بحريا ٽائون سنڌ جي زمين کان وٺي تاريخي ورثي کي قتل ڪندڙ

وينگس

”منهنجي زمين تي نه اچجو“ هي لفظ 56 سالن جي امان حاجران بلوچ جنهن بحريا ٽائون ۽ ان سان گڏ ساٿاري پوليس آفيسر رائو انوار کي رڙ ڪندي روڪيو هو. بحريا ٽائون، حاجي علي محمد گبول ڳوٺ تي قبضي جي ڪوشش ڪرڻ پئي چاهي، پر بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ سندس ساٿ ڏيندڙ رياستي پوليس آفيسرن کي هن وقت تائين اها ڳالھ سمجهہ ۾ ناهي آئي ته جنهن ڌرتيءَ تي پير رکي بيٺا آهن، اها ڌرتي مارئي ملير جي آهي

ها! اها مارئي، جنهن پنهنجي وقت جي بادشاھ عمر جي محل کي ٿڏي ڇڏيو هو. اڄ وري مارئي روپ بدلائي امان حاجران بلوچ جي روپ ۾ وري آ پنهنجي ڌرتي جي سنڀال ڪرڻ لاءِ.. يقينن اڄ جي دور ۾ عمر جھڙو ڪو بادشاھ ناهي، جنهن وٽ مارئي جي انڪار جو احترام ۽ پنهنجي غلطي تي پشماني ڪرڻ جي سگهہ هجي.

ان جي ابتڙ وقت جا حڪمران، پوءِ اهي ڪهڙي به روپ ۾ هجن، عوام جي پيرن هيٺان زمين کسي رهيا آهن. اسان سان تاريخ جي هر موڙ تي ويساھ گهاتي ٿيندي آئي آهي، جڏهن ته هينئر حالتون پنهنجو ڀيانڪ منهن ڪڍي رهيون آهن، انهن ۾ سنڌو ماتا ڌرتي جي تباھ ٿي رھي آهي.

هن وقت ڪهڙي عوامي سگهہ آ، جيڪا امان حاجران ۽ ملير جي عوام کي چئي ته اسان توهان سان گڏ آهيون. جنهن وقت بحريا ٽائون جا ماڻهو جديد هٿيارن ۽ رياستي مشنري سان گڏ ٿي ڪري ڳوٺ تي چڙهائي ڪري رهيا هئا، ان وقت امان حاجران ۽ امان حوا بلوچ سان گڏ ٻيون بلوچ عورتون ڳوٺ ۾ اڪيليون هيون. انهن کي ڪهڙي خبر هئي ته انهن جي ڪچن گهرن مٿان چڙهائي ڪئي ويندي.

اِها ظلم ڪندڙن جي روايت رهي آهي جو هو اخلاقيات جو هر ليڪو لتاڙيندا آهن، جي هو اخلاقيات جي ڄاڻ رکندڙ هجن ها ته شايد سنڌين مٿان ايترو ظلم نه ٿئي ها! امان حاجران جنهن مون کي ٻڌائيندي چيو ته ان وقت هِن جي هٿن ۾ ڪجهہ به نه هو هن پٿرن سان بحريا ٽائون ۽ رائو انوار جي پوليس کي روڪيو. ”انهن وٽ جديد هٿيار هئا ۽ اسان وٽ صرف پٿر هئا. بس! مون کي پنهنجي زمين بچائڻي هئي“ هن مرڪي چيو ته مان هن ملڪ رياض ته ڇا هر ان سان وڙهندم، جيڪو منهنجي ڌرتي تي قبضو ڪندو.

هن وقت تائين امان حاجران ڪو به سمجهوتو ناهي ڪيو، هوءَ پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ويڙهي رهي آهي. چوندا آهن ته قدرت جي ديوي هر ان جو ساٿ ڏيندي آ جيڪو حق لاءِ وڙهي ٿو ۽ اهڙي ئي سگهہ هن وقت ملير جي ماڻهن کي آهي، جيڪي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ جدوجھد ڪري رهيا آهن.

هي جيڪي بلڊوزر ملير جي زمين مٿان چڙهائي ڪري رهيا آهن، اهي هڪ ڏينهن پوري سنڌ کي لتاڙي ويندا. هن وقت ملير ئي نه پر ڄامشورو به بحريا جي لتاڙ هيٺ آهي. هي جيڪا ويڙھ سنڌ اينڊيجينس الائنس ۽ ملير جي ماڻهن، بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين قبضا گيرن خلاف شروع ڪئي آهي، اها ڪا ڪالهہ جي ناهي. هيءَ جدوجھد گهڻي پراڻي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي ملير جا ماڻهو چوندا رهيا ته انهن جي ڌرتي قبضا ٿي رهيا آهن.

ملير کان تباهي جي شروعات جو مطلب پوري سنڌ ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندي، پر ڇا ڪجي سنڌ جي سياستدانن کي ڳالھ سمجهہ نه ٿي اچي.. جي انهن کي سمجهہ ۾ اچي ها ته انهن جي جدوجھد به گرائونڊ تي نظر اچي ها، جيڪا هن وقت تائين اسان کي نظر نه ٿي اچي. شايد ڪجهہ ماڻهن کي اهو محسوس ٿئي ته زمين تي قبضاگيري جتي ڪٿي ٿي رهي آهي، ڪا نئين ڳالھ ڪانهي ۽ سنڌي هر ڳالھ تي جذباتي ٿي ويندا آهن، پر جيڪي گهاوَ ۽ دوکا سنڌ کي پاڪستان ٺھڻ کان وٺي مليا آهن، انهن جي درد کي صرف سنڌي ئي محسوس ڪري سگهن ٿا.

هن وقت بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي يا وري ٻين قبضاگروپن خلاف ملير جو عوام خاص طور تي سنڌ اينڊيجينس الائنس وارا ثابت قدم بيٺا آهن. جنهن ۾ حفيظ بلوچ، سلمان بلوچ، اختر رسول ۽ ٻيا ساٿي بحريا ٽائون تي وڏي واڪي ڳالھائي رهيا آهن، ان اميد سان ته آواز اُٿن پر جنهن انداز سان آواز اُٿڻ گهربا هئا، اهي اُٿيا ناهن.

حفيظ بلوچ ۽ سلمان بلوچ جو چوڻ آھي ته هتي ڳالھ صرف اوهان جي زمين جي ٽڪر جي ناهي، هتي ڳالھ اوهان جي وجود جي آهي – هتي ڳالھ اوهان جي تاريخي سڃاڻپ جي آهي – هتي ڳالھ اوهان جي سنڌو تهذيب جي آهي. ملير جي جبلن، ندين، تاريخي ماڳ هي سڀ اوهان جي وجود سان جڙيل آهن، جيڪڏهن انهن کي بلڊوز ڪيو ويو ۽ جيڪي ٿي رهيا آهن ان جو مطلب اوهان جو وجود ختم ٿي رهيو آهي. سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، پر سنڌ جي اڪثريت ان مسئلي تي سنجيده جدوجھد ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار ٿيندي؟

حفيظ جي آواز ۾ درد هو، جڏهن هن اهو چيو پئي ته اسان جا آواز 2013 کان وٺي مسلسل پوري سنڌ جي عوام کي سڏي رهيا آهن ته توهان ملير ۾ سياست کي مضبوط ڪريو، توهان بحريا ٽائون جھڙن پراجيڪٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳيان اچو پر افسوس هن وقت تائين ڪا ڀرپور موٽ ملي ناهي سگهي.

ملڪ رياض يا ڊي ايڇ اي هجي انهن کي مدد ڪندڙ رياست آهي ۽ سنڌ جي ڳالھ ڪندڙ پيپلز پارٽي جنهن انداز سان بحريا ٽائون کي سپورٽ ڪري رهي آهي، ان مان ظاهر آ ته انهن کي سنڌ جي وجود جي بقاء، سنڌ جي تھذيب ۽ تاريخي ماڳن جي رتي برابر به پرواھ ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي مدد نه ڪري ها ته ملڪ رياض ۾ اڳتي وڌڻ جي همت نه هجي ها. هن وقت پيپلز پارٽي عوامي پارٽي نه پر ملڪ رياض جھڙن جي پارٽي وڌيڪ آهي، جتي عوام جي خلاف فيصلا ٿين ۽ عوام جي گهرن تي بلڊوز گهمايا وڃن، اها پارٽي عوامي پارٽي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟

پر اتي قومپرستن جا رويا به ڪي ساراھ جوڳا ناهن. حفيظ جو چوڻ ته توهان کي بيانن تائين بحريا ٽائون خلاف جذباتي بيان ملندا پر مان توهان کي ٻڌايان ٿو ته قومپرست اڳواڻ جيڪو هڪ گڏجاڻي ۾ اهو چئي ته بحريا ٽائون سنڌين لاءِ بهترين آهي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪا تحريڪ وڌيڪ مضبوط ٿيڻ گهربي هئي، ان کي بيانن تائين محدود رکي ڪمزور ڪيو ويو آهي.

هينئر بحريا ٽائون سنڌو ڌرتي جي قديم ورثي کيرٿر کي چيري رهيو آهي. حفيظ سوال ڪيو ته مون کي ٻڌايو هن وقت تائين اڳيان ڪير آيو آهي، جنهن چيو هجي ته اسان بحريا ٽائون جي بلڊوزر کي کڻي ٻاهر ڦٽو ڪنداسين، پر کيرٿر جي ڪنهن به جيل کي قتل ٿيڻ نه ڏينداسين!؟

توهان ڇڏي ڏيو ته بحريا ٽائون ملير جي عوام سان ڪيتري ويڌن ڪري رھيو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي جي ٻڪري صرف روڊ پار ڪري غلطي سان بحريا ٽائون ۾ داخل ٿي وڃي ته ان جو ڏنڍ 20000 کان 10000 آهي يا وري پاڻي جو مسئلو جتي بحريا ٽائون آساني سان پاڻي کڻي رهيو آهي پر ڳوٺاڻن کي پاڻي ميسر ناهي. انهن جي ڳوٺن کي چار ديوار اندر بند ڪري ڇڏيو آهي ڄڻ ڪنهن انسان کي جانورن وانگر واڙي ۾ قيد ڪري ڇڏيو هجي، اتي انهن کي ڪهڙيون سهولتون هونديون. هي سڀ ڪجهہ توهان جي گادي جي شهر ڪراچي جي ملير ۾ ٿئي پيو. اسان سڀ تڪليفن کي هڪ پاسي تي رکي هتي سوال ڪريون ٿا قديم کيرٿر جي مالڪي ڪير ڪندو؟جنهن کي بحريا ٽائون قتل ڪري پيو ان تي سنڌ جي قومپرستن جي خاموشي سواليا نشاني بڻيل آهي. بحريا ٽائون ڄامشوري تائين پير رکي چڪو آهي. تصور ڪريو جيڪڏهن بحريا ٽائون گورک ھل تائين تباهي مچائي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟

سنڌ اينڊيجينس رائيٽس الائينس ڪوشش ڪري رهيو آهن ته کيرٿر کي بچايو وڃي. جيتوڻيڪ کيرٿر جي ايراضي اندر بحريا ٽائون جي هلندڙ ڪم تي سنڌ وائلڊ لائف وارن جو چوڻ هو ته بحريا ٽائون وارا کيرٿر اندر ڪم ناهن ڪري رهيا پر ماهرن مطابق، جيڪڏهن ڪا به سرگرمي کيرٿر جي آس پاس به ٿيندي ته اها غيرقانوني ۽ کيرٿر کي نقصان پهچائيندي پر بحريا ٽائون کيرٿر اندر ڪم ڪري پيو، جيڪو وقت جي حڪمرانن کي نظر نه آيو يا کڻي چئو ته بحريا ٽائون جي عينڪ لڳڻ سان انهن کي کيرٿر نظر نه ٿو اچي.

سنڌ اينڊيجينس الائينس جي ساٿي اختر رسول محنت ڪري نقشو تيار ڪري ثابت ڪيو ته بحريا ٽائون کيرٿر جي ايراضي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. هنن هي نقشا پنهنجي مدد پاڻ ٺاهيا آهن ڏينهن رات هڪ ڪري ثبوت سان ڏيکاريو ته بحريا ٽائون تاريخي ماڳن کي لتاڙي رهيو آهي.

 

 

سنڌ اينڊيجينس رائيٽس الائنس وارن سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ۽ سروي به ٿي رهيو آهي ته جيئن ڏٺو وڃي ته بحريا ٽائون هن وقت تائين ڪيتري زمين تي قبضو ڪيو آهي پر وري به طاقتور ڌريون جنهن ۾ آرمي جا رٽائرڊ آفيسر ۽ تڪ جا بااثر ماڻهو جيڪي بحريا ٽائون سان مليل آهن، هلندڙ سروي ۾ اثر انداز ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن کيرٿر جي مالڪي نه ڪئي وئي ته پوءِ سنڌ جي تاريخي ماڳن کان وٺي هر جڳهہ تباھ ٿي ويندي.

حفيظ بلوچ ياد ڪرائيندي چيو ته ملير ۾ سائين شاھ عبدالطيف ڀٽائي جي تاريخي جڳهہ تڪيا هئي، جيڪا اسان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ هئي ان کي ڊاهي ان جي جڳھ تي بحريا ٽائون واش روم ٺاهي پوري سنڌ کي پيغام ڏنو ته توهان جي تاريخي ماڳن جي حيثيت هيتري آهي. سنڌ کي اڳتي اچڻو پوندو، زمين کي بچائڻ ڄڻ پنهنجي وجود کي بچائڻ آهي.

(دي رائيز نيوز ۽ ليکڪا جي ٿورن سان.)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close