر ٿي سگهيا سماج تي ساڳي سياست ۽ تجارت غالب رهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close