در در جا ڌڪا (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي آتم ڪٿا) قسط-7

سنڌيڪار: عبدالستار لغاري

نوائي مان اسان جي ريل موڻابائو ۾ اچي بيٺي، ھتي سامان لاٿو ويو، تمام گهڻي گرمي ھئي، مسافرن ۾ افراتفري متل هئي. ھتي ھندستان ۽ پاڪستان جي سرحد جي ڪري علائقو غير ھو. ان ڪري مسافرن کي پيادل کوکرا پار پھچڻو ھو. منھنجي ڏاڏي ضعيف ھئي، انڪري ھو پنڌ ھلڻ جي قابل نہ ھئي. انڪري ھن کي ھڪ کٽ تي ويھاري کنيو ويو. مونکي اھو منظر اڄ بہ ياد آهي جڏھن عورتن، ٻارن ۽ مردن جو ھجوم سخت گرمي ۾ ھڪ سرحد کان ٻي سرحد ڏي وڃي رهيو هو. وچ ھجوم ۾ منھنجي ڏاڏي کٽ تي ويٺي ھئي ۽ ان کي ڪولي کنيو پئي ھليا. ڏاڏي جي ڪري سڀ ماڻھو اسان کي سڃاڻڻ لڳا. منھنجي والدہ جو اھو پھريون تجربو ھو جيڪا ماڻھن جي ھجوم سان پنڌ ھلي رھي ھئي. حالتون ڪيئن روايتن کي ٽوڙين ٿيون. ھڪ وقت ھو جو پردي جي سخت پابندي ھئي، ۽ ھاڻي ڪنھن کي بہ پردي جي پرواھ نہ ھئي. ڪٿي اھو وقت ڪنھن غير مرد جي عورت تي نظر نہ پوي ۽ ھاڻي عورتون ۽ مرد گڏ گڏ ھلي رھيا ھئا. ورھاڱي جو ھڪ اثر اھو ٿيو جو روايتي ۽ مستحڪم روايتن ۽ قدرن کي ٽوڙيو ويو. اھي ماڻھو جيڪي پنھنجي خانداني شرافت ۽ عظمت جا قائل ھئا اھي سڀ ھاڻي ھجوم ۾ شامل ھئا. اھي سڀ پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺا هئا، انھن جون خانداني يادون ۽ اھي ميوزم، جن ۾ انھن پنھنجن وڏن جون تلوارون سنڀالي رکيون ھيون، سڀ ماضي جا قصا ٿي ويا. ان وقت اھي سڀ عام ماڻھو ھئا، جيڪي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ منتقل ٿي رھيا ھئا. شايد اھي سڀ ھڪ نئين سرزمين تي پنھنجو روشن مستقبل ڏسي رھيا ھئا. ان وقت مونکي سمجھ ۾ نہ اچي رھيو ھو تہ اسان پنھنجو گھر ڇو ڇڏي وڃي رھيا آھيون. آئون ان ھجوم ۾ پنھنجي مرضي سان شامل نہ ٿيو ھئس. ھڪ دفعو مون پٺيان مڙي ڏٺو امان آھستي آھستي اچي رھي ھئي. کوکرا پار پھچي چادرن جا خيما تيار ڪيا ويا. ھتي اسان کي ٻہ يا ٽي ڏينھن انتظار ڪرڻو ھو ڇو جو ريل ھفتي ۾ ھڪ يا ٻہ دفعا ايندا ھئي. اسان ھڪ ريتيلي ميدان تي ترسياسين. ھتي پوليس وارن جا ڪجھ ڪوارٽر ٺھيل ھئا، ھڪ جھوپڙي وارو ھوٽل ھو، جتان اسان کي ماني ملندي هئي، اھو سارو منظر ڏاڍو دل دھلائيندڙ ھو. مون سوچيو يا خدا ھي پاڪستان آھي؟ ان ماحول ۾ اسان کي رھڻو پوندو. ٻہ ڏينھن اسان اتي رھياسين. ھڪ ڏينھن اسان ڪجھ ٻار پوليس جي ڪوارٽرن وٽ کيڏي رھيا ھئاسين، کيڏندي اسان ڪجھ گوڙ بہ ڪيو. اچانڪ ھڪ پوليس وارو آيو، اسان کي گاريون ڏيندي اتان ڀڄڻ جو چيائين. گاريون ٻڌي آئون ششدر ٿي ويس، انکان پھرئين مون کي ڪنھن ڌڙڪا ڏنا ھئا ۽ نہ ئي گاريون ڏنيون ھيون. جنھن ڏينھن ريل کي اچڻو هو، ان ڏينھن سامان ٻڌو ويو، ريل آئي اسان ڏٺو تہ اھا مال گاڏي ھئي، انھي ۾ ويھڻ جي جڳھ نہ ھئي، سامان کي گاڏن ۾ رکيو ويو پوءِ اسان ويٺاسين. جھڙوڪ اسان ماڻھو نہ پر ڍور ھجون. جڏھن ريل ھلڻ لڳڻ ٻاھر نھاريم تہ ڪئمپ ويران ٿي چڪي هئي. ھوٽل ۽ پوليس ڪوارٽر مڪمل ويران ٿي چڪا هئا. ھي جڳھ ايئن آباد ۽ پوءِ ويران ٿيندي رھندي ھئي. ڪجھ ڏينھن لاءِ مسافر اچي رھندا ھئا، مال گاڏي انھن کي ھڪ سرحد کان ٻي سرحد تي پھچائيندي ھئي. کوکرا پار جو ھي ناسور رستو ( ھي لفظ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محمد علي بوگرہ استعمال ڪندو هو) ڪيترن ئي سالن تائين ھلندو رھيو، اھڙي طرح انھي ناسور کي ملم پٽي ڪري بند ڪيو ويو. اسان جي ريل سج لٿي ميرپورخاص پھتي، ھتي اسان ميرپورخاص اسٽيشن ڏٺي، ان کان اڳئين اسٽيشن حيدرآباد ھئي، جتي اسان جي منزل ھئي، جڏھن اسان اتي پھتاسين تہ اسان کي وڏي چاچا طرفان ڪي ماڻھو وٺڻ آيا، انھن سان گڏ اسان سامان ٽانگي تي رکي ھير آباد چاچي جي گھر آياسين. چاچي جو گھر صرف ٻن ڪمرن، اڱڻ ۽ ورانڊي تي مشتمل ھو، ان وقت اتي ٻہ خاندان رھندا ھئا، ھڪ چاچي جو خاندان، ٻيو چاچي جي ڀاءُ جو خاندان. کٽون ٻہ يا ٽي ھيون، باقي ٻيا سڀ ڀاتي پٽ تي سمھندا ھئا. گھر نہ پر ھڪ مسافر خانو ھو. منھنجو ننڍو چاچو بہ ھير آباد ۾ رھندو ھو. ان وٽ ھڪ ڪمري جو گھر ھو. اھا گڙبڙ ورھاڱي کانپوءِ ٿي، ھڪ گھر جا ڪيترائي حصا ڪري ھڪ گھر کي ڪيترن ئي خاندانن ۾ ورھايو ويو. گھر جو زنانو حصو ھڪ جي حصي ۾ آيو تہ مرداڻو حصو وري ٻي جي حصي ۾ آيو. ھيٺيون حصو ھڪ خاندان کي مليو تہ مٿين جو وري ٻيو مالڪ ٿيو. شروعات ۾ ماڻھن کي سر لڪائڻ جي ضرورت ھئي. ان ڪري جنھن کي جيڪو مليو ان تي خوش ٿيو. پر پوءِ گھر جي معاملي تي جھيڙا شروع ٿي ويا. جيڪي اڃان تائين ھلن ٿا. ھير آباد جا گھر خوبصورت ھئا، فرش رنگين ٽائلن جو، ڇت تي خوبصورت نقش نگاري ٿيل، در ۽ دريون آرٽ جو ھڪ نمونو ھيون، پر جڏھن گھرن جي حصن تي جھيڙا ٿيا، تڏھن انھن جي خوبصورتي ختم ٿي وئي. ڪجھ گھرن ۾ تھ خانہ بہ ھئا، ڪيترائي خاندان تھ خانن ۾ بہ آباد ٿيا. گھٽي جي ھڪ حصي کان پردو ڏيئي انھن پنھنجي رھائش جو جوڳو بندوبست ڪيو. جيڪي بااثر ۽ پئسي وارا ھئا انھن وڏن گھرن تي قبضا ڪيا. پر غريب تہ ھر ھنڌ غريب ئي ھوندو آھي، انھن جي حصي ۾ زمين بہ ٿوري آئي. ھتي اسان ٻہ يا ٽي مھينا رھياسين. ان کان پوءِ اسان جي ھڪ مائٽياڻي جنھن کي اسان ماسي سعادت چوندا ھئاسين، ان جي گھر ھليا وياسين. ھي گھر بہ ھير آباد پپر جي وڻ جي پاسي ۾ ھو ۽ پاسي واري گھر جو مرداڻو حصو ھو. ان ڪري ان جو صرف ھڪ ننڍو ڪمرو ھو، ماسي سعادت ڪراچي ۾ ھئي ان ڪري اھو ھڪ ڪمري وارو گھر اسان کي ڏنائين.والد پاڪستان اچڻ کان اڳ پنھنجي ڀاءُ کي ڪجھ رقم موڪلي گھر وٺڻ لاءِ نياپو ڪيائينس. پر گھر خريد نہ ڪيو ويو. حيدرآباد اچڻ کان پوءِ چاچي ڪاري موري ۾ ھڪ ڪچو گھر وٺي ڏنو ھو. ان وقت ڪچي آبادي ھئي. اسان جي گھر ۾ نہ بجلي ھئي نہ پاڻي خبر ناھي چاچي ھي گھر ڇو پسند ڪيو ھو، جڏھن تہ ان وقت تمام سستي اگھ تي گھر ملي رھيا ھئا. اھو گھر ڏسي امان کي سڀ کان وڌيڪ ڏک ٿيو ھو، پر ان کي ٻي گھر وٺي ڏيڻ جو دلاسو ڏنو ويو. ٻيو گھر خريدڻ لاءِ تيرھن سال لڳي ويا.

1952ع وارو حيدرآباد خوبصورت ۽ صاف سٿرو ھو، شھر ۾ سواري لاءِ ٽانگا ھوندا ھئا، ٽانگا اسٽينڊ ٺھيل ھوندا ھئا. گھوڙن کي پاڻي پيارڻ لاءِ حوض ٺھيل ھوندا ھئا، ھڪڙي بس ھير آباد کان اسٽيشن تائين ھلندي ھئي.ٻہ چار ڪارون ھونديون ھيون، گھڻا ماڻھو پنڌ ھلندا ھئا، روڊن جي صفائي روزاني پابندي سان ٿيندي هئي، نالين کي صبح شام ڌوتو ويندو هو، شھر ۾ ڪيترائي باغ ھوندا ھئا، اسٽيشن وٽ ٻہ وڏا باغ ھوندا ھئا ھاڻي اتي هوٽلون ۽ دڪان آھن. ھڪ باغ جي جڳھ تي جوتن جو دڪان آھي. گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جي سامھون ھڪ باغ ھوندو ھو ھاڻي اتي گول بلڊنگ آھي.اسپتال وٽ سرفراز پارڪ ۾ ميونسپل جي عمارت ٺھي وئي آھي. پريم پارڪ جيڪو ڪينٽ ۾ ھوندو ھو اتي ھاڻي فوجين فليٽ ٺھرايا آھن. ڦليلي جي ڪناري دلشاد باغ ھوندو ھو اتي ھاڻي خوجہ ڪالوني آھي. ھن واھ جي ڪناري ھڪ وڏو ۽ زبردست باغ ھوندو ھو، ھاڻي اھو مڪمل ختم ٿي ويو آهي. ھاڻي حيدرآباد مارڪيٽن ۽ فليٽن جو شھر آھي. ھير آباد جي پاسي ۾ عامل ڪالوني آھي. عامل سنڌي ھندو ھئا جيڪي سرڪاري ملازمت ڪندا هئا، بعد ۾ واپار بہ ڪرڻ لڳا. ھير آباد عامل ڪالوني ۾ ڪاسائي وڏي تعداد ۾ رھندا ھئا، انڪري اتي مينھون جام نظر اينديون هيون ۽ اھي ڦليلي ۾ تڙڳنديون رھنديون هيون، ان ڪري ڦليلي واھ جو پاڻي گندو ٿي ويندو هو. شھر ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون لائبريريون ھونديون ھيون پر اھي بہ آھستي آھستي سڀ ختم ٿي ويون. شھر ۾ ٻہ مشھور ھال ھوندا ھئا، ٿيوسوفيڪل سوسائٽي جو ايني بينسٽ ھال ۽ ھوم اسٽينڊ ھال. ھوم اسٽينڊ ھال ۾ شروع ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن قائم ٿي، ھاڻي اتي ميونسپلٽي جي آفيس آھي. ان جي ھڪ لان ۾ مسجد ٺاھي وئي آھي، ٻيو لان تباھ ٿي ويو. بينسٽ ھال ڪجھ عرصي تائين ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رھيو پر ان جي انچارج ھال جي لئبريري کي ختم ڪري ڇڏيو. ھاڻي اتي جوڊو ڪراٽي جا ڪلاس ٿيندا آهن. ان وقت حيدرآباد ۾ ايرانين جون ڪيتريون ئي ھوٽلون ھونديون ھيون، انھن ۾ ڪيفي اي ون، ڪيفي يونٽي، ڪيفي آستان، ڪيفي راڪسي، دربار ھوٽل، ھوٽل شيزان ۽ ڪيفي جارج قابلِ ذڪر آهن. ھي صاف سٿرا ۽ سستا ھوٽل ھوندا ھئا. انڪري اتي شاگرد ۽ ھيٺين طبقا جا ماڻھو سماجي سرگرميون ڪندا هئا.گھڻي عرصي تائين ھنن ھوٽلن تي اسان جون ڪچهريون ٿينديون هيون. سڀ کان آخر ۾ ڪيفي لڪي تي ويھندا ھئاسين، جيڪا ھير آباد پوسٽ آفيس جي ويجھو ھوندي ھئي. شام ٿيندئي يار دوست گڏ ٿيندا ھئاسين ۽ ڪچھرين جا دور ھلندا ھئا.

ھلندڙ


Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close