سوڍل کي سُرسُر ٿي ڇا لکجي؟
ڪنھن کي لکجي؟
نالو لکجي؟
سڃاڻپ لکجي يا سڄي قتل جي ماجرا لکجي؟
مون کي ڊپ ٿو ٿئي، تہ ڪٿي منھنجي لاءِ مسئلو نہ ٿي پوي…… صحافت تہ ڪندو آھيان، پر ڊپ بہ لڳندو آھي….
ڪيئن لکجي…. ڪٿان شروع ڪيان…. غير قانوني شڪار تي لکجي يا شڪار ڪرائڻ وارن ۽ واٺن تي لکجي؟
ناانصافي تي لکندس تہ اڳوڻي عزت ڪانہ ملندي… عيد تي خرچي ڪانہ ملندي.. سيلفي ڪڍڻ لاءِ گارڊ ڪانہ ڇڏيندا… آخر سچ ڪيئن لکجي!؟ واسطا خراب ٿيندا… سنھا ٿلھا ڪم ڪانہ ٿيندا… راڄ ڀاڳ ۾ مرڻي پرڻي مان نيڪالي ملندي… ناحق تي لکجي، پر ڀتو بند ٿيندو…. سمجهہ ۾ نٿو اچي لکجي يا نہ لکجي…..
سوڍل بس جي دريءَ تي ويٺل… خيالن جي ڪاري جبل تي ڊوڙي رھيو ھو… اچانڪ بس بريڪ لڳايو… ڪنڊيڪٽر جي رڙ ٻُڌائين: اڳيان روڊ بند آھي! سوڍل دريءَ مان ڪنڌ ٻاھر ڪڍي ڏٺو، ھڪ اڌ اڇي مٿي واري ماءُ ليلائي رھي آھي… اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري رهي آهي… خدا کي فرياد ڪري رھي آهي… بددعا جون ڪوڪون ڪري رھي آهي… پنھنجي جوان پُٽ جي ناحق قتل جي خدا کي فرياد ڪري رھي آھي….
هڪ بيوس ماءُ انصاف لاءِ اکين مان رت جا ڳوڙھا ھاري رھي ھئي، جيڪي تتل اس ۾ سڪي خشڪ ٿي ويا ھئا. نڙي ڳجھي ويس.. پوءِ بہ خدا کي فرياد ڪري رھي هئي، شايد کيس خبر ھئي، تہ انصاف ھتي ڪا نہ ملندو… ڪجهہ ڏينھن ھمدردي ۾ ماڻھو گڏ ھوندا، پوءِ وساري ويھندا… ان ڪري سڌو خدا کي فرياد ڪري رھي ھئي. وڏي واڪي قاتلن جا نالا پڪاري رھي ھئي پر لکڻ وارا سمجهي ڪانہ پئي سگھيا…. ڇو تہ ڪنن جا ڳرا ھئا ۽ قلم ۾ مس بہ فرمائشي ليک لکڻ واري پيل ھئي…
سوڍل ٻُڏ تر ۾…. نالا لکجن يا نہ…..!؟
اچانڪ من ۾ خيال آيس، ماءُ جي خدا کي ڪيل فرياد لکجي ۽ آخر ۾ جسٽس فار نوجوان لکجي… سماجي سطح تي بہ واکاڻ ٿي پوندي ۽ نظر ۾ بہ ڪو نہ اچبو…
ھا اھو ئي لکجي، ان ۾ ئي سڻائي آھي……