ڀاڳ واري ڪٽلي (جاپاني لوڪ ڪھاڻي)

الطاف شيخ

هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالھ آهي، جن ڏينهن ۾ جپان ۾ ماڻهو فيوجي جبل کي اڃا ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. هڪ صبح جو هڪ کلمک نوريئڙو نچندو ڪڏندو جهنگل مان واٽ وٺي وڃي رهيو هو. رستي تي ڪٿي ڪٿي سنهو گاھ آيو ٿي ته ان تي گول ليٿڙيون پاتائين ٿي ۽ وري ڪٿي ڪنڊن وارا ٻوٽا آيا ٿي ته انهن کان پاڻ بچائيندو يا مٿن بل ڏيندو اڳيان وڌيو ٿي.
اهڙيءَ طرح هڪ هنڌ خوشيءَ مان هيڏانهن هوڏانهن جي پرواھ نه ڪندي جهڙي ڊوڙ پاتائين ته هڪ ماريءَ جي ڪوڙڪي ۾ وڃي وچڙيو. پوءِ جيئن جيئن ان مان پاڻ کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين تيئن ان ڪوڙڪي جي ڳنڍ سوگهي ٿي وئي. ۽ هي ان ۾ اهڙو سُڪ ٿي ويو جو هيڏانهن هوڏانهن ڦٿڪڻ جي ڪيائين ٿي ته ساهه ٿي گهٽيس.
”الاڙي الاڙي..“ هو سنهيون ڪيڪون ڪرڻ لڳو. ”الاڙي..“ سندس رڙيون هڪ واٽهڙو ڪنڀار جي ڪن تي پيون، جيڪو ٿانوَ ٺاهي هاڻ پنهنجي گهر وڃي رهيو هو. دانهن جا آواز ٻڌي هن پنهنجي ڇٻڙي ڪلهي تان لاهي پٽ تي رکي ۽ جان بچائڻ لاءِ نوريئڙي ڏي ڀڳو.
”مار ته سهي! هڪ غريب ننڍڙو نوريئڙو ڪوڙڪي ۾ ڦاٿو پيو آهي!“ ڪنڀار تعجب مان چيو ۽ هڪدم نوريئڙي جي جان آجي ڪرائي.
”هاڻ پيارا نوريئڙا جهٽ ڪري پنهنجي گهر جي واٽ وٺ تہ جيئن ڪو ٻيو توکي نقصان نه رسائي.“ ڪنڀار پيار ۽ پاٻوھ مان نوريئڙي کي نصيحت ڪئي. هن نوريئڙي جي پٺيءَ تي ٻه چار دفعا هٿڙا گهمائي وري چيو: ”چڱو دوست هاڻ سڌو گهرڏي روانو ٿجانءِ.“
”هن احسان جو بدلو مان توکي ڪيئن ڏيئي سگهان ٿو؟“ نوريئڙي اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي پڇيو.
”بس تون پنهنجي گهر تائين سلامتيءَ سان پهچي ويندين ته مون لاءِ اهوئي گهڻو آهي.“ ڪنڀار سندس پٺيءَ کي ٺپريندي چيو ۽ ان بعد پاڻ به پنهنجي واٽ وٺي پنهنجي گهر ڏي روانو ٿيو. نوريئڙو ڪا دير ڪنڀار کي ويندو ڏسي سوچڻ لڳو ته هو ڪهڙي طرح هن غريب ڪنڀار جي ڪم اچي سگهي ٿو، جنهن هن جي جان بچائي. اهو سوچيندي اوچتو هن جي دماغ ۾ هڪ رٿ آئي ۽ پنهنجي هڪ جادوئي رهل جي زور تي پنهنجو پاڻ کي هڪ سهڻي چٽن گلن واري ڪٽلي ۾ بدلائڻ شروع ڪيو. سندس جسم گول ۽ ٿلهو ٿي بلڪل چانهن جي ڪٽليءَ جهڙو ٿي پيو. پڇ مڙي ڪٽليءَ جو ڳن ٿي پيو ۽ پير ڪٽليءَ جا ترا ٿي پيا. سندس نڪ ٻاهر نڪري ڪٽلي جي اڳيان تن وانگر ٿي بيٺو. هاڻ هو بلڪل ڪٽلي ٿي پيو هو ۽ پوءِ ڪا دير هيءَ نوريئڙي نما ڪٽلي ڪنڀار جي پٺيان پٺيان هلندي رهي. هڪ هنڌ جيئن ئي کيس وجهہ لڳو ته ٽپ ڏيئي ڪنڀار جي ڇٻڙي ۾ لڪي وڃي ويٺي. ڪنڀار کي خبر به ڪانه پيئي ۽ پنهنجي ئي موج ۾ گهر ڏي رمندو رهيو.
”منهنجي زال! آئون اچي ويو آهيان.“ گهر پهچي ڪنڀار رڙ ڪئي. مڙس جو آواز ٻڌي زال ڊوڙي اچي در کوليو ۽ جهڪي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. ڪنڀار پنهنجي ڪلهي مان شيءِ شڪل جي ڇٻڙي هيٺ لاهي پنهنجي غريباڻي جهوپڙيءَ جي تڏي تي رکي ۽ پاڻ اڃا ڪکن جو چمپل لاهي پاسائتو رکي رهيو هو ته سندس زال جي نظر ڇٻڙيءَ ۾ پيل ڪٽليءَ تي پيئي.
”اڙي اڙي! هي ڇا آهي؟“ هن رڙ ڪئي ۽ پاڻ ۽ سندس مڙس ان ڪٽليءَ کي حيرت منجهان ڏسڻ لڳا.
ان بعد هو ڪٽلي کي حفاظت سان کڻي اندر ڪمري ۾ آيا ۽ پٽ تي رکي مٿائنس جهڪي خاموشيءَ سان ان ڪٽليءَ جا چٽ گل ۽ ڪاشيءَ جهڙي چلڪ غور سان ڏسڻ لڳا.
”اهو واقعي هڪ ڪرشمو ٿيو، ”ڪرشمو!“ ڪنڀار چپن ۾ ڀڻڪيو.
”هن جهڙي سهڻي ڪٽلي سڄي جپان ۾ نه هوندي.“ جواب ۾ سندس زال ڀڻ ڀڻ ڪئي، ”اها توکي ملي ڪٿان؟“
”مونکي پاڻ خبر ناهي ته اها آئي ڪٿان،“ ڪنڀار وراڻيو ”هتي پهچڻ کان اڳ رستي تي ته ڪٿي به مون کي اهڙي سهڻي شيءِ نظر نه آئي.“
ٻئي ڄڻا وري اچرج مان ان ڪٽليءَ کي ڏسڻ لڳا. سندن اکين اڳيان هاڻ ڪٽليءَ کان علاوه ٻي ڪابه شيءِ نه هئي.
”اها اهڙي ته سهڻي آهي جو جيڪر مورين مندر تي نذراني طور هلي ڏجي.“ ڪنڀار سوچيو ۽ پوءِ زور سان چيو: ”ڪر خبر منهنجي زال، ان کي مورين مندر ۾ هلي ڏئي اچون؟”
”ها، پاڻ جهڙن لاءِ هيءَ تمام اوچي شيءِ آهي.مون کي پڪ آهي ته ٻائو اهڙي املهہ شيءِ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو.“ سندس زال وراڻيو.
ڪنڀار وڏي خبرداري سان پٽ تان ڪٽلي کي کنيو ۽ ڪپڙي جي پوش ۾ ويڙهي مندر ڏي روانو ٿيو. ٻائو ان ڪٽليءَ کي ڏسي حيران ٿي ويو، جو پهرين ئي نظر سان ٻائي تاڙي ورتو ته اها اهڙي تهڙي شيءِ نه آهي ۽ سوچڻ لڳو ته ڪنڀار جهڙي غريب ماڻهو وٽ اها آئي ڪٿان؟ ڪنڀار جڏهن سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي ته ٻائو ويتر تپرس ۾ پئجي ويو ۽ جيئن ته ان جي اصل مالڪ جي ڪابه خبر نه هئي. ان ڪري ٻائي ان کي مندر لاءِ وٺڻ قبول ڪيو، جيئن مندر ۾ ٿيندڙ چانهن پارٽي واري ڪاڄ ۾ استعمال ٿيندي رهي.
جڏهن ڪنڀار هليو ويو ته ٻائي ڪٽليءَکي هڪ دفعو وري غور سان ڏٺو. ”واھ جي خوبصورت شيءِ آهي. اڻلڀ شين مان هيءَ هڪ ٿي ڏسجي. پنهنجي يارن دوستن کي هينئر ئي نينڍ ڏيئي مون کي اها ڏيکارڻ کپي.“
مندر کي مليل ان قيمتي سوغات جي ڏسڻ جي شوق ۾ سندس دوست اچي سهڙيا ۽ پٽن تي وڇايل گاديلن تي گول چڪري ۾ ٿي ويٺا. سائي چانهن جو آڌر ڀاءُ وارو دور ختم ٿيڻ کان پوءِ ٻائو اٿيو ۽ ريشم جي ڪپڙي جي هڪ هڙ اچي وچ تي رکي. پوءِ منجهائنس اها قيمتي ڪٽلي مهمانن کي ڏيکاري. مهمان ههڙي اوچي ڪٽلي کي غور سان ڏسڻ لڳا. سندس رنگ روپ ۽ بيهڪ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا. هو سڀ اهو ٻڌڻ لاءِ آتا هئا ته ٻائي کي اها ڪٿان هٿ آئي ۽ ڪنڀار جو سڄو قصو غور سان ٻڌڻ لڳا.
”واقعي تمام اعلیٰ شيءِ آهي ۽ مندر جي چانهن پارٽيءَ واري رسم ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل آهي.“
”بلڪل. بلڪل.“ ٻائي وراڻيو، ”اڄ ئي شام جو ٿيندڙ چانهن جي رسم ۾ آئون هن کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندس. يارو اڄ شام جو توهان به اچجو. سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهن پارٽيءَ لاءِ اچي گڏ ٿجو.“
ان شام جو سج لهڻ کان ٻه ڪلاڪ اڳ چانهن جي دعوت تي همراھ اچي ٻاهر باغيچي ۾ گڏ ٿيا. ٻائي ڪٽليءَ پاڻي سان ڀري ڪوئلن جي سنهي ڪر تي رکي. اڃا هو ڪوپ ساسرون ٺاهي رهيو هو ته ڪنهن جي دانهن ٻڌڻ ۾ آيس: ”سڙان ٿو، سڙان ٿو.. “ ۽ انهن لفظن کان پوءِ سڀني مهمانن ڏٺو ته ڪٽلي ٽپ ڏيئي چلهه تان پاڻهي ئي هيٺ لٿي. ڪجهه پاڻي فرش تي هارجي پيو ۽ ڪٽليءَ منجهان آهستي آهستي ٿي نوريئڙي جو نڪ، پوءِ پڇ ۽ تنهن بعد پير ظاهر ٿيا. پوءِ اها نوريئڙي جهڙي ڪٽلي هيڏانهن هوڏانهن ٽپ ڏيڻ سان گڏ ”سڙان ٿو، سڙان ٿو“ چئي پاڻي هاري وڌو.
ٻائو اهو لقاءَ ڏسي ڊڄي ويو. ”هي ته پڪ ڪو جن ڀوت آهي يا جادوءَ جي ڪٽلي.“ هو مهمانن سميت ٻئي ڪمري ۾ وڃي لڪيو. ۽ پٺيان در تي ڪنڍو ڏيئي ڇڏيو. مندر جا سيکڙاٽ چيلا ۽ خٿابي رڙيون ٻڌي بچاءَ لاءِ ٻهارن لٺين سميت اندر ڌوڪي آيا: ”ڪٿي آهي جن؟ سائين بچي ته ويائو؟“
ڏڪندي ڏڪندي ٻائي ۽ سندس مهمانن در جي سير مان پنهنجا منهن ڪڍي ڊپ مان نوريئڙي جهڙي ڪٽلي ڏي نهاريو. جيڪا هاڻ وري نوريئڙي مان ڦري واپس ڪٽلي ٿي پيئي هئي ۽ معصوميت سان ڪنڊ ۾ پئي هئي. ڏڪندڙ آڱر سان ڪٽليءَ ڏي ٻائي اشارو ڪندي چيو: ”مون اها ڪٽلي پاڻي سان ڀري جيئن ئي باھ تي رکي ته ”سڙان ٿو، سڙان ٿو“ چئي اها ڪٽلي چلهہ تان ٽپ ڏيئي هيٺ لٿي ۽ نوريئڙي جي شڪل اختيار ڪري ڪمري ۾ ڊوڙندي رهي.“
ڪجهہ دير لاِء سڀئي ان ڪرشمي تي بحث ڪندا رهيا پوءِ ڪپڙي ۽ لڪڻ سان ڪري ان ڪٽليءَ کي هيڏانهن هوڏانهن چوري ڏٺائون پر ڪٽلي خاموش هڪ ئي هنڌ ڌت هڻي پيئي هئي.
بهرحال ٻائي جي دل تي اهڙو خوف ۽ هراس اچي ويٺو جو هن اهوئي بهتر سمجهيو ته هاڻ ڪٽليءَ کي واپس ڪنڀار جي حوالي ڪجي. سو ماڻهو اماڻي هن ڪنڀار کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس سڄو احوال ٻڌائي پوءِ عرض ڪيو ته هو پنهنجي ڪٽلي واپس کڻي وڃي.
”واھ واھ تنهنجي معنى’ ته هيءَ ڪٽلي اهڙي تهڙي عام شيءِ نه پر تمام گهڻي اهميت واري آهي.“ ڪنڀار چيو ۽ ڪٽليءَ کي وڏي خيال ۽ خبرداريءَ سان ڪپڙي ۾ ويڙهي گهر ڏي روانو ٿيو.
رات ٿي ته سندس زال سمهڻ لاء پٽ تي تڏا وڇايا ۽ سمهڻ کان اڳ ڪنڀار ان ڪٽليءَ کي پنهنجي وهاڻي ڀرسان رکيو. آڌي رات جو ڪنڀار جي اک کلي ته ڪنهن جوآواز ڪن تي پيس.
”ڪنڀار سائين، ڪنڀار سائين، منهنجي ڳالھ ٻڌ!“ ڪنڀار ننڍاکڙين اکين کي مهٽيندي ڪٽليءَ ڏي ڏٺو ته اها ڦري سندس دوست نوريئڙي جهڙي ٿي پئي هئي.
”ڪنڀار سائين، منهنجي وقتائي بچاءَ لاءِ آئون توهان جو ايڏو ته ٿورائتو ٿيس.“ ننڍڙي جيتامڙي چيو، ”جو مون تنهنجي ڪنهن نموني سان مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان ڪري پنهنجو روپ بدلائي چانهن جي ڪٽلي ٿي تنهنجي ڇٻيءَ ۾ اچي لڪيس. مون اهوئي سوچيو ته تون مون کي وڪڻي چار ڏوڪڙ ڪمائي سگهندين، پر تون ايڏي ته وڏي دل وارو سخي مڙس آهين جو مون کي وڪڻڻ بدران مندر ۾ ٻائي جي حوالي کڻي ڪيو. پر مون اهو چاهيو ته آئون تنهنجي ڪم اچان. ان ڪري مون اها اٽڪل سوچي ته ٻائي کي ڊيڄاريان ته جيئن هو مونکي توڏي وري واپس ڪري.“
نوريئڙي جهڙي ڪٽليءَ ڪلهن کي لوڏيندي چيو: ”آخري ڏينهن سڪون سان گذارڻ لاءِ مون به مندر وسائڻ جو سوچيو آهي پر تيستائين پهچڻ کان اڳ پاڻ ٻئي گڏجي گهڻو ڪي ڪجهه ڪري سگهون ٿا. تون منهنجي ڳالھ مڃي هڪ جادوئي ڪرتب گهر کول جنهن ۾ منهنجا کيل تماشا ماڻهن کي ڏيکاري گهڻو ڪي ڪجهہ ڪمائي سگهين ٿو. يقين ڪر مون ۾ تمام گهڻو هنر آهي.“
ان بعد نوريئڙي ڪٽلي ٿي اهڙا ته وٺي ٺينگ ٽپا ۽ ڪرتب شروع ڪيا جو ڪنڀار سوچڻ لڳو ته ’واقعي نوريئڙي جي ڳالھ صحيح آهي ته آئون هن ڪٽليءَ ذريعي چڱو خاصو ڪمائي سگهان ٿو.‘
پوءِ ته ٻئي ڏينهن کان ئي ڪنڀار ماڻهن کي تماشا ڏيکارڻ لاءِ هڪ تنبو ۽ اسٽيج جو بندوبست ڪيو جنهن تي هو چڙهي ڪٽليءَ کي تماشا ڪرڻ لاءِ چئي سگهيو ٿي. تنبوءَ جي ٻاهران اشتهار خاطر وڏن اکرن ۾ لکرايو.
"جيئري جاڳندي ڪٽلي..
دنيا جي بهترين ڪٽلي جيڪا نچي ڏيکاري ٿي ۽ رسيءَ تي اٿرپٿر هلي سگهي ٿي.”
اها ڳالھ هوا جي جهوٽي وانگر جهرجهنگ ۽ اوسي پاسي جي ڳوٺاڻن تائين پهچي ويئي ۽ اهڙي عجيب شيءِ ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ، ميلن جا ميل ڪهي، ٽڪيٽ وٺي ڏسڻ لڳا. ڪٽلي هر روز اهڙا ته ڪرتب ۽ تماشا ڪندي هئي جو ماڻهو وائڙا ۽ حيران ٿي ويندا هئا. ماڻهن جي گپا گيھ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪنڀار هڪ دفعي بدران ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڪٽليءَ جو کيل ڪرڻ لڳو. ڏسندي ئي ڏسندي جڏهن ڪنڀار وٽ گهڻي دولت گڏ ٿي ويئي ته هن هڪ ڏينهن پنهنجي ساٿيءَ کي چيو: ”منهنجا ننڍڙا دوست! تو اسان لاءِ ايترو گهڻو ڪيو آهي جو اسان سوچي به نٿي سگهياسين. روزانو کيل تماشا ڏيکاري هاڻ تو ۾ به اها طاقت نه رهي آهي ۽ جيتوڻيڪ تنهنجي جدائيءَ ڪري اسان کي بيحد ڏک ٿيندو پر اسان جي دل ٿي چوي ته هاڻ تون وري موٽي پنهنجي ساڳي روپ ۾ آزاد ٿي پنهنجي زندگي گذار.”
ڪنڀار ان بعد پنهنجو جادوئي گهر بند ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن لاءِ کيل تماشا هميشه لاءِ بند ٿي ويا. نوريئڙي نما ڪٽلي جيڪا سچ پچ ٿڪجي پئي هئي سا هاڻ پنهنجي اصل روپ ۾ اچي نوريئڙو ٿي پيو ۽ ڪنڀار کان موڪلايو. نوريئڙو پنهنجي رٿ تي ڏاڍو خوش هو ته هن ڪنڀار جي احسان جو بدلو چڪايو.
(اقتباس : ڀاڳ واري ڪٽلي – ڏاهي جهرڪي)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close