حقيقت گاڏڙ خواب (ترڪي ڪھاڻيءَ جو سنڌي ترجمو)

عزيز نيسن / انجنيئر عبدالوهاب سهتو

ھو پنڌ ڪري ڪري، ساڻُو ٿي پيو ھيو. ڏاڍي ڏکيائيءَ سان، پير گيسڙائي گيسڙائي، اڳتي رڙھي رھيو ھيو. ھاڻ ان حقيقت جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو ھيس ته انسان جي لاءِ جيڪو ٻوجھ کڻڻ مڙني کان اوکو آھي، سو خود سندس جسم جو ٻوجھ آھي. ڪنھن به شخص کي، موت کان اڳي، ان ٻوجھ کان آجائي نه ٿي ملي سگهي. ھليو به پئي، سوچيائين به پئي. رستي تي گاڏيون ڦرڙاٽ ڪيو لنگهي پئي ويون، مگر ھيءُ پنھنجي ڌن ۾ مست مگن ھلندو پئي ويو

”ڪيڏي نه عجب جھڙي ڳالھ آ. جسم جيترو جهيڻو ٿيندو ٿو وڃي، ان ڪمبخت جو ٻوجھ کڻڻ، وري اوترو ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي… ٿورڙو ھنن گاڏين کي ته ڏس! ڇا ڇا ته رنگ اٿن، ڇا ڇا ته شڪليون اٿن… منھنجو وزن ڪو پنجاھي کن ڪلو ته بيھندو؟ اڙي يار نه! پنجاھ ڪلو ڪٿي؟ اھو ڪو چاليھ پنجيتاليھ جي لڳ ڀڳ ٿيندو.“

ايئن رستي ھلندي، ھو پنھنجي پاڻَ سان ڳالھائيندو پئي ويو. پاڻ کان پاڻ سوال ڪري ۽ وري پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏئي رھيو ھيو. ٿورو کنگهڻ بعد وري سوچڻ شروع ڪيائين؛

”ڪير سوچي به نه پئي سگهيو ته ڪڏھن منھنجا ھھڙا حال به ٿيندا… ڪاش منھنجي کيسي ۾ ايترڙا پئسا ھجن ھا جو ھڪ ويلي جو نانڙو ئي وٺان ھا. اگر ان نان سان گڏ، گرم گرم چانھ جي پيالي به ٿي وڃي ھا تہ… پو تہ ڳالھ ئي نہ پڇ…“

گاڏيون اچي، تيزيءَ سان سندس ويجهي کان لنگهيو ٿي ويون. ايتري ۾ ھڪ بلڪل نئين، گھري نيري رنگ جي ڪار، سندس پاسي کان لنگهي. کيس محسوس ٿيو ڄڻ ڪار کيس ڏسي، ڍري ٿي ھجي. چتائي ڏٺائين ته اسٽيئرنگ تي ھڪ عورت نظر آيس. ھڪڙي خوبصورت شعر وانگر حسين عورت. جنھن جا ڪارا وار، ھوا سبب وکريل ھيا. پھرين سٽ ته کيس ايئن لڳو ڄڻ اھا سھڻي حسينا، پنھنجي گاڏي ڍري ڪري کيس چتائي پئي ڏسي. ھيءُ مشڪيو. مشڪڻ سان ھن جي سڪل ڳٽن جي گهنجن جي ڳاڻيٽي ۽ گھرائيءَ ۾ واڌارو اچي ويو. سوچڻ لڳو؛ ”پوريءَ حياتيءَ ۾ حسن جي نظر اسان تي پئي ته عمر جي ڪھڙي اڻ سونھندڙ مرحلي ۾ اچي پئي!“

اکيون کيريون ڪندڙ ڀنڀاٽ ڪار، تيز ٿي ۽ اڳڀرو نڪري وئي. ڪو چاليھارو گز کن اڳتي وئي ھوندي جو وري بيھي رھي. مڙھ ڪراڙو، ٿڪ کان ساڻُو، پير گيسڙائي، رڙھي رھيو ھيو. جڏھن نيري ڪار جي ويجهو پُڳو ته حسينا، دريءَ منجهان منڍي ڪڍي، غور سان جائزو ورتس. ھاڻي ته شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه بچي ھئي. حسن جي نگاھِ ڪرم، پڪ ئي پڪ ھن ڀاڳ ڀريي تي ئي پئجي رھي ھئي. تنھن ھوندي به ھن مڙھي جي دل، ان حسين حقيقت کي، مڃڻ لاءِ ھرگز تيار نه ٿي. ھن سوچيو؛ ”بک، منھنجي مغز تي سوار ٿي، ان کي ڌوڏي رکيو آھي. جنھن ڪري مان ڏينھن ڏٺي جو، ھلندي گهمندي، خواب ڏسڻ لڳو آھيان.“

نيري گاڏي وري چُري ۽ ٿورو اڳڀرو وڃي وري بيھي رھي. عورت اڃا به کيس ئي تڪي رھي ھئي. مڙھي سوچيو؛

”لاشڪ! ڀُلي آ. ڪنھن ٻئي جو ڀولو ٿيو اٿس. يا شايد منھنجي حالت تي ترس پيو اچيس.“

وري پنھنجي پاڻ سان مذاق ڪندي، دل ئي دل ۾ چيائين؛ ”استاد! ھيءَ پڪ ڄاڻ، تو تي اڪن ڇڪن ٿي آھي.“

نيري گاڏي، ھڪ ڀيرو ٻيھر اڳتي وڌي وئي. ٿورو اڳتي وڃي، وري بيھي رھي. حسينا، ھاڻي ھن ڏانھن جُوھ وجهي، چتائي تڪڻ لڳي. سندس ايئن ھلي ھلي بيھڻ ۽ بيھي بيھي وري ھلڻ، مڙھي کي ڏاڍو پريشان پڻ ڪري رھيو ھيو. ھو، ان جو اصل سبب ڄاڻڻ لاءِ به، ڏاڍو بي چين پئي ٿيو.

”ڇا؟ اھا وڄ تو تي ئي ڪرڻ لاءِ آتي بيٺي آ. اگر نه، ته پوءِ ٻيو ڪھڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“

اھو سوچيندي، ھيءُ رستي جي پرينءَ ڀر واري فٽ پيريءَ تي ھليو ويو. مائيءَ، ڪار جي ٻي دريءَ منجهان، نظرون مٿس کُپائي ڇڏيون. ھاڻي ته ڪراڙي جو شڪ، پڪ ۾ مٽجڻ لڳو.

”ڏٺو وڃي ته مان جوانيءَ ۾ ڪو ايترو ڪوجهو به نه ھيس، بلڪ سھڻو به سڏائي سگهيس پئي.“

ھاڻ ھو، وڏو شاھي رستو ڇڏي، کاٻي ھٿ تي ننڍڙي رستي تي ھلڻ لڳو. نيري گاڏي به اوڏانھن مڙي وئي. ھن دفعي جو ڪار، ڪراڙي جي آڏو پھتي ته حسينا کيس سڏي چيو؛
”دروازو کول!“

ھن دروازو کوليو.

”اندر ويھ!“

مڙھ ڪراڙو، گهٻراھٽ ۽ خوشيءَ جي رل مل جذبن تحت، پھرين ته ٿورو ٽھيو مگر مائيءَ جي مرڪڻ، کيس دل ٻڌرائي ۽ ھو ڪار جو دروازو کولي اندر اچي ويٺو. گاڏي، ھوا سان ڳالھيون ڪندي ھلڻ لڳي. واٽ تي نه مائيءَ ڪجهہ ڪڇيو ۽ نه ئي مَڙَھ چپ چوريا. گاڏي، ھڪ شاندار عمارت آڏو اچي بيٺي. حسينا اڳيان اڳيان ۽ مَڙُھ پويان پويان. ٻئي، گهر ۾ گهڙيا. ھڪڙي نوڪرياڻيءَ آدرڀاءُ ڪين. ان، مڙھي کي حيرت منجهان ڏٺو. حسينا ۽ مڙھو، ھڪڙي ھال نما ڪمري منجهہ گهڙيا. عورت، مڙھي کي ويھڻ جي ساھي ڏني بغير، حڪم ڏنو؛

”ڪپڙا لاھ!“

”جي؟ جي ٿوري اجازت ملي ته مان ٿورو….“

ٻڍڙي، ڊڄندي ڊڄندي پنھنجي ڦاٽل، پراڻي ۽ ميري نِڪُ قميص لاٿي.

”پتلون به لاھ!“

مڙھي جا سمورا شڪ، ھاڻي لھي ويا. کانئس سڄي بک ۽ ٿڪاوٽ وسري وئي. سوچڻ لڳو؛

”آخر ماڻھو ئي ته آھي. انسان جي دل جي پورَ بابت، ڇا ٿو چئي سگهجي؟ سو به وري عورت جي دل جي باري ۾… ھن حسينا کي به ضرور منھنجي ڪا نه ڪا ادا پسند اچي وئي آھي، جنھنڪري سندس دل ميڻ ٿي وئي آھي.“

ھن پتلون به لاٿي. حسينا، ھڪڙيءَ گھنٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. جهٽ پلڪ ۾ ھڪ عورت اندر گهڙي. اھا نوڪرياڻي ھئي، پر مالڪياڻيءَ کان جيڪڏھن وڌيڪ نه ھئي ته گهٽ ۾ گهٽ ان جيتري سھڻي ضرور ھئي. مڙھي سوچيو؛ ”اھا ته وڏي بي حيائي آھي. ھن عمر ۾ ٻن حسين پَرِيُن اڳيان، ايئن ھڪڙي گنجيءَ ۽ ھڪڙي ڪڇي ۾ بيھڻ، ڪٿان جي شرافت آ.“

حسين مائيءَ، نوڪرياڻيءَ کي چيو؛
”آئيءَ کي چئه ته ٻارڙن کي وٺي اچي.“

نوڪرياڻي، ٻاھر نڪري وئي. مڙھو، ڪڇي منجهہ ڦَرڪِي رھيو ھيو. خبر ناھي ته سيءَ کان پئي ڦَرڪيو يا ھيجاني ڪيفيت سببان. گهڻو اڳي ھن ٻڌو ھيو ته؛ ڪنھن عورت، محض پنھنجي مڙس جي بيوفائيءَ سببان، ڪنھن واٽھڙو ڌاريي سان معاشقو ڪيو ھيو. ھن دل ئي دل ۾ سوچيو؛ ”ڪٿي ھيءَ عورت به مون کي ان ئي مقصد جي لاءِ ھٿيار بنائڻ جو ارادو ته نه ٿي رکي.“

نوڪرياڻي موٽي آئي. ساڻس ھڪڙي گھر-دائي ۽ ٽي ٻارڙا ھيا. مڙني کان وڏو ٻارڙو، ڏھن سالن جو ھوندو. مڙني کان ننڍڙي ٻارڙي ڇھن سالن جي.. ٻه ڇوڪريون، ھڪ ڇوڪرو. ٽئي ٻارڙا، فرشتن وانگر معصوم ۽ خوبصورت. مڙھ ڪراڙي، دل ئي دل ۾ چيو؛

”نوڪرياڻي ۽ گھر-دائيءَ جي ڪا ڳالھ ناھي، پر ٻارڙن کي ھڪڙي نپٽ نانگي ماڻھوءَ آڏو ايئن اچي بيھاري ڇڏڻ، بي حيائي ناھي ته ٻيو ڇا ھي؟“

مڙھي جون ڄنگهون، بانس جي لڪڙن وانگر ٺوٺ سڪل ھيون. ڳچي، ڪاني وانگر سنھي. پاسراٽين جون ھڏيون، پري کان بيٺي ڳڻي سگهجن. ايئن لڳي رھيو ھيو ڄڻ، ھڪڙو ھڏائون پڃرو، مٽيءَ مَرُ واري چمڙيءَ ۾ مڙھائي بيھاريو ويو ھجي.

خوبصورت عورت، گهر-دائيءَ کان پڇيو؛

”اڄ نرگس، ماني کاڌي ھئي يا نه؟“

”ٿورڙو گرھ کاڌو ھيائين، بيگم صاحبا!“

”۽ شميمِ؟“

”بيگم صاحبا! ان کي ته مُور بک ئي نه ٿي لڳي. اڄ به ڪجهہ نه چکيائين.“

”۽ منظورَ؟!“

”ھا! ان ٿورو چاڪليٽ چکيو ھيو. بس ٻيو ڪجهہ به نه کاڌائين.“

خوبصورت عورت، ٻارڙن ڏانھن ايئن نھاريو، ڄڻ کين ڊيڄارڻ پئي چاھيائين. وري نپٽ نانگي، ڦَرڪندڙ ڪراڙي ڏانھن اشارو ڪري، ڪاوڙ مان چيائينِ؛

”ڏسو! ھن شخص کي ڏسو پيا نه؟! ان جون ھڙٻاٽيون ڪيئن ٻاھر نڪتل آھن. ياد رکو! جيڪڏھن ڍءُ ڪري ماني نه کائيندئو ته توھان جي حالت به ساڳي ٿي ويندي.“

ٽي فرشتي صفت ٻارڙا، ھيسجي پنھنجي ماءُ جي ماسيرين سٿرن سان چنبڙي پيا. حسين عورت، مڙھ ڪراڙي ڏانھن ڏٺو ۽ چيائينس؛

”چڱو بابا! جلدي ڪپڙا پاءِ! ۽ ھلڻ جي ڪر…!“

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close