ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﺧﻮﺷﺨﺒﺮﻱ

ﺣﺴﺎﻡ ﻣﻴﻤﮡ

ﮬﻦ ﭘﮑﻲﺀَ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ Bluethroat ﺁﮬﻲ ۽ ﮬﻲ ﮬڪ Songbird ﺁﮬﻲ. ﮬﻲﺀَ ﺗﺼﻮﻳﺮ تہ مون ﺭﮘﻮ ان ڪري ڏﻧﻲ ﺁﮬﻲ، تہ ﺟﻴﺌﻦ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﮬﻦ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﮭﻦ ﮐﻲ ﺳﺎﺭﺍﮬﻲ ﺳﮕﮭﻮ.

ﻗﺪﺭﺕ ﺟﺎ ﺍﻧﻴڪ ﺭﻧﮓ ﺁﮬﻦ، ﮬڪ ﺩﻓﻌﻮ ﺍﻭﮬﺎﻥ ﺍﻥ ﺳﺎﻥ ﻭﻳﺠﮭﻮ ﭤﻴﻮ ﭘﻮﺀِ ﺑﺲ ﺭﮘﻮ ﺭﻧﮓ ڏﺳﻮ، ﺩﻧﻴﺎ ﺍﻥ ﺣﻮﺍﻟﻲ ﺳﺎﻥ ﮬڪ ﻭڏﻭ ﺣﻴﺮﺕ ڪﺪﻭ ﺁﮬﻲ. ﺧﻴﺮ…. ﺧﻮﺷﺨﺒﺮﻱ ﺍﮬﺎ ﺁﮬﻲ تہ ﺟﺘﻲ Lockdown ﺟﻲ ڪﺮﻱ Ozone Layer ﺟﮭڙﻭڪ Repair ﭤﻴﮡ ﻟﮙﻮ ۽ ﺩﻧﻴﺎ ﻣﺎﻥ ڪﻴﺘﺮﻭ ﺋﻲ ﺩﻭﻧﮭﻮﻥ، ﻣﺎﺣﻮﻟﻴﺎﺗﻲ ﮔﺪﻻﮠ ﮔﮭٽﺠﮡ ﻟﮙﻲ، ﺍﺗﻲ ﮬڪ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﺍﮬﻮ بہ ﭤﻴﻮ تہ ٽن ڏﮬﺎڪﻦ ﮐﺎﻥ جيڪي ﻣﮭﻤﺎﻥ ﭘﮑﻲ ﮬﺘﻲ ﺳﻨﮅ پاڪستان ۾ ﺍﻳﻨﺪا هئا،   Lockdown ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﺷڪﺎﺭﻳﻦ ﺷڪﺎﺭ بہ ﮔﮭٽﺎﺋﻲ ﮀڏﻳﻮ، ﺁڪﻴﺴﺠﻦ بہ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ ۽ ﮬﻮﺍ ۽ ﻣﺎﺣﻮﻝ بہ ﺻﺎﻑ ﭤﻴﻮ تہ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﮬﺘﻲ ﺁﻣﺪ بہ ﺗﻤﺎﻡ ﮔﮭﮣﻲ ﻭﮄﻱ ﻭﺋﻲ.

ان کان صورتحال اها هئي، جو  ﻇﺎﻟﻢ ﺷڪﺎﺭﻱ ﺳﺎﺋﺒﻴﺮﻳﺎ ﮐﺎﻥ ﺍﻳﻨﺪڙ ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﻗﺘﻞ ڪﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ڪﺎ ﺍﻧﮭﻦ ﻇﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ ﻻٽﺮﻱ ﮐﻠﻲ ﮬﺠﻲ ﻳﺎ ﮐﻴﻦ ﻭڏﻱ ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺍﺟﺎﺯﺕ ﻣﻠﻲ ﻭﺋﻲ ﮬﺠﻲ تہ ﺍﺋﻴﻦ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﻋﺎﻡ ڪريو، ﺟﻮ ﭘﮑﻲ ﮬﺘﻲ ﺍﮬﺎ ﺣﺎﻟﺖ ڏﺳﻲ ﭘﻨﮭﺠﺎ ﺭﻭٽﺲ ﺋﻲ ﺗﺒﺪﻳﻞ ڪﺮﻱ ﮀڏين!

ﭘﺮ ﻻڪ ڊﺍﺋﻮﻥ ﺟﻮ ﺍﮬﻮ ﻓﺎﺋﺪﻭ ﭤﻴﻮ تہ ﺷڪﺎﺭﻱ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﺷڪﺎﺭ ڪﺮﻱ نہ ﺳﮕﮭﻴﺎ ۽ ﺳﺎﮘﻲ Indus flyway 4 ﮐﺎﻥ ﮬﺘﻲ ﺍﭼﻲ ﭘﮙﺎ . ﮬﻦ ﺭﻭٽ ﮐﻲ Green Route بہ ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ . ﻳﺎﺩ ﺭﮬﻲ تہ ﺩﻧﻴﺎ ۾ ﺍﮬڙن Zones ﺗﻌﺪﺍﺩ 9 ﺁهي، ﺟﻦ ﮐﻲ ﻭﺭﻱ ٽﻦ ﻭڏﻥ ﺣﺼﻦ ۾ ﻭﺭﮬﺎﻳﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﮬﻲ . انهن کي اوهان هتي ڏنل تصويرن ۾ ڏسي سگهو ٿا.

 

 

ﺟﻴڪﻲ 9 ﺭﺳﺘﺎ ﻳﺎ Zones ﺁﮬﻦ، ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ General Flyways ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ۽ ﺟﻴڪﻲ 3 ﻭڏﺍ zones ﺁﮬﻦ، ﺍﻧﮭﻦ ﮐﻲ Pan Flyways ﭼﻴﻮ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ.

ﺳﺎﻝ 2019ع ۾ ﺟﻴڪﻲ ﻣﮭﻤﺎﻥ ﭘﮑﻲ ﮬﺘﻲ ﺁﻳﺎ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ ﮬڪ ﺭﭘﻮﺭٽ ﻣﻄﺎﺑﻖ 248,105 ﮬﻴﻮ، ﺟڏﮬﻦ تہ ﺳﺎﻝ 2020ع ۾ ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪﺍﺩ 741,042 هو!

اهي انگ اکر ﮬڪ ﺳﺮﻭﻱ کان پوءِ ڏنا ويا آهن  ۽ ﺍﮬﺎ ﮬڪ ﺳﭡﻲ ﺧﺒﺮ ﺁﮬﻲ ۽ پکين جي تعداد ۾ واڌ جي ﮬڪ ﻭڏﻱ ﮀﻼﻧﮓ ﺁﮬﻲ . ﻳﻌﻨﻲ پکین جي آمد جو انگ 492,937 تائين ﻭﮄﻱ ﻭﻳﻮ، جيڪا هن جيوت ۽ فطرت سان پيار ڪرڻ وارن لاءِ هڪ وڏي ﺧﻮﺷﺨﺒﺮﻱ آهي. اهڙيءَ طرح Covid19 ﺟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ بہ ﺁﺭﺍﻡ ﺁﻳﻮ ۽ ﻣﺎﺣﻮﻝ بہ سڪون جو ﺳﺎھ ﮐﻨﻴﻮ.

ﺟڏﮬﻦ ﺍﮬﻲ ﭘﮑﻲ ﺍﭼﻦ ﭤﺎ تہ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ Wetlands ﺟﺎ ﻧﻈﺎﺭﺍ ﺋﻲ ﻣﻨﻔﺮد ﭤﻲ ﻭﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ ۽ ﺍﻧﮭﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﺎ ﻟﻨﮕﺮ Aquatic Stopovers بہ الڳ الڳ ﮬﺠﻦ ﭤﺎ، ﺍﮬڙﻱءَ ﻃﺮﺡ هنن ايندڙ ﭘﮑﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﮭﻦ ﺳﺎﻥ ﺍﺳﺎن جي ﺳﻨﮅ ﮄﺭﺗﻲ ﻧﮑﺮﻱ ﭘﻮﻧﺪﻱ ﺁﮬﻲ! ﭜﻠﻲ ڪﻴﻨﺠﮭﺮ ﮬﺠﻲ ﻳﺎ منڇر، هاليجي  هجي يا ﺣﻤﻞ ﮂﻧﮃ، ﻳﺎ ﭔﻴﻮﻥ ﮂﻧﮃﻭﻥ هجن، ﺳﻨﮅ ﻭﺍﺋﻴﻠڊ ﻻﺋﻴﻒ ﮔﻴﻢ ﺁﻓﻴﺴﺮ ﺭﺷﻴﺪ ﺍﺣﻤﺪ ﭼﻮﺍﮢﻲ تہ ﭘﺎڪﺴﺘﺎﻥ ۾ ﺍﮬڙﻳﻮﻥ اوڻيھ ﺳﺎﺋﻴٽﺲ ﺁﮬﻦ، ﺟﻦ مان ڏھ سائيٽس ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۾ ﺁﮬﻦ.

ﮬڪ ﺳﺮﻭﺭﻱ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻻڙڪﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺭﮘﻮ ﻟﻨﮕﮫ ﮂﻧﮃ ۾ ﺳﺎﺋﺒﻴﺮﻳﺎ ﺟﺎ ويھ ﮬﺰﺍﺭ ﭘﮑﻲ ﺍﻳﻨﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﻳﺎﺩ ﺭﮬﻲ تہ ﺗﺼﻮﻳﺮ ۾ ﺟﻴڪﻮ ﭘﮑﻲ ﺁﮬﻲ، ﺍﮬﻮ بہ ﺳﻨﮅ ۾ ﻣﻮﺟﻮﺩ ﺁﮬﻲ، ﮬﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻧﺎﮬﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﮅ ۾ ﮬﺮ ﺳﺎﻝ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺁﮬﻲ ﭘﺮ ﺁﮬﻴڙﻱ ﺗﺎڙ ۾ ﮬﻮﻧﺪﺍ ﺁﮬﻦ، ﮬڪ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﺍﮬڙﻱ بہ ﺁﮬﻲ، ﺟﻨﮭﻦ ۾ ڪﻮﻧﺠﻦ ﻳﻌﻨﻲ Cranes ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﻋﺎﻡ ڪﻴﻮ پیو ﻭﭸﻲ

ﻓﻄﺮﺕ ﺳﺎﻥ ﭘﻴﺎﺭ ڪريو، ﺍﻥ ﺟﻲ ﻭﻳﺠﮭﻮ ﺍﭼﻮ ۽ ﺍﻥ ﺟﻮ ﺧﻴﺎﻝ ڪريو، ﮬﻲ ﭘﮑﻲ ﮬﻦ ﮄﺭﺗﻲﺀَ ﺟﻲ ﺳﻮﻧﮭﻦ ﺁﮬﻦ، ﺍﻧﮭﻦ ﺟﻮ ﻗﺪﺭ ڪريو ۽ ﮬﻲ ﭘﮑﻲ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺍڪﺜﺮ ﺧﻮﺭﺍڪ ﺟﻴﺖ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴڪڏﮬﻦ ﮬﻲ ﺟﻴﺖ نہ ﮐﺎﺋﻦ تہ ﺍﻻﺋﻲ ڪﻴﺘﺮﻳﻮﻥ ﺑﻴﻤﺎﺭﻳﻮﻥ ۽ ﺧﻄﺮﺍ ﻭﮄﻱ ﻭﻳﻨﺪﺍ . ﭔﻴﻦ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﮬﻲ ﭘﮑﻲ نہ ﺭﮘﻮ ﺳﻮﻧﮭﻦ ﺁﮬﻦ، ﭘﺮ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﺎ ﻣﺤﺎﻓﻆ بہ ﺁﮬﻦ!

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close