- جهڪر شهر جي آثارن جي جوڙجڪ:
پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر کان پوءِ چوٿين وڏي شهر لاڙڪاڻي جي اولھ پاسي ويندڙ اهم شاهراھ انڊس هاءِ وي سان گڏ کاٻي طرف تقريبن 9 ڪلو ميٽر پري انساني تهذيب جو هي اهم باب، جنهن کي اسان سنڌي زبان ۾ جهڪر جو دڙو يا جهوڪر جا دڙا چوندا آهيون، ڪجهہ ڪچن دڙن جي صورت ۾ سم ڪلر ۽ جهنگلي گاهن جو ڪفن پائي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جو ڌيان ڪجهہ گهڙين جي لاءِ پنهنجي طرف ڇڪائيندو رهي ٿو، ڄڻ چئي رهيو هجي ته ”مان توهان جو قيمتي ورثو آهيان، منهنجي حفاظت ڪيو!“
هي ٻہ اهم دڙا آهن، ان لاءِ ڀرپاسي جي آبادين ۾ ان جا ٻہ ئي نالا مروج آهن، جيئن ته وڏي دڙي کي “جهوڪر يا جهڪر جو دڙو“ ۽ ننڍي کي ”ولهي جو دڙو“ چيو ويندو آهي، انهن دڙن جي اولھ ۾ مٺو ديرو نالي هڪ ڳوٺ موجود آهي، ڏکڻ اولھ ۾ مشهور بزرگ حضرت يوسف شاھ جيلاني جي مزار، اوڀر ۾ لاڙڪاڻي وڃڻ وارو رستو، جڏهن ته اتر ۾ ميلن تائين سرسبز ٻنين ۾ ساوڪ جي چادر وڇيل آهي.
- جهڪر شهر جي قدامت:
انهن دڙن جي کوٽائي مان هٿ ايندڙ شين مان معلوم ٿئي ٿو ته هن شهر جي قدامت عيسوي سن کان به ڪجهہ سال پراڻي آهي، A dictionary of Archaeology جي مصنف داروڪ ويڊي ۽ ڊيوڊ ٽرمپ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”جهڪر جو دڙو پٿر جي آخري زماني جي نشاني آهي.“ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب تباھ ٿيڻ بعد سنڌ جي ڪجهہ حصن ۾ نون شهرن جنم ورتو، جنهن جو بهترين مثال "چانهون جا دڙا” آهن. جڏهن ته ڪجهہ ماهرن پختو اندازو لڳايو آهي ته هي آبادي يقينن هڙپا دور ۾ به موجود هوندي.
- جهوڪر جا مختلف نالا:
انهن آثارن کي "جهڪر جو دڙو” يا "جهوڪر جو دڙو” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، پر ان شهر يا آثارن تي هي نالو ڪهڙي نسبت سان پيو، اهو اڃان تائين اسرار بڻيل آهي. ان متعلق جيڪا به روايت اسان کي تاريخي ڪتابن ۾ ملي ٿي ان کي اسان جي سنجيده تاريخدانن جي تائيد حاصل آهي.
اسان جي لائبريرين ۾ موجود مستند ترين ڪتابن جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته دڙي جو نالو جهوڪر ان لاءِ پيو، ڇو ته برسات ٿيڻ سان هي ڪچو دڙو ڪنهن حد تائين زمين ۾ گهڙي وڃي ٿو، يعني پنهنجي اوچائي گهٽ ڪري ٿورو جهڪي وڃي ٿو، ان لاءِ ان جو نالو جهڪر، جڪڙ يا جهوڪر، يعني جهڪڻ وارو دڙو پئجي ويو، لڳي ٿو ته جن محققن هي راءِ ڏني آهي انهن سچي تحقيق جي مشڪل ڪم کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هي ڳالھ جوڙي آهي، نه ته سچائي جي بنياد تي ان نالي جي حقيقت هي نه هئڻ گهرجي، ڇو ته برسات ٿيڻ کان پوءِ نه صرف سنڌ بلڪ سڄي دنيا ۾ موجود قديم آثارن جون اوچايون اهڙي طرح گهٽ ٿي وڃن ٿيون جو انهن جي مٿانهين وارو ڪچو تهہ برسات جي پاڻي سان آلي مٽي ٿي وهي وڃي ٿو، ته ڇا ان زميني حقيقت کي سامهون رکندي اسان هر دڙي کي جهڪڻ وارا دڙا چوڻ شروع ڪري ڏيون؟ پوءِ ته آڊهاٽ، ڌامراھ، رتوديرو، خيرپورجوسو، مهين جو دڙو وغيره جي دڙن کي به اهو ئي نالو ڏنو وڃي!؟ حقيقت ۾ هي تشريح عقلمندي واري ڪونه مڃي ويندي.
ڪجهہ ڪتابن ۾ هي روايت به ملي ٿي ته ”ان شهر تي جهڪر نالي هڪ راجا جي حڪومت هوندي هئي، اهڙي نسبت سان هي آبادي ڪنهن دور ۾ جهڪر جو شهر سڏبي هئي ۽ جهڪر لفظ وقت سان گڏ بگڙجندو جهوڪر بڻجي ويو، ان لاءِ شهر ۾ ويرانيون آباد ٿيڻ کان پوءِ به ان تباه ٿيل کنڊرات کي جهوڪر جو دڙو چيو وڃي ٿو.“
ان نالي متعلق هڪ ڪهاڻي هيئن به پڙهڻ لاءِ ملندي رهي ٿي، ته هي دڙي وارو شهر راجا دلوراء جي دورِ حڪومت سان تعلق رکي ٿو، جڏهن ته ان دور ۾ هي علائقو پرامن هيو، ان ڪري راجا پنهنجا خزانا محفوظ ڪرڻ يا دفنائڻ لاءِ هي شهر آباد ڪرايو ۽ ان جو نالو جهڪر رکيو. ڪجهه مطالعا اسان کي هي ڳالھ به سمجهائيندي نظر اچن ٿا ته جهڪر واديءِ سنڌ ۾ رهڻ واري هڪ قوم هئي، جنهن جي نسبت سان ان شهر تي جهڪر جو نالو پيو جيڪو صدين کان اڄ تائين موجود آهي.
جهڪر نالي جي انهن ٽنهي ڪهاڻين ۾ به محقق مون کي سچي تجزيه نگاري کان ڪم وٺندي نظر نه ٿا اچن، ڇو ته سڀني مستند سڏائيندڙ تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ تي حڪومت ڪرڻ وارن سڀني گهراڻن ۽ ننڍن وڏن حڪمرانن جي نالن بابت ڪيترن ئي ڏينهن تائين وڏي محنت سان کوجنا ڪئي پر انهن ۾ ڪٿي به جهڪر نالي راجا جو ڪوئي به ذڪر نه ٿو ملي، ها البته هڪ ٻن قومن جي نالن جي ٿورڙي مشابهت جهڪر سان ملي ٿي، جيئن ته جکڙ، کجڙ پر سنڌ جي قديم يا جديد تاريخ ۾ حڪمراني جي حوالي سان انهن قومن يا ذاتين جو ڪوئي ذڪر نه ٿو ملي، تنهنڪري هن دڙي کي انهن سان به نسبت نٿي ڏئي سگهجي.
هي ڳالھ به عقل تسليم نه ٿو ڪري ته دلوراء پنهنجو خزانو دفنائڻ لاءِ هي شهر آباد ڪيو هوندو، ڇو ته
هڪ ته: جهوڪر جي قدامت دلوراء کان هزارين سال پراڻي آهي
ٻيو هي ته: دلوراء جو پنهنجو دارالخلافه يا گاديءَ وارو هنڌ هڪ شاندار شهر هو، ان کي ڪهڙي پئي هئي ته هو صرف پنهنجا خزانا دفن ڪرڻ لاءِ هي شهر آباد ڪري؟ ڇو ته سنڌ جي ڪنهن به مقامي لغت ۾ دفيني يا لڪل خزاني بابت ڪوئي به لفظ ”جهڪر“ سان نسبت يا واسطو نه ٿو رکي.
سڀ کان وڌيڪ حيرت مونکي انهن محققن تي ٿيندي آهي جن لکي ڇڏيو ته ”ان شهر جهوڪر کي ميسو پوٽيما (موجوده عراق) جي قديم ترين شهر ”ار“ کان هجرت ڪري ايندڙ ماڻهن آباد ڪيو هو، مثال طور تي اسان جي مشهور محقق آزاد قاضي صاحب پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو قديم ورثو“ صفحي 202 تي لکيو آهي ته ” سنڌ ۾ جيڪا قوم ٻاهر کان آئي انهن پنهنجن نالن سان هتي شهر آباد ڪرايا جيئن ته ار سي آءِ قوم جي نالي سان ڪيترائي شهر آباد آهن، يعني ڪشمور، اروڙ، ڀنڀور وغيره، ڏٺو وڃي ته جهڪر به ان ۾ شامل آهي.“
ان ڳالھ کان ڪوئي انڪار ناهي ته سنڌ ۾ آباديون قبل از تاريخ کان وٺي هزارين سالن تائين آباد ٿينديون رهيون، پر ”ار“ ماڻهن جي هتي آباد ٿيڻ واري ڳالھ تاريخي ۽ هجرتي بنيادن تي درست تسليم ڪري نه ٿي سگهجي، ڇو ته ان دور ۾ جن سببن ۽ مقصدن جي تحت آباديون پنهنجي علائقن کان هجرت ڪنديون هيون، ان مان هڪ به مثال يا سبب تاريخ جي ورقن ۾ اهڙو نٿو ملي ته ”ڪنهن گروھ محض هجرت جي شوق ۾ ايترو ڊگهو فاصلو طئه ڪيو هجي“ ها، جيڪڏهن هي ڳالھ ڪئي وڃي ته ”ڪوئي شخص يا خاندان هجرت ڪري سنڌ جي ڪنهن آباد شهر ۾ اچي آباد ٿي ويو ته مون کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪائي هٻڪ نه ٿيندي.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته انساني تهذيب جي بيشمار ماهرن ڪيترن ئي حوالن کان سميري تهذيب جي جنم ڀومي سنڌ کي ئي ڄاڻايو آهي. فرئنڪفرٽ جو چوڻ آهي ته ”ميسو پوٽيما“ جا قديم باشندا ايران جي مٿانهين واري ميداني علائقن کان آيا جنهن جي تهذيب سنڌ تائين پکڙيل هئي. ايران جي مٿانهين وارا ميدان سنڌو ماٿريءَ جا ئي هئا ۽ ايران جي مٿائين وارن پٽن ۾ سڀ کان قديم تهذيب به سنڌ ۾ ئي ملي ٿي. اهڙي طرح سميرين تهذيب جو هڪ ماهر مسٽر هال پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”سميري ماڻهن جي مشابهت ڀارت جي دراوڙن سان ملي ٿي، ان لاءِ سميري دراصل ڀارت واسي آهن، جيڪي خشڪي يا سمنڊي رستي پرشيا (ايران) کان ٿيندا آيا، ٻه جاڙيون نديون دجله ۽ فرات هنن وادين ۾ پهتيون، جن جو اصل علائقو اکنڊ ڀارت ۾ شايد سنڌ جو موجوده خطو ئي هو جتان کان هو ايشيا مائينر پهتا هئا.“
جهوڪر جي نالي متعلق مرحوم ايم ايڇ پنهور کان به پڇيو هو، جيڪو مهين جو دڙو تي هڪ سيمينار جي سلسلي ۾ آيل هو. هن مونکي پيرس ان هوٽل کان فون ڪيو هو جتي هو پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ ترسيل هو، هن به جهوڪر جي متعلق منهنجن خيالن جي حمايت ڪئي هئي.
جهڪر شهر جي نالي بابت سڀ اندازا بي معنيٰ آهن، مون به پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي آهي پر ڪا به اهڙي ٺوس حقيقت سامهون نه اچي سگهي جنهن کي بنياد بڻائي ڪائي حتمي ڳالھ ڪري سگهان. ان لاءِ پنهنجي ڪم علمي جو اعتراف ڪندي هي فرض اهلِ علم ۽ دانشمند دوستن جي سپرد ڪيان ٿو.
- جهوڪر جي دڙي جي کوٽائي:
صدين کان جهڪر شهر جا هي آثار مٽي جو لباس پهريل انهي جڳهہ آرام پذير آهن پر ڪنهن ڪڏهن به ان تي ڪائي توجهه نه ڏني هئي. برطانوي دورِ حڪومت ۾ جڏهن 1911ع ۾ مهين جو دڙو جو تهذيبي ورثو منظرعام تي آيو، ته دنيا جي قديم تاريخن ۾ مهذب ترين تمدن جي سَنَد سنڌ کي حاصل ٿي جنهن هڪ هلچل مچائي ڇڏي.
- دڙن جي قسمت جاڳي پئي:
راڪل داس بينرجي، جيڪو قديمي آثارن جو هڪ ناميارو ماهر هيو، هن 1918ع ۾ پهريون ڀيرو جهوڪر جي ان دڙي بابت تفصيلي کوجنا ۽ تفتيش ڪئي هئي. کيس هتان تمام گهڻيون اهڙيون شيون هٿ آيون، جن جو تعلق ماضي جي مختلف دورن سان جوڙي سگهجي ٿو. ان لاءِ بينرجي برطانوي سرڪار کي پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته: ”هي آثار تهذيبِ انساني جي هڪ اهم شهر جي شاندار دريافت ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ انهن کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي محفوظ ڪيو وڃي“. 3 سالن تائين ان جي رپورٽ نظر انداز ٿيندي رهي، پر جڏهن 1921ع ۾ مهين جو دڙو جي کوٽائي جو ڪم وڏي زور شور سان شروع ٿيو ته هتي به قديمي آثار جي ماهرن ۽ سرڪاري ڪارندن جي اچ وڃ شروع ٿي، جڏهن هنن ڏٺو ته مهين جي دڙي تي پهچڻ کان ڪلاڪ پهريان ئي رستي تي هڪ گمنام دڙو پنهنجي طرف ڇڪي ٿو ته بينرجي جي رپورٽ کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو. انهي سال (1921ع) جهڪر جو دڙو سرڪاري حفاظت ۾ آيو ۽ ان کي قومي ورثو قرار ڏنو ويو. انگريزن جي لاءِ وڌيڪ دلچسپي جو باعث مهين جو دڙو جو وسيع شهر هو، سندن سڄو ڌيان ان جي ئي کوٽائي طرف هيو.
پر ڪجهہ سالن کان پوءِ 2 جنوري 1928ع ۾ آرڪيالوجي سروي آف انڊيا پنهنجي هڪ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ اين. جي مجمدار کي جهڪر جي دڙي جي کوٽائي جو سنيهو ڏنو. سنڌ ۾ قديمي آثار جي حوالي کان محنتي بنيادن تي جيتري کوٽائي مجمدار صاحب ڪئي، ايتري اڄ تائين ڪنهن شخص ناهي ڪئي. هن صاحب وڏي دل ڄمائي جهڪر تي هڪ رپورٽ مرتب ڪئي، جنهن ۾ شهر جي اوچائي کان علاوه هتان نڪرندڙ شين جي باري ۾ وڏي عرق ريزي سان کوجنا وارو ڪم ڪيو.
اين جي مجمدار 1935ع ۾ به هتي کوٽائي ڪرائي هئي. جنهن ۾ آساني جي لاءِ انهن کنڊرن کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، يعنيٰ دڙو A ۽ دڙو B. اي دڙو ريل جي دٻي جي طرح ڊگهو ۽ سطح زمين کان 17 فٽ بلند هو، جنهن جو هڪ سرو مٺو ديرو ڳوٺ کان شروع ٿي اوڀر ۾ واپڊا جي هاءِ ٽينشن لائين طرف هليو وڃي ٿو. ان دڙي ۾ رهائشي اعتبار کان 3 مختلف حصا ملن ٿا جن مان پهريون حصو پهلوي، ساساني، هن، برهمن ۽ ار دور جو آهي. ٻيو يعني وچيون حصو جيڪو دراصل Chalco-lithic دور سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ عمارتن ۾ استعمال ٿيڻ واريون پڪيون سرون جيڪي مهين جو دڙو جي تعميرات ۾ به استعمال ڪيون ويون آهن، اتي استعمال ٿيل آهن. جڏهن ته ان شهر جو ٽيون حصو مهين جو دڙو جي ثقافت جي نمائندگي ڪندي نظر اچي ٿو، ڇو ته ان حصي کان مهين جو دڙو جي نمائندگي ڪرڻ واريون بي شمار شيون هٿ آيون آهن.
ان دڙي کان 300 فٽ جي مفاصلي تي ڏکڻ ۾ 63 فٽ ڊگهو B دڙو واقع آهي، جيڪو ساخت جي لحاظ کان چورس آهي. جنهن جي وچ ۾ چئني طرف کان کليل هڪ ويڪري لاهين آهي، جنهن بابت عام خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هي ڪائي قلعه گاه هئي. يا وري شهر ۾ چئني طرفن کان داخل ٿيڻ جا رستا هجن جن جي سطح وقت سان گڏ لاهينءَ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي. B دڙي جي لاءِ ائين به چيو وڃي ٿو ته ان جي تعمير بيضوي آهي، جنهن جي چوطرف مٽي جا ڊگها دڙا ڪنهن وڏي حفاظتي قلعي جي نشاندهي ڪن ٿا. انهي ۾ اندر هڪ چوڪنڊي عمارت جا نشان به موجود آهن. جنهن جي باري ۾ بينرجي جو خيال هو ته ”هي ڪنهن پراڻي اسٽوپا جي عمارت به ٿي سگهي ٿي“.
مجمدار ان دڙي تي هڪ جڳھہ اهڙي طرح کوٽائي ڪرائي هئي ته اسٽوپا جي ويجهو هڪ 10 باءِ 15 فٽ جو اونهو کوھ کوٽايو. جڏهن ته 12 باءِ 145 فٽ جو ٻيو کوھ دڙي جي دامن ۾ کوٽايو هو. ٻئي کوھ جي کوٽائي سان دڙي جا ٽي مختلف تهه سامهون آيا. پهرين يعني مٿي واري تهه ۾ ڪچين پڪين سرن جي ملي جلي تعميرات موجود آهي. هتان ڪجهہ سڪا ۽ پڪي مٽي جون مهرون به مليون آهن. وڏي دڙي جي مٿان هڪ ويڪرو ٺل بيٺل نظر اچي ٿو جيڪو يقينن ڪنهن دور ۾ ڪا وڏي عمارت رهي هوندي. بقول ڪجهہ محققن جي ”ٿي سگهي ٿو ته هي عمارت هتان جي ڪنهن راجا جو محل هجي“
ان وسيع شهر جي کوٽائي کان پوءِ هڪ وڏي دروازي جا ٺلهه به نظر اچن ٿا. ان کان علاوه شهر جي چوطرف هڪ ڊگهي ديوار جا آثار به مليا آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شهر کي ٻاهرين حملا آورن جي حملي کان بچائڻ لاءِ هي قلعه بندي جوڙائي وئي هوندي.
1974ع ۾ قديمي آثار واري کاتي انهن آثارن جي هڪ ڀيرو ٻيهر کوٽائي ڪرائي، جنهن مان تمام گهڻيون اهڙيون شيون به هٿ آيون، جيڪي ثابت ڪن ٿيون ته ”هي شهر مهين جو دڙو جو همعصر آهي.“
- جهڪر جي دڙي جي کوٽائي مان ملڻ واريون شيون:
جهڪر مان هٿ اچڻ وارين شين مان سنڌي، بلوچي ۽ وچ اوڀر جي تهذيبن جي جهلڪ ملي ٿي، جڏهن ته انهن شين ۾ اوائلي تهذيب جون نشانيون مهرون، ٽامي جون ٽانچڻيون، ڪهاڙي جا ڦر ۽ ٻيو سامان هٿ آيو آهي. بينرجي کي به هتان مختلف قسم جون قديم شيون هٿ آيون هيون، جڏهن ته بعد ۾ مجمدار کي به بيشمار شيون مليون.
انهي دڙي جي مٿيون تهه پهلوي ساساني، برهمن ۽ اربع واري دور جو ٿي سگهي ٿو. هتان ملندڙ شين ۾ بيشمار سڪن تي عجيب و غريب ديو مالائي شڪليون اڪريل آهن، جن جي چوطرف امر روشني جون لاٽون نڪرندي نظر اچن ٿيون.
مخصوص قسم جي ڳاڙهي مٽي مان ٺهيل ڪجهه مهرن تي ”شري کي پري هرسايا“ جا لفظ اڪريل آهن، جنهن جو مطلب هندستان ۾ ڳالهائجندڙ زبانن جي ماهرن متفقه راءِ سان ”سيوا کوپڙيون پائيندڙ“ ڪڍيو هو. جڏهن ته ڪجهہ اسڪالرن ان جي معنيٰ ” کوپڙين وارو جنگجو“ به ٻڌائي آهي. هندو مذهب ۾ هي لقب شو مهاراج جو ٻڌايو وڃي ٿو. ان مان هي ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته هنن مهرن ٺاهيندڙن جو تعلق هندن جي خاص فرقي ”شو پنٿين“ سان هو ڇو ته اهي ئي ماڻهو ”شو ديوتا“ جي پوڄا ڪندا هئا. ڪجهہ ماهرن جو خيال آهي ته ”شري جو پري هرسيا“ جا لفظ لکڻ وارا هتان جا ماڻهو مهراگل جا پوڄاري هئا، ڇو ته اهڙي قسم جا سڪا ايراني تاريخ ۾ چوٿين ۽ پنجين صدي ۾ انهي سان ئي منسوب ملن ٿا.
هتان ملندڙ سڪن ۾ ڪجهہ ٿلھا ۽ گول آهن، جيڪي قنڌار ۽ پشاور جي راجا واسديو (واسوديو) يا ان جي جانشينن جي دورِ حڪومت سان تعلق رکن ٿا. انهن سڪن تي اڪريل شخصيت شاهي لباس پهريل وڏي طمطراق سان بيٺل آهي. راجا واسديو جو تعلق ڪشن گهراڻي سان هو. هي گهراڻو دراصل چيني قوم جو حصو هئو، جيڪو اندازن 170 قبل مسيح جي دوران هندستان هجرت ڪري آيو ۽ سڀ کان پهريان باختر فتح ڪيو. ان کان پوءِ قابل درياء جي وادي ۽ بعد ۾ گنڌارا پهتو ۽ ان کي پنهنجي رهڻ لاءِ موزون سمجهندي اتي آباد ٿيو. مگر هن ٽيڪسلا بدران پشاور کي پنهنجو دارلخلافه بڻايو هو. ڪشن گهراڻي جي حڪومت گنڌارا ۽ سنڌو ماٿري جي آبادين تي تقريبن 2 سئو سالن تائين قائم رهي. راجا ڪنشڪ (100ع) جو تعلق به انهي خاندان سان هو.
جهڪر جي مٿي واري تهه وٽان چئن مختلف قسمن جا ٿانو مليا آهن، جن مان هڪ گهري ڪاري رنگ ۽ لال رنگ جا آهن. ٻيا اهي جن تي روغندار مصالحي جي تهه چڙهيل آهي. ٽئين قسم جي ٿانون تي خوبصورت چٽساليءَ جو ڪم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چوٿين قسم جي ٿانون تي اڀريل تصويرون ٺهيل آهن. هتان کان ڪجهہ ساساني دور جا شراب پيئڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ جام ۽ صراحيون به مليون آهن ۽ هڪ اهڙي تصويري مهر بہ ملي آهي، جهن تي پهلوي زبان جا ڪجهہ لفظ اڪريل آهن. انهن شين مان ثابت ٿئي ٿو ته جهوڪر جي ماڻهن جا خليج فارس جي قوم سان به تجارتي تعلقات هئا.
هتان پنجين صدي عيسوي جا سڪا به مليا آهن. ڪجهہ مهرن يا ٿانون وغيره تي اربع ۽ برهمن دور جي نمائنده نشانين جهڙوڪ ڪنول جو گل، وڻن جون شاخون، جاميٽري جون شڪليون، سواستيڪا، ٽڪنڊا ۽ دائرا به لکيل مليا آهن. هتان ملندڙ هڪ پيالي تي عورت جي تصوير به ٺهيل آهي، جنهن کي موسيقي جو هڪ اوزار به پڪڙيل آهي. وڻ جي پتن جهڙي شڪل وارو تامي جو ٺهيل ڀالو به مليو آهي. ان قسم جا ڀالا مهين جو دڙو جي کوٽائي مان به مليا آهن. ان کان علاوه ڪجهہ اهڙا سڪا به هتان کان مليا آهن جن تي گپت دور حڪومت جي باقيات جهڙي تحرير آهي، جيڪا شايد پنجين صدي عيسوي واري دور کان گهڻي قديم نٿي مڃي سگهجي.
جهڪر جي دڙي تي سرڪار طرفان مقرر چوڪيدار (الاهي بخش) کي ٽامي جو ٺهيل تقريبن هڪ فٽ ڊگهو خوبصورت گلدان مليو هو، جيڪو پنهنجي اصلي صورت ۾ سبزي مائل زنگال ورتل هو. ڪجهہ مهينن کان پوءِ اهو ئي گلدان مهين جو دڙو جي ليبارٽري ۾ رستم ڀٽو (اسسٽنٽ ڪيمسٽ) وٽ تڏهن ڏٺو هو جڏهن هو ڪافي صاف ٿي چڪو هو، ان جي چوطرف گوتم اربع جون ڪيتريون ئي تصويرون ظاهر ٿي چڪيون هيون. ان گلدان جي هنري بناوٽ بلاشبه حيرت انگيز هئي. هتان هڪ مرد جو مجسمو به مليو آهي جيڪو سيني کان مٿي جي جسم تائين ٺهليل آهي. ان قسم جي مجسمن جون ڪجهہ نشانيون، جيئن ته پيشاني تي ڪونا بڻيل شمله، سيني تي پٺن جو مخصوص موڙ، کاٻي طرف منهن ڪري ڏيکاري وئي آهي، ڇاتي ويڪري ۽ ڏاڙهي سان، صاف چهرو هن قوم جي ماڻهن جي عڪاسي ڪري ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان قوم پنجين صدي عيسوي ۾ سنڌ تي حملو ڪيو هو.
جهڪر مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون تي اڪريل مختلف شڪلين جي جائزي وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پنجين صدي عيسوي جي اڌ دوران اتر اولهه هندستان ۾ ايراني اثر و رسوخ رهيو آهي. هتان ساساني بادشاهن جي سون جا ٺهيل سڪا به دريافت ٿيا آهن. اهڙي طرز جا سڪا ڪنهن ٻئي جڳهه تان ناهن مليا. ان تي جيڪا بادشاهي شبيهه ڍلائي وسيلي ٺاهي وئي آهي، ان جي پٽڪي يا دستار تي چنڊ ۽ ستارا اڪريل آهن. ان قسم جا خاڪا ۽ ترڪيبون ايراني حڪمران يزد گرد (پهريون) جي سڪن تي ملن ٿيون. جنهن سن 397ع کان 417ع تائين ايران تي بادشاهي ڪئي هئي. هتي ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ته هي سڪا خاص طرح سنڌ ۾ هلائڻ جي لاءِ شاهي ضربخاني طرفان ٺاهيا ويا هئا.
جھڪر جي دڙي تي قديمي آثارن واري کاتي پاران هڪ سائيٽ اٽينڊنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، پر هڪڙو چوڪيدار اڻ پڙهيل ماڻهو 137 ايڪڙ تي ڦهليل ان دڙي جي ڪيئن حفاظت ڪري سگهندو. اڪثر هتي گهمڻ وارن يا چوڪيدارن کي ٽٽل ٿانو، گونگا، مڻڪا، هڏين جا ٽڪر، ٽامي جا اوزار، پٿر جا چاڪو، لباس جا بٽڻ، گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانو، ٽامي جا سڪا، منقش مهرون وغيره ملنديون رهن ٿيون.
مان پاڻ به هر مهيني هڪ ٻہ دفعا ۽ خاص طور تي برسات کان پوءِ جهڪر جو هڪ ٻه چڪر ضرور لڳائيندو آهيان، ڇو ته ناياب شيون گڏ ڪرڻ جو شوق رکندڙ طور مون کي هر مهيني يا هر دفعي اتان ڪيتريون ئي شيون هٿ اينديون آهن، جن ۾ اڪثر خوبصورت نقش و نگار وارا مڻڪا، پتل جا بٽڻ، پٿر جا بليڊز وغيره شامل هوندا آهن، ٽٽل ٺڪرن جو ته شمار ئي نه آهي. هڪ دفعو مون کي هتان اٽو پيهڻ وارو پٿر جو جنڊ ۽ ٽامي جي ٺهيل جانورن جي ڳچي ۾ ٻڌڻ واري گهنٽي به هٿ آئي هئي. ان کان علاوه چيڪي مٽي جا ٺهيل مختلف سائيز جا بال جيڪي ڪرڪيٽ يا هاڪي جي بال کان ويندي والي بال جي سائيز جيترا وڏا بال وڏي تعداد ۾ ملندا رهندا آهن، جن جو وزن 10 کان 20 ڪلو تائين هوندو آهي. ننڍا بال ته يقينن کيڏڻ جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هوندا مگر وڏا بال ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن توب ۾ گولي جي طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هجن.
ان دڙي تي برطانوي دورِ حڪومت ۾ جيڪو ڪم ٿيو سو ٿيو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڪنهن لاڳاپيل اداري هتي کوٽائي ته ٺهيو پر ڪو سيمينار ڪرائڻ به ضروري ناهي سمجهيو. البته جناب ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ ڪجهہ کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو هو، ان کان علاوه ڀٽو صاحب جهڪر جي دڙن جي بلڪل سامهون هڪ ايئرپورٽ ٺهرائڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي.
جهڪر جي آثارن جي موجوده صورتحال انتهائي مخدوش آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تاريخ جو هي باب هر روز ڪٿان نه ڪٿان ٽٽندو، اکڙندو ۽ اجڙندو نظر اچي ٿو پر ان جي قيمتي حيثيت کان ناواقف ان جي وارثن کي ان تباهيءَ جو ڪو احساس ئي ناهي.
دڙي جي ڏکڻ ۾ پکڙيل زرعي زمين جي مالڪن جهوڪر جي ننڍن وڏي دڙن کي ڪٽي ڪٽي پنهنجي زمينن جو حصو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي ته هي زمينون وڏي دڙي جي دامن تائين پهچي ويون آهن. ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ ڪجهہ سالن ۾ هي دڙا به مهر گڙھ ۽ خيرپور جوسو جي دڙن جيان ناپيد ٿي وڃن. جهڪر جي اهم دڙن جي دامن ۾ پوکجندڙ چانورن جي فصل انهن آثارن کي سخت متاثر ڪيو آهي، ڇو ته ان ۾ 12 مهينا پاڻي بيٺل رهي ٿو جيڪو آثارن کي اندر ئي اندر تباھ ڪندو رهي ٿو.
ان دڙي جي چئني طرفن ۾ ڀر پاسي ڳوٺ آباد آهن، اڪثر (خاص طور تي صبح جي وقت) مقامي ڳوٺاڻا جهڪر جي انهي دڙن ۾ لوٽو کڻي هتي هتي ويٺل نظر ايندا آهن. دڙي تي سڀ کان اونچي اسٽوپا سان مشابهت رکڻ واري جڳهه يا ٺل موجود آهي. خيال ونڊيو ويندو آهي ته هي ڪوئي محل، عبادت گاھ يا ڪائي ان قسم جي خاص عمارت هجي. يا وري ائين ٿي سگهي ٿو ته گوتم اربع جي راکهه جن هجرن ۾ رکي ويندي هئي ۽ انهي کي يادگار جي طور تي اسٽوپا جو نالو ڏنو ويو، هي به اهڙو ئي ڪوئي هجرو هجي.
- جهڪر جي دڙي واري شهر جي تباهي جا سبب:
جهوڪر واديءِ سنڌ جي تهذيب جي آخري دور سان تعلق رکي ٿو. ان شهر جي تباهي متعلق به ڪابه حتمي معلومات اسان کي هاڻي تائين حاصل ناهي ٿي سگهي، البته مختلف ڪتابن جي تقابلي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته خارجي حمله آورن، ڪنهن قاتل وبا، سيلاب، يا ڏڪر سبب هي شهر تباھ ٿيو هوندو. جڏهن ته ڪجهہ تاريخ دانن جو خيال آهي ته جهڙي طرح زياده تر آبادين کي چاهي اها هڙپا، مهين جو دڙو هجي يا جهڪر وغيره آريا حمله آورن تاراج ڪيو. ٿي سگهي ٿو ته هتي به اهڙو ڪجهہ ٿيو هجي.
هڪ روايت مطابق جهڪر ۽ نٿراس شهر ۾ رهندڙ سڳا ڀائر هئا، جڏهن ته ولهي ان جي ڀيڻ هئي. قديم دور ۾ سنڌو درياءُ يا ان جي ڪائي اهم شاخ جهڪر جي ويجهو وهندي هئي. هي به مڃيو وڃي ٿو ته قديم دور ۾ هڪ رستو بولان کان نڪرندي اڳتي 2 شاخن ۾ تقسيم ٿي ويندو هئو، جنهن مان هڪ اروڙ کان ٿيندو ملتان تائين هليو ويندو هو جڏهن ته ٻيو جهڪر، مهين جو دڙو، سيوهڻ ۽ آمري وٽان ٿيندو ديبل تائين هليو ويندو هئو.
سنڌ ۾ ان رستي ذريعي نه صرف بيشمار قومون اينديون رهيون بلڪه اهڙي رستي وسيلي ٻين ملڪن ۽ شهرن سان وڻج واپار بہ ڪيو ويندو هئو. ان دور ۾ دريا جو پاڻي شهر جي حد بندين کي ڪٽيندو رهندو هو، ان ڪري خطري جي پيش نظر يا وري سنڌوءَ جو رخ بدلائڻ سبب شهري آباديون هجرت ڪري چار ميل پري مغرب طرف هڪ جڳهه تي وڃي آباد ٿيون ۽ ان جڳهه جو نالو جهڪر جي ڀاءُ جي نالي سان نٿر جو ڳوٺ رکيو ويو. مگر اهي ماڻهو ان جڳهه تي به وڌيڪ عرصو نه رهيا ان لاءِ اها وسندي به وقت سان گڏ تباھ ٿي وئي، پر اڄ به ان نٿر جي دڙي جا آثار جهوڪر جي دڙي کان ست اٺ ڪلو ميٽر پري واقع ڳوٺ خيرپور جوسو جي ويجهو ڏسي سگهجن ٿا.
جهڪر جا هي دڙا جيڪي اسان جي تاريخ جو هڪ حصو، سماجي تشخص ۽ قومي ورثو آهن، صدين کان پنهنجي دامن ۾ سوين راز سنڀاليون ويٺا آهن. مهين جو دڙو جيان هي به سنڌ جي ابتدائي تاريخ جو هڪ اهم ماڳ آهي، جنهن کي سمجهڻ سان نه صرف تاريخ جي گمشده ڪڙين کي ملائي سگهجي ٿو بلڪ اسان کي انھن تباھ ٿيل وسندين ۽ آثارن جو سلسلو به سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي، جيڪو سنڌو درياءَ جي ڪنڌين تي هزارين دڙن جي صورت ۾ وکريل آهي.