اهي ڏينهن اهي شينهن!

شبير احمد قريشي

موڪلن جا ڏينهن هئا ، پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا جي دوري تي ويل هئي، سال هو 1977.

سڊني ٽيسٽ پاڪستان پيو کٽَي، پي ٽي وي اعلان ڪيو تہ قومي نشرياتي رابطي تي کٽڻ وارن لمحن کي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تان براه راست  ڏيکاريو ويندو.  ٽائيم صبح جا پنج، سياري جا ڏينهن. وڏي ڳالھ تہ ٽي وي هجي وڏي ڀاءُ جي گهر ۾……
رات جو در ڪير کڙڪائي… اسان سڀ ننڍي پارٽي رات جو ئي ادا وارن کان منٿ ميڙ ڪري اجازت ورتي. خوشيءَ مان ننڊ ئي نه پئي اچي. جهوٽا کائيندي اک لڳي وئي. ڪنهن مهل دانهن ٿي، اڙي چار ٿي ويا آهن! اٿي وٺي ڀڳا سين ادا جي گهر.. ٺڪ ٺڪ ٺڪ ٺڪ!
جيسين در کُلَي، هن بي گاه وقت جي ٺڪ ٺڪ تي مرحوم نانا سائين سميت لڳ ڀڳ اڌ پاڙو جاڳي پيو.
هر ڪنهن کي فڪر مندي ته الائي ڇا ٿيو جو در پيو کڙڪي.
حاصل مطلب اصل حقيقت معلوم ڪرڻ کان پوءِ اسان تي لعنت ملامت ڏاڍي ٿي.
منهن جي پڪائي ڪري ٽي وي کولي ويهي رهيا سين. هاڻي ٽي وي چئي ته تپ دانگي ٻارهن مهينا، پئي ٽُون ٽُون هلي…. اسين به لوگو ڏسي پيا خوش ٿيون،  آخر ڪار ٽي وي هلي، جڏهن نشرياتي رابطو قائم ٿئي.
قصو ڪوتاھ ميچ آئي، هاڻي مصيبت ته لوڪ ستل آهي، پاڻ ۾ به آواز نه ڪيو، ٽي وي تي به آواز نه ڪيو. ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جو مزو ئي هل هنگامي سان…..
بھرحال ٻي اننگ ۾ آسٽريليا جو  آخري رانديگر به جلد آئوٽ ٿيو.
رات جو اسڪور هو آسٽريليا 180 تي 9 رانديگر آئوٽ. انهيءَ صبح جو آخري وڪيٽ عمران خان ورتي. پاڪستان کي ڪل ملائي  کٽڻ لاءِ 32 رنسن جو ٽارگيٽ مليو.
انھن 32 رنسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بہ پاڪستان کي پگهر اچي ويا. للي ٻه وڪيٽون ورتيون. ماجد  همت ڪئي آخر ڪار 8 وڪيٽن تان پاڪستان کي جيت ملي. آسٽريليا جي سر زمين تي پاڪستان کي ٽيسٽ ميچ ڪرڪيٽ ۾ پھرين فتح عمران خان جي ٽوٽل ٻارنهن وڪيٽن عيوض ملي. بليڪ اينڊ وائيٽ جو زمانو هو،  رِي-پِلَي، سلو موشن يا ڪيميرائون معيار جون نه هيون. رانديگر به وڪيٽ وٺڻ تي گهڻو رد عمل نه ڏيکاريندا هئا، جيئن هن وقت باندرن وانگر ٽپا ڏيئي اشارا ۽ رڙيون ٿا ڪن. بالر تي هڪ هذياني ڪيفيت طاري هوندي آهي.
سڊني جي تيز ۽ گراسي وڪيٽ تي آسٽريليا پهرين بئٽنگ ڪندي211 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ پاڪستان 360 رنسون بڻائيون. آصف اقبال جي سينچري ڏسڻ وٽان هئي. ٻي واري ۾ آسٽريليا جي سڄي ٽيم 180 تي آئوٽ ٿي. اهڙي طرح پاڪستان 32 رنسون ٻن رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي بڻائي ورتيون.

ستر اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ ڪرڪيٽ جو جنون عروج تي هو. اصلي ٽرف وڪيٽ ۽ ڪاڪ بال سان ميچون ڪڏندا هئاسين. جنهن ڪري بالنگ ۽ بئٽنگ ۾ مهارت هوندي هئي. هي ٽيپ بال ۽ سيمنٽ وڪيٽون نه هونديون هيون. غير ملڪي ٽيمون اينديون هيون، ته حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم، ميرپور خاص جي گاما اسٽيڊيم ۽ سکر اسٽيڊيم ۾ مقامي ٽيمن سان فرسٽ ڪلاس ميچون رکندا هئا. ضلعي ۽ ڊويزنل سطح تائين مشهور گرائونڊ تي ٽورنامينٽ منعقد ٿيندا هئا. ڪوٽڙي هائي سڪول ۾ هئس، ته جاويد چانڊيو سان گڏ الائي ڪٿي ڪٿي ميچون کيڏڻ ويندا هئاسين. لاڙڪاڻي، سکر مان اعلي’ فرسٽ ڪلاس سنڌي رانديگر ملندا هئا، ڪراچي تائين کيڏڻ ويندا هئا.
ڇو ته اسڪول سطح تي راند روند گرائونڊ باقاعده هوندا هئا، بنيادي سکيا جو عمل جاري هوندو هو، مٿي ڪاليج سطح تي ۽ يونيورسٽي جي الڳ ٽيم هئي. اسڪولن مان ئي ضلعي ليول جي ٽيم نڪرندي هئي.
افسوس ته اسان هر شوق، هر شغل، هر گرائونڊ تباھ ڪيو. اسان جي قيادت کي رڳو هڪ شغل رهيو ته پئسا ڪيئن ٺاهجن، کائجن.
پرائيويٽ اسڪول به بنگلي جيتري ايريا ۾ هلڻ لڳا، جتي رڳو اسيمبلي به ٿي نه پئي سگهي رانديون ۽ فزيڪل سرگرميون ڪٿان ٿينديون. ساڳي وقت سرڪاري اسڪولن ۾ مثبت سرگرميون ختم ٿي ويون.
باقي دانهن پئي پوي ته ڪو به سنڌي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ نه ٿو اچي,جيڪا ڪنھن حد تائين درست بہ آھي. سنڌي ته ٺهيو پر ڪراچي جي اردو ڳالهائيندڙ آبادي جتان اڌ ٽيم جا رانديگر ملندا هئا، پنهنجا گرائونڊ چائنا ڪٽنگ ڪري وڪرو ڪري ڇڏيا.
هن وقت به ائين نه آهي ته ڪا بجيٽ يا سکيا لاءِ پئسا نه ٿا اچن، هر ضلعي ۾ ٻه ٻه اسپورٽس آفيسر آهن، لکن ۾ بجيٽ اچي ٿي، پر ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ﷲ ڄاڻي؟ مڪليءَ تي به ڪنهن زماني ۾ اسٽيڊيم ٺهيو هئو.
ضرورت آهي ته اهڙن ميدانن جي مالڪي ٿئي، نياز اسٽيڊيم سم جو شڪار آهي، لاڙڪاڻي اسٽيڊيم جو حال برو آهي. هن وقت سڄي سنڌ ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ جو شوق آهي. ٽينس  بال تي ڳاڙهو ٽيپ چاڙهي ۽ سيمنٽيڊ پچ تي ڪرڪيٽ ڀلي سَو سال ڪيو، تيز بالنگ ڪيو يا ڇڪا هڻو، ڪرڪيٽ جو قتل آهي.
ٽرف واري وڪيٽ تي اسان جو رانديگر هڪ بال به نه بيهي سگهندو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close