ڇا اسان جي ثقافت رڳو اڇا ڪپڙا، اجرڪ، ٽوپي پائي گيتن گانن تي رستن مٿان جهمريون پائڻ ئي آهي؟
درد وندن ۽ مظلومن جو ڀرجهلو ٿيڻ ۽ سندن واهرو ٿيڻ بہ تہ اسان جي ثقافت آهي..
جيڪڏهن رستن تي جهمريون پائيندڙ سنڌي هن جي ڳالھ ٻڌن ها، تہ اڄ هو هن ڊگهي سفر جو پانڌيئڙو نہ بڻجي ها…
هڪ يوناني چوڻي آهي
"تڪليف ساٿين سان پيار ڪندي آهي”
اهائي ڳالھ شاھ لطيف هيئن ڪئي آهي
اچو سورن واريون، ڪريون سور پچار.. ”
جيڪڏھن ايئن ناهي تہ پوءِ ڪوئيٽا پريس ڪلب ٻاهران ويٺل کنڀي گم ڪيلن لاءِ احتجاج ڪندڙ، ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪرڻ وارن لاءِ ڇو پريشان آهن؟
لاهور پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪرڻ وارن کي، اسلام آباد جي شھر ۾ ڪيئي سالن کان احتجاج ڪندڙ آمنه مسعود جنجوعہ جي ڳڻتي ڇو آهي؟
وزيرستان، ٽانڪ، قلعہ عبدﷲ، قلعہ سيفﷲ، لاڙڪاڻو، سکر، حيدرآباد يا جتي بہ ڪو حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، اهو ٻين لاءِ پريشان ڇو آهي؟
ان ڪري، جو
تڪليف ساٿين سان پيار ڪندي آهي
۽ "اچو سورن واريون ڪريون سور پچار” جي ڪري بہ!
ان سور پچار قبيلي جي اهڙي ئي هڪ دردن وندَي شخص، انعام عباسيءَ کي بہ ساڳئي درد جي مالھا ۾ پويل ساٿين سان پيار ٿي ويو آهي.. اهي ساٿي، جيڪي کنڀي گم ڪيا ويا، ان درد کي هو ان ڪري بہ دل ۽ روح جي گھرائين سان محسوس ڪري ٿو، جو هو پاڻ بہ ان اذيت مان گذري چڪو آهي.. هو ڄاڻي ٿو ۽ محسوس ڪري ٿو ان درد کي، جيڪو درد کنڀي گم ڪيل جا، گهر ڀاتي ڀوڳين ٿا.
هڪ سال اڳ هو بہ اذيت خاني جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ هوندو هو ۽ سندس انجنيئر ڌيءَ سراپا ان درد جي تصوير بڻي ڪراچيءَ جي رستن تي جلي رهي هئي.. هو جڏهن موٽيو تہ ان درد جي ڪيفيت کي ڄاڻي چڪو هو ۽ هاڻ هو ان درد جي سفر جو پانڌيئڙو بڻجي چڪو آهي، جنھن درد جي رستي تي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي کنڀي گم ڪيل سمورن ماڻھن جون ساديون ۽ اڻ پڙهيل مائرون سفر جي تصوير بڻيل آهن ۽ سندن هٿن ۾
پنھنجي گم ڪيل ٻچن جون تصويرون آهن
اکين ۾ لڙڪن جو درياھ آهي
دل ۾ درد جو سمنڊ آهي
۽ چھري تي اذيتن جون ريگستاني واري جهڙيون ريکائون آهن..
اهو درد خاموشي ۾ سڏڪي ٿو
ڇو تہ ميڊيا جي دڪان لاءِ
اھو وڪري جو وکر ناهي،
هو ڄاڻي ٿو تہ اهو درد هٿ ٺوڪي ميڊيا جي دڪان تي نمائش لاءِ پيش نہ ٿو ڪيو وڃي
پر کيس اها بہ خبر آهي
تہ اھو درد روز ماري ٿو ۽ روز جيئاري ٿو!!!
هو مائرن ۽ پيئرن، ڀينرن ۽ ڀائرن ، ونين، ڌيئرن ۽ پٽڙن جي ان درد کي محسوس ڪري پاڻ بہ سراپا درد بڻجي ويو آهي..
۽ هاڻ سندس جسماني ئي ڇا،
روحاني ڪيفيت بہ اهڙي ئي آهي، جھڙي هيءَ يوناني چوڻي:
”تڪليف ساٿين سان پيار ڪندي آهي!“
هن کي خبر آهي، هو ان اذيت گهر جي عذابن مان گذري چڪو آهي، جتي وردي پھرين ماءُ تي ڪچي گار ڏيندي آهي، پوءِ سوال ڪندي آهي.. ۽ پوءِ ڳالھ ڌمڪين، ڌڙڪن ۽ دهمانن تي ختم ٿيندي آهي!
هو ان درد مان گذري چڪو آهي، جنھن درد ۾ پھرين ونيءَ لاءِ سھپ کان مٿاهين گار ڏيئي پوءِ سوال جواب ڪيا ويندا آهن…
هو ان درد مان گذري چڪو آهي، جنھن ۾ جوان جماڻ ڌيءَ جو نالو کڻي اهو چيو ويندو آهي تہ هاڻ هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ اڃان ڇا ڇا ڪري سگهن ٿا…
هو ان عذاب مان گذري چڪو آهي ۽ ڄاڻي ٿو تہ جڏهن ڪو مسنگ پرسن ٿي ويندو آهي، تہ سندس گهر ۽ خاص طور تي سندس ماءُ ڪھڙن جهوراڻن مان گذرندي آهي، جيڪا پنھنجي جوان پٽ جي اوسيئڙي ۾ تيستائين چينھن چڙهيل رهندي آهي آهي، جيستائين هو گهر موٽي نہ ٿو اچي ۽ جڏهن هو موٽي ئي نہ ٿو تہ هوءَ ان انتظار ۾ هوءَ يسوع وانگر ٽياس تي مصلوب ٿي ويندي آهي.
اهو ئي تہ سبب آهي، جو هن سوچيو تہ هو آفس کان گهر تہ روز ويندو آهي پر هو مصلوب مائرن کي پريس ڪلب جي در تي ڇڏي گهر ڇو ويندو آهي ۽ هو گهر ويندو ئي ڇو آهي! آخر ڇو نہ انتظار جي صليب تي مصلوب انھن مائرن جو ڏڍ ٿجي، سندن دلين جي زخمن تي پھا رکجن، سندن لڙڪ اگهجن ۽ سندن هيڻي آواز ۾ آواز ملائجي!
هو هڪ پڙهيو ڳڙهيو، سرت ڀريو، ساڃاھ وند ۽ دانشور شخص آهي، اهڙو دانشور نہ، جيڪو رڳو ڪتاب لکي ۽ هِتان هُتان جي بي مقصد ڳالھين کي شيطان جي آنڊي وانگر ڊگهو ڪري ۽ ور وڪڙ ڏيئي پيش ڪري.. پر هڪ اهڙو دانشور، جيڪو هڪ بري ڪتاب کي بہ ان لائق بڻائي سگهي، جنھن کي ماڻھو چاھ سان پڙهن ۽ منجهس آئيني وانگر پنھنجا درد ۽ سور ڏسن ۽ لکندڙ جو قدر سڃاڻن.. هن اهڙا سوين ڪتاب ڇاپيا، جن تي ڪڏهن بہ ڇسي ڪتاب هجڻ جو گمان بہ نہ گذريو، حالانڪہ لکڻ وارا انتھائي برا لکندڙ هئا!
انعام کي ان درد مان گذري، انهن مائرن سان محبت ٿي وئي، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان کان وٺي پنجاب ۽ خيبر پختون خواہ ۾ موجود آهن، جيڪي هر ايندڙ ويندڙ کان پنھنجن زوري کنڀي گم ڪيل ٻچڙن جون پڇائون ڪنديون رهن ٿيون پر ڪوبہ انهن کي ڪا ورندي نہ ٿو ڏي. هاڻ انعام انھن مائرن جا سوال ٻڌڻ، کين جواب ڏيڻ ۽ سندن هم آواز ٿيڻ لاءَ ساڻن شامل ٿي ويو آهي.
هاڻ هو آفس کان گهر نہ ٿو موٽي،
هاڻ هو آفس کان گهر موٽي فريش ٿيڻ لاءِ شاور نہ ٿو وٺي،
هاڻ آفس کان گهر موٽي چينج نہ ٿو ڪري،
هاڻ هو آفس کان گهر موٽي هيڊ فون ڪنن ۾ لڳائي موسيقيءَ مان لطف اندوز نہ ٿو ٿئي،
هاڻ هو سليپنگ چيئر تي ويھي ڪافيءَ جو مگ کڻي سپ ڀري جهونگاري نہ ٿو،
هاڻ پنھنجي بيڊ تي ليٽي ڪو ناول نہ ٿو پڙهي،
هاڻ هو آڌي رات تائين جاڳي ڪنھن سيکڙاٽ اديب جي زبان جون چڪون درست نہ ٿو ڪري،
هاڻ هو پنھن ٻارن سان گڏ ٻاهر ماني کائڻ لاءِ آئوٽنگ تي نہ ٿو وڃي،
هاڻ هو گهر نہ ٿو وڃي، گهر ۾ فرمائش نہ ٿو ڪري،
۽ هاڻ هو گهر ۾ ويھي گهر وارن سان گڏ ماني نہ ٿو کائي…
هاڻ هن جو گهر، هن جي گهر جو در ۽ هن جي آفس پريس ڪلب آهي، جتي گم ڪيلن جون مائرون ويٺل آهن، جتي انھن مائرن جو اکيون اوسيئڙو بڻجي رستن تي وڇيل آهن، جتي جي ديوارن تي مائرن جون اوڇنگارون ۽ سڏڪا چنبڙيل آهن، اهي مائرون، جن جو درد بي پناھ آهي پر اهو درد ڪنھن کي بہ نظر نہ ٿو اچي.. هو ان درد جون جهوليون ڀري انھن مائرن سان گڏي پيرين پنڌ مورڙو بڻجي، مورڙي جي شھر کان مانگرن جي ديس ڏانھن روانو ٿي ويو آهي، پنھنجي درد ڀائين کي موٽائڻ لاءِ…
هو انھن بي سڌ مائرن جي مٿي تان لٿل پوتيون بہ درست ڪري رهيو آهي، سندن لڙڪ بہ اگهي رهيو آهي ۽ کين وڌيڪ روئڻ بہ نہ ٿو ڏي..
ڇو تہ
تڪليف، پنھنجي ساٿين سان پيار ڪندي آهي!
انعام کي انھن درد جي تصوير بڻجي ويل مائرن سان محنت آهي ۽ انھن سان ملي سندن زخمن تي پھا رکي رهيو آهي، ساڻن گڏ هڪ اهڙي سفر ۾ پيرين پنڌ ڪري رهيو آهي، جنھن ۾ آڱر آڱوٺي نہ مڙندي آهي، ڇپون پير ڇنديون آهن ۽ جنھن ۾ پرين ڏانھن ويندي جتيءَ جات بہ پائبي آهي..
هو انھن مائرن جو ڀرجهلو ۽ واهرو ٿي پيرين پنڌ نڪتو آهي، جيڪي شھرن جي رستن ۽ گهٽين ، ملڪ جي سياست جي الجهيل شطرنج راند کان اڻڄاڻ آهن، هو صرف درد کي سڃاڻن ٿيون، هنن کي تہ اها بہ خبر ناهي تہ عمران خان يا سيد مراد علي شاھ سندن مٿي تي هٿ رکڻ لاءِ وٽن لڙي ڇو نہ ٿا اچن
اهي مائرون اهو نہ ٿيون ڄاڻن تہ هنن وٽ ڪوئي ڇو هلي نہ ٿو اچي، پر هنن کي اها خبر آهي تہ انعام هنن کي ڇڏي نہ ويندو
ڇو
ڇو تہ
تڪليف پنھنجي ساٿين سان محبت ڪندي آهي
۽ انعام درد جي ان رشتي کان واقف آهي..
ڇا اسان جي ثقافت رڳو اڇا ڪپڙا، اجرڪ، ٽوپي پائي سنڌي گيتن تي رستن مٿان جهمريون پائڻ ئي آهي
درد وندن ۽ مظلومن جو ڀرجهلو ٿيڻ ۽ سندن واهرو ٿيڻ بہ تہ اسان جي ثقافت آهي..
جيڪڏهن رستن تي جهمريون پائيندڙ سنڌي هن جي ڳالھ ٻڌن ها، تہ اڄ هو هن ڊگهي سفر جو پانڌيئڙو نہ بڻجي ها…