سنڌ جو آرٽسٽ، جيڪو رنگن جي دنيا ۾ رهي ٿو

غضنفر سولنگي

آرٽ زندگي جي خوبصورت اظهار جو نانءُ آھي، جيڪو انسان جي حَسين احساسن ۽ جذبن کي اُجاڱر ڪري ٿو. آرٽ امن ۽ سلامتي جي علامت ۽ نازڪ نفيس نينهن جو نالو آهي، جيڪو انسان ۾ جيئڻ جي خواهش کي جنم ڏئي ٿو. آرٽسٽ سماج جو آئينو هوندا آهن جيڪي معاشري جي منهن تان مٽي کي ڌوئي رنڱن ۾ ملائي بيمثل موتين جيان بڻائيندا آهن۔

آرٽ لفظ کي جيڪڏهن وسيع نظر سان ڏٺو وڃي ته فنِ مصوري کان علاوه ادب، رقص، اداڪاري، گلوڪاري به هن جي وسعت ۾ اچيو وڃن. سنڌ ۽ هنڌ ۾ هي فن ڪافي پراڻو ۽ مشهور رهيو آهي، خاص ڪري مغلن جي مصوري، آرٽ ۽ پينٽگ کي پنهنجي دورن ۾ وڏي هٿي وٺرائي هئي. دنيا ۾ شھڪار بڻيل ڪيئي پينٽگز اڄ به مثالن طور بيان ڪيون وڃن ٿيون.

پاڪستان ۽ سنڌ جي آرٽسٽن ۾ وڏو ۽ ڪامياب نالو عقيل احمد سولنگي جو به رهيو آهي، جنهن سنڌ جي سونهن کي رنگن ۾ سمائي پوري دنيا اندر مشهور ڪيو۔

25 ڊسمبر 1981ع تي نيشنل هاء وي جي کاٻي پاسي واقع پراڻي ۽ تاريخي ڳوٺ نهال خان سولنگي( تعلقه صوڀوديرو ضلعو خيرپور ميرس) ۾ جادل سولنگي جي چئن پٽن ۾ پهرئين نمبر پيدا ٿيندڙ هي ٻار ننڍپڻ ۾ ڳوٺ جي اوڏڪي ديوارن تي ڪوئلي سان ليڪا پائيندو رهيو ۽ گهر جي اڱڻ ۾ موجود گهاٽي نم جي ڇانو ھيٺان پير جي آڳوٺي سان گول گول پيو ڦيرا گهمائيندو هيو. جنهن جي خمير ۾ آرٽ شامل هجي وڏو ٿي اهو ڪيئن ٿو هٿن جي آڱرين کي رڱن کان روڪي سگهي۔

عقيل جي شروعاتي استادن، دوستن ۽ رهنمائن ۾ غلام رضا مرحوم ، آرٽسٽ توفيق، آرٽسٽ محبوب ۽ پاڪستان جي نامور مصوره مسرت مرزا جو وڏو هٿ رهيو آهي. هنن شخصيتن کان سواء برطانيا ۾ تعليم دوران سندس استاد نالي واري مصور ڊيڪسٽر ڊالوڊ سندس وڏي همٿ افزائي ڪئي آهي۔

عقيل سولنگي آرٽ ۾ ڪيئي ڊگريون حاصل ڪيون، جن ۾ اهم بي ايف اي (اين سي اي لاهور) ايم اي آنرز ويوئل آرٽ ، ايم ايف اي (باٿ اِسپا يونيورسٽي برطانيا) شامل آهن۔
پاڻ اين سي اي لاهور ۾ پروفيسر ۽ هن وقت اين سي اي راولپنڊي ۾ نالي وارا سينئر پروفيسر آهن۔

آرٽ ۾ ميڊيم آئل پينٽ اڊڪر بلڪ ۽ ڪولاج پسند ڪندا آهن. پاڪستان جي سڀني وڏن شهرن جي نمائش گيلرين ۾ سندن ٺاهيل پينٽگز پيش ڪيون ويون آهن. پرڏيھ ۾ ڀارت، بنگلاديش، چين، برطانيہ شامل آهن.

ڪيترائي ميڊل، سرٽيفڪيٽ، سولو ۽ انعام حاصل ڪندڙ هي پاڻ بطور ھڪ شخصيت بہ دلبر دوست آهي. سنڌ سان حقيقي چاھ رکندڙ هي مصور حسن درس ۽ شيخ اياز جي شاعري سان عشق جي حد تائين محبت ڪري ٿو. سنڌ جي شاعرن جي شاعري کي رنگن ۽ تصويرن جو روپ پهرائي ٿو. صبح جي پرھ ڦٽي سان پيار ڪندڙ عقيل سولنگي ٿر جي ريگستان کي به دلڪش انداز ۾ چٽي ٿو. آسمان، گل ۽ شاھ جا بيت هن آرٽسٽ جي روح ۾ سمايل آهن۔

عقيل احمد سولنگي تصويرن ۾ چھري جي تفصيل ڏيڻ کان سواء ئي تاثرات (Impression) ڏيکاري ٿو. سندس رنگ ڳالهائين ٿا، انهي ۾ رڌم آهي. هن جي تصويرن ۾ نہ صرف سنڌي ثقافت جو هڳاءُ آهي پر هو ڪلچر کي اڳتي وٺي جدت سان هم آهنگ بہ ڪري ٿو. سندن اهڙيون تصويرون مقامي مٽي ۽ جديد فن جو سهڻو سنگم آهن۔

عقيل جي فن ۾ انفراديت آهي. مان چارلس جي چواڻي چوندس ته ”فن وسيع آهي، وقت ٿورو آهي“ عقيل سنڌ جو بهترين ڪلاڪار آهي هن رنگن جي شاعري ڪئي آهي ۽ ان ۾ سڀ سُر ۽ سموري سونهن اوتي آهي۔

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close