مالماڙيءَ جو واحد ”صاحب ديوان“ شاعر جان محمد "جانباز” جوکيو

جسارت الياس

مالماڙيءَ جو ماڳ جتي پنھنجي قدرتي سونھن جي ڪري ملڪن ۾ مشھور آھي، اتي ھن واديءَ جي سڃاڻپ هتي جنم وٺندڙ اهڙيون ھستيون بہ آهن، جن مختلف شعبن ۾ پنھجي صلاحيتن سان مڃتا، ماڻي.

اهڙين ئي هستين ۾ جان محمد "جانباز” بن مير محمد مير ڏنو بن علو خان بن جانو بن علو جوکيو جو نالو بہ شامل آهي. سندس تعليمي، علمي، ادبي ۽ سماجي ڪاوشون، اونداھيءَ ۾ ڄڻ لاٽ وانگر روشن آھن.

9 مارچ 1940ع لڳ مالماڙي مڪان ۾ جنم وٺندڙ جانباز (اصل 1937ع؛ بقول سندس فرزند حاڪم دين) پنھنجي بنيادي تعليم پڻ علم جي وادي مالماڙيءَ مان حاصل ڪري، سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو ۽ 1956ع ۾ سرڪاري استاد ڀرتي ٿيڻ بعد 1960ع ۾ حيدرآباد بورڊ مان S.V ايليمينٽري ڪورس، اديب فاضل ۽ اديب عالم جو علمي ادبي امتحان بہ پاس ڪيائين.

جانباز جوکيو پنھنجي ڏاڏي علو سميت ڳچ بزرگن جون يادگيريون ھينيئن سان ھنڊايون. مٿس رکيل نالو خود جانواڻي پاڙي جو مھندار نالو آھي. پاڻ پوڙھن سان مارڪا ڪرڻ ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري 1800ع کان وٺي سندس وفات تائين جي سڄي شاھوڪار تاريخ جو ڄڻ پارکو ھو. "ويا سي وينجھار” نالي سندس ڪتاب ان ڳالھ جي چٽي ثابتي آھي.

ان زماني ۾ ڪوھستاني حڪمت ۽ اتي ملندڙ جڙي ٻوٽين جي ھاڪ ملڪن ۾ مشھور ھئي، جيڪا سندس توجه جو مرڪز بڻي ۽ اھڙيءَ ريت پاڻ انگريزي سکڻ بعد حڪمت ۽ طب جو اعليٰ امتحان بہ پاس ڪيو. اھڙيءَ ريت لاڳاپيل طبي اداري (وڪٽوريا ميڊيڪل ڪاليج لاھور) پاران کيس سند جي صورت مِ "ڊاڪٽر” ھجڻ جو اعزاز مليو ۽ سندس مالماڙي ڪوھستان ۾ حڪمت ۽ طب جي عالم ٿيڻ جي ھاڪ ھلي.

جانباز ھڪ استاد ھجڻ جي حيثيت سان نہ صرف علم ورھائیو، پر پنھنجي شاگردن جي ھر ممڪن مدد پڻ ڪئي. ڪافي اسڪولن جو باني پڻ ھو. جتي ھن اعليٰ اختيارين کي خط لکي ڪري، اسڪول جي گُھر ڪري تعليم جا بندوبست ڪيا. تعليم جي فروغ لاءِ سندس ورتل ڪوششون اڄ بہ ھر ڪنھن کي ياد آھن. مالماڙيءَ ۾ جنھن دؤر مِ جانباز انگريزي سکيو، ان زماني ۾ اتي انگريزي ڄاڻندڙ ڪي ھڪ يا ٻہ شخص ئي ھوندا. جانباز انگريزي ٻوليءَ کي عام ڪيو.  توڙي جو ان زماني ۾ نصاب ۾ انگريزي ڪلاس پنجين تائین ڪونہ ھئي، پر ان باوجود ننڍڙن ٻارن کي انگريزي بہ سيکاريندو ھو. مالماڙي ۾ مڊل اسڪول جي باني ۽ سندس ماما محمد الياس ھمغم جوکيو جانباز جي علمي قابليت کي ڏسي، کيس گورنمنٽ بوائز مڊل اسڪول مالماڙي ۾ ڊيپوٽيشن تي بدلي ڪرايو، جتي جانباز انگريزي تعليم جو استاد مقرر ٿيو.

جانباز جي علمي حلقي ۾ سڃاڻپ ھڪ وسيع النظر شاعر ۽ ليکڪ طور ٿي. صاحبِ ديوان شاعر جانباز پنھنجي ديس جي ماروئڙن جي دانھن ۽ ڪُوڪَن کي اعليٰ ايوانن تائین نہ صرف پنھنجن شعرن پر درخواستن، مڪالمن، بحث مباحثن ۽ ملاقاتن ذريعي به پھچايو. جڏھن جانباز لکندو ھو تہ آفيسر سندس مطالبو مڃڻ تي مجبور ٿي پوندا ھئا، ڇوتہ جانباز جا مطالبا ذاتي ھرگز نہ پر نج عوامي مفاد ۾ ئي ھوندا ھئا، جن جو محور تعليم، بنيادي سھولتون، علم و ادب جي ڪارڻ مختلف معاملا يا وري سنڌي نصاب جي بھتري ھئا. سنڌي درسي ڪتابن م۾ اڄ جي مقابلي مِ تڏھن غلطيون بنھ گھٽ ھونديون ھيون، پر وري بہ جانباز جي فن کان ڪا بہ ڪوتاھي لڪي نہ سگھندي ھئي. اھو ئي سبب آھي جو سندس لکيل ھڪ ڪتاب کي نصابي ڪتاب جي حيثيت پڻ ملي، جيڪو ڪافي سالن تائین ٺٽي ضلعي جي ٻارن کي درسي ڪتاب طور پڙھايو ويو، جنھن جي گواھي مالماڙي جي مشھور شخصيت سکئي خان جوکيي بہ جانباز جي فرزند پروفيسر حاڪم دين جوکيو کي ڏني آھي.

ان زماني ۾ ڪوھستان مالماڙي، شعر و شاعري جو مرڪز ھو، تہ انھن شاعرن وچ ۾ جانباز "ديوان” لکي ڪري جيڪو اضافو ڪيو، ان جو مثال ھتي نہ ٿو ملي. سندس ٻين ڪتابن جھڙوڪ "ويا سي وينجھار” ۽ "آڇيندي لڄ مران” پڻ سندس قدآور شخصيت جي عڪاسي ڪن ٿا تہ ھي واحد اھو اديب ھو، جنھن ڪھڙي نہ خوش اسلوبيءَ سان قلم ءِ ڪاغذ سان نڀائیو آھي.

جانباز پنھنجي تحقيق ذريعي ڪوھستان جي اديبن، عالمن ۽ املھ انسانن جو ذڪر ڪري، کين تاريخ مِ ھميشہ لاءِ امر ڪري محفوظ ڪيو. جانباز جي ڇپيل مقالن جو مخصوص تعداد ناھي پر اڻ ڳڻين رسالن، مخزنن، جريدن، روزاني اخبارن، ميگزينن ۽ تحقيقي جرنلن ۾ سندس مقالا ملن ٿا، جيڪي آھستہ آھستہ مختلف ذريعن کان ملن پيا.

سنڌ جو عاشق جانباز پنھنجي دور جي ھڪ مثالي شخصيت ھو. سندس واسطو جتي شاعرن اديبن سان ھو اتي وڏن وڏن سياستدانن سان پڻ سندس رسمي ۽ غير رسمي خط و ڪتابت ھلندي رھندي ھئي.

سندس همعصر شاعرن ۽ اديبن ۾ احسن جوکيو، عبدالحق عابد سروري، محمد الياس همغم جوکيو، محمد هاشم لهر ڪيٽوي، بشير احمد جوکيو، مومن مليرائي ۽ سرويچ سجاولي وغيرہ شامل آھن. جانباز جن فلسفن کي پڙھيو، انھن ۾ سوشلزم اھم نظر اچي ٿو. سنڌ جي مشھور شخصيت سڄڻ سائين ۽ تصوف سان بہ سندس لڳاءُ ٿو ڏسجي.

سنڌ جو اديب ڊاڪٽر جان محمد جانباز جوکيو 3 جولائي 2003ع جي ڏينھن ظاھري طور، ھي جھان ڇڏي وڃي، مالڪ سان مليو پر سندس باطني وجود اڄ بہ سوين نوجوانن لاء اتساھ جو سبب بڻجي رھيو آھي.

نموني طور جانباز جي شاعريءَ جي تخليق مان ھڪ غزل ۽ نظم ھيٺ ڏجي ٿو:

غزل

خوب اکيون خوب نڪڙو خوب ڪاڪل تو سندا،
خوب ڪپڙا نرم و نازڪ ٻئي ڳٽا ڳل تو سندا.

حسن تنهنجي جو زرو آ چنڊ کان وڌ دلفريب،
جن ڏٺو سي مست ٿي پيا ناز نرمل تو سندا.

خوب مٿڙو تنهنجو ويٺل خوب گندي ريشمي،
خوب چوٽي خوب جهومڪ ٺيڪ تلمل تو سندا.

خوب ڦلڙيون خوب مينڍا خوب ڏاوڻ قيمتي،
خوب تنهنجا زلف زنگي خوب بڪل تو سندا.

خوب چپڙا ڏند موتي گفتگو ۽ ٽھڪڙا،
شڪر آھي مون ڏٺا سڀ عشق ڀلڀل تو سندا.

عشق و الفت جو سبق پڙھجي ته پڙھجي تو ڪَنا،
تنهنجي عاشق وٽ رهن ٿا پور پلپل تو سندا.

خوب تنهنجون انگڙايون خوب تنهنجا دست و پا،
خوب وڻندڙ عضوا آھن پاڪ مومل تو سندا.

مون ڏٺيون خاميون ٻين جي حسن ۾ اڪثر مگر،
حسن تنهنجي ۾ ڏٺا مون انگ ڪامل تو سندا.

دربدر آھن پريشان حال آھن تو سواء،
تنهنجي در تي مون ڏٺا عشاق سائل تو سندا.

رات ڏينهن تو سان ملڻ جي دل رکي ٿو جانباز،
وقت مُرڪڻ جا اچن ٿا ياد يارل تو سندا.

نظم

يار جاني شام ويندي، مرڪ سان ايندي صبح،
راڄ ڌاني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

هيءَ خزان ويندي، بهار ايندي، ڀسم ٿي رهندي سڀ،
بدگماني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

منهنجي آ توکي دعا، قائم رهي دائم سندءِ،
شل جواني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

پاڪ تن محبوب تنهنجي، محب لاءِ گهر رب کان،
مهرباني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

سونهن ۾ سينگهار ۾، سرهاڻ ۾ سهڻا سندءِ،
مٽ نه ثاني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

جان سهڻا مونکي تنهنجي ٿي وڻي ناز و ادا،
ضوفشاني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

شڪريو، احسان ٿورا، ياد رهندي تو سندي،
ميزباني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

لاطمع ۽ پاڪ الفت آ گهڻي جانباز ۾،
غير فاني، شام ويندي مرڪ سان ايندي صبح.

حوالا:
ھن مضمون لکڻ وقت جان محمد جانباز جي فرزند پروفيسر حاڪم دين جوکيو جي مضمون تان مدد ورتي وئي، جيڪو پاڻ 17 اگسٽ 2020ع تي سماجي رابطن جي ويبسائيٽ فيسبڪ تي ونڊ ڪري ڇپيائين.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Check Also
Close
Back to top button
Close
Close