ارسطاطاليس“ حڪيم جو قول آهي تہ ”جنهن ماڻهوءَ کي اڪيلائي وڻي ٿي، سو يا تہ جهنگلي جانور آهي يا ديوتا!“
اهو قول سڄو ئي سچو ناهي، اڌ سچو آهي. جيڪي ماڻهو هيڪلائيءَ کي پسند ڪن ٿا، تن مان جهنگلي جانور جي سڀاءُ جي بوءِ برابر اچي ٿي، پر خدائي سڀاءُ يا خدا جي وليءَ جي سڀاءُ جي بوءِ نٿي اچي. هي درست آهي ته ولي يا ٻيا عبادت گذار ماڻهو هيڪلائي انهيءَ ڪاڻ گهرندا آهن، تہ دنيا جي ڌنڌن کان بلڪل فارغ ٿي، هڪ مهاڙو، خدا تعاليٰ جي عبادت، مناجات ۽ ذڪر ۾ مشغول رهڻ جو وجهہ ملين. پر تاريخ مان ڪيترائي مثال اهڙا بہ ملي سگهن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ گهڻن ماڻهن فقيريءَ بلڪ، خدائي جو دم هڻي، ڍونگ ڪري، وڃي جهنگ ۾ گذاريو آهي، اگرچ ڪن ٿورن سچي پچيءَ عبادت جي لاءِ بہ وڃي جهنگ ۾ گذاريو آهي.
پر ماڻهن کي خبر نٿي پوي تہ اڪيلائي ڇا کي ٿو چئجي؟ صحبت ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو فرق آهي؟
ماڻهن جو گهڻو ئي گوڙ هوندو، تہ بہ ضروري ناهي تہ منجهن صحبت بہ هجي.. پوءِ جي منجهن محبت ۽ صحبت نہ هوندي، تہ هيترا منهن ڪهڙي ڪم جا؟ هو رڳو ڪاغذ يا بت جي تصويرن وانگي آهن… ۽ سندن هيترو ڳالهائڻ ڪهڙي ڪم جو؟ هو رڳو گهنڊ جي گهڻ، گهڻ وانگي آهن.
چوڻي آهي تہ ”وڏو شهر، وڏي اڪيلائي“ ، ان جو سبب هي آهي، جو وڏن شهرن ۾ دوست پکڙيا پيا آهن، تنهنڪري جا صحبت ۽ جا سنگت ننڍن ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ آهي، سا اڪثر انهن ۾ ڪانهي. نسورو سچ تہ اهو آهي، تہ صحبت ۽ دوستيءَ کان سواءِ سڀ اڪيلائي آهي. سچن دوستن ڌاران دنيا سڄي ويران ۽ خراب آهي ۽ اڪيلائي جي انهيءَ کان سواءِ ٻي ڪائي معنيٰ آهي.
جنهن ماڻهوءِ جي سڀاءَ ۾ محبت، ميلاپ، ۽ دوستي ڪانهي، سو حقيقت ۾ جهنگ جو مرون آهي، انسان نہ آهي.
هاڻي، دوستيءَ جا ڦل ۽ فائدا ڏيکارينداسين:
پهريون وڏو ڦل اهو آهي، تہ انسان جي دل ۾ سڀاويڪ خواهشن ۽ هوسن ڪري جيڪي سوز ۽ ڀرتيون پيدا ٿين ٿيون، سي لهيو نڪريو وڃن، آرام ۽ سک حاصل ٿئي ٿو. سڀ ڪنهن کي خبر آهي تہ بدن ۾ ساھ جي بندش ۽ گهٽ ڪري جي مرض پيدا ٿين ٿا، سي نهايت خوفناڪ آهن، دل سان به اهو ساڳيو حال آهي. جَيرَي کي ڇُٽائڻ لاءِ ماڻهو عشبو کائين ٿا، ٻرهل جي لاءِ رُڪ جو عرق کائين ٿا، ڦڦڙن جي لاءِ گوگرد يا گندڪ کائين ٿا ۽ مغز جي لاءِ بادام روغن يا مڇيءَ جو تيل پين ٿا، پر دل جي ڇٽائڻ لاءِ، سچي ايماندار جاني دوست کان سواءِ، ٻيو ڪوئي نسخو يا علاج ڪونهي! پنهنجي دوست کي پنهنجي اندر جا ڏک، سور اوري ۽ خوشيون، اميدون، ڊپ، شڪ، رايا، صلاحون سڀ ٻڌائي، جيڪو هانو تي بار آهي، سو سڀ ماڻهو هلڪو ڪري ٿو.
اچرج جي ڳالھ اها آهي، جو وڏن وڏن بادشاهن وٽ دوستيءَ جي هن ڦل جو تمام گهڻو قدر آهي، ۽ ان جي تمام گهڻي گهرج آهي. هو پنهنجي سلامتيءَ ۽ وڏائي کي ڊپ ۾ وجهيو بہ ان کي خريد ڪن ٿا. بادشاھ پنهنجي رعيت ۽ پنهنجن نوڪرن کان، نصيب ۽ شان ۾، گهڻو مٿي ۽ پري آهن، تنهن ڪري هنن کي هيءُ ڦل اهڙيءَ سهنجائيءَ سان نٿو ملي، مگر انهيءَ شرط، جو هو ڪنهن کي چاڙهي چاڙهي آڻي پنهنجو سنگتي يا دوست ڪن، يا پاڻ سان مَٽ يا برابر ڪن، جنهن مان اڪثر جوکو پيدا ٿئي ٿو. اهڙي ماڻهوءَ کي هن زماني ۾ ”مقرب“ سڏين ٿا، ڄڻ ته بادشاھ رڳو هن کي پنهنجي ويجهو ويهاري، هن سان اوڀاريون لهواريون ڳالهيون ڪري ٿو: پر حقيقت ۾ ائين ناهي. اڳين ڏينهن ۾ رومي ماڻهو، سچو سبب ڄاڻي، اهڙي ماڻهو کي ” شريڪ الافڪار“ ڪري سڏيندا هئا، يعني جيڪو بادشاھ جي ڏکن ۽ سکن ۾ حال ڀائي هجي. اها ئي ڳالھ آهي، جنهن ڪري هڪڙي وڏي ماڻهوءَ ۽ ههڙي ننڍي ماڻهوءَ جي وچ ۾ اهڙو پيوند پيدا ٿئي ٿو.
تاريخ پڙهڻ مان اسان کي معلوم ٿيندو تہ اهو حال نہ رڳو ضعيفن، پرمتن ۽ پهہ وارن بادشاهن جو آهي، پر سڀني ڏاهن، سياڻن ۽ اٽڪل وارن بادشاهن جو بہ آهي. انهن مان گهڻن پنهنجن خدمتگارن مان ڪن کي مٿي چاڙهي، آڻي پاڻ سان گڏيو آهي ۽ انهن کي پاڻ پنهنجي زبان مبارڪ سان ”دوست“ ۽ ”ادا“ ڪري سڏيو اٿن. هو تہ انهن کي ائين ڄاڻن ۽ ائين سڏين، جھڙيءَ طرح عام دوست هڪٻئي کي سڏين ٿا. روم جي شهنشاهن مان ”سلا“ گهڻيءَ مهرباني سان، ”فامفيوس“ کي اهڙو مٿي چاڙهيو، جو هو ٻٽاڪ هڻندو هو تہ آءُ شهنشاھ کان بہ وڌيڪ زور وارو آهيان، ۽ آخر ”اعظم“ جو لقب مليس. ”يوليوس گچ“ جيتري ورثي جي وارثي به ڪيائين، ۽ آخر موت بہ ان جي ئي هٿان آيس. ”اغسطوس“ قيصر بہ انهيءَ طرح ”اعربفوس“ کي مٿي کنيو، جو تمام نيچ ذات جو ماڻهو هو، ۽ انهي ساڳي کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائڻ جِي ٿَي ڪيائين. ”طبريوس“ قيصر وري ”سجينوس“ کي ايترو مٿي چاڙهيو، جو ماڻهو انهن ٻنهي کي يارن جو جوڙو ڪري سڏيندا هئا ۽ هڪڙي ڀيري تہ ”سجينوس“ ڏي خط ۾ هي لفظ لکيائين تہ ”هي هي ڳالهيون، پنهنجي دوستي جي ڪري مون توکان ڪين لڪايون آهن“ اهڙو ئي حال وري ”سفطميوس“ جو بہ هو، جنهن پنهنجي پٽ کي زور ڪري ”فلافينوس“ جي ڌيءَ پرڻائي، ڇاڪاڻ جو هن سان گهڻي محبت هوندي هيس، ۽ انهي شخص بابت هڪڙي خط ۾ لکي ٿو تہ ”آءُ فلاڻي کي ايترو ٿو گهران، جو ڀانيان تہ شل هن کي جيئرو ڇڏي آءُ مري وڃان“، انهن ۾ اسين ٻيو مثال ”هارون الرشيد“ بغداد جي مشهور خليفي، جو گڏيون ٿا، جو ”جعفر برمڪي“ سان همراز ۽ همنشين هو، ساڳيو حال، محمود غزنوي ۽ ”اياز“ حبشيءَ جو هو، اهڙا ٻيا ڪيترائي مثال ملي سگهندا.
هاڻي ڏسبو تہ هي سڀ بادشاھ، جي ذرو بہ ضعيف ۽ ساڌو هجن ها تہ بہ چئجي تہ هنن پنھنجي ضعيفي يا پنهنجي چڱي سڀاءُ جي ڪري اهڙي نرم هلت ٿي ڪئي، پر انهن مان تہ هڪڙو هڪڙو اهڙو ڏاهو ۽ عقل وارو، اهڙو جابر ۽ همٿ وارو، اهڙو مغرور ۽ حشمت وارو ٿي گذريو آهي، جو سڀني تاريخن ۾ مشهور آهي. انهي هوندي بہ ڏسڻ ۾ آيو آهي تہ ڪنهن دوست وٺڻ کان سواءِ هنن پنهنجي خوشي اڌو گابري ۽ اڻپوري ڄاتي آهي ۽ دوستيءَ ۾ سڄي ساري خوشي حاصل ڪئي اٿن. وري انهن ساڳين کي زالون بہ هيون، پٽ بہ هئا، ڀائيٽيا بہ هئا، ڀاڻيجا بہ هئا، جن مان هنن کي دوستيءَ جي آسيس ۽ تسلي نہ ملي سگهي آهي، اهڙو اثر دوستيءَ ۾ آهي!
”چارلس“ ، برگنڊي ڏيھ جي بادشاھ، ۽ ”لوئيز“ فرانس ڏيھ جي بادشاھ بابت لکن ٿا، تہ هو پنهنجي دل جي ڳالھ ڪنهن کي ڪين ٻڌائيندا هئا، جنهن ڪري پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ هو ھميشہ خَفَي ۾ گذاريندا هئا، ۽ آخر، ڪرڪي جهرڪي، پنهنجي سمجهہ ۽ پنهنجا حواس گم ڪري ڇڏيائون.. سچ آهي تہ جن ماڻهن کي پنهنجي اندر اورڻ لاءِ ۽ پنهنجي ڳُجهہ ڳوهڻ لاءِ ڪو دوست ڪونهي، سي ڄڻ تہ پنهنجيءَ دل جو پاڻ رت پين ٿا ۽ پنهنجا پاڻ خونخوار دشمن ٿين ٿا، ”فيثا غورث“ حڪيم جو بہ اهڙو ئي قول آهي، جو چوي ٿو تہ ”پاڻ پنهنجي دل کائڻ نہ گهرجي“
دوستيءَ ۾ مزي جهڙي ڳالھ اها آهي، جو دوست کي پنهنجي اندر جي ڳالھ ٻڌائڻ مان ٻہ مخالف اثر پيدا ٿين ٿا، هڪڙو تہ خوشي ٻيڻي ٿي ٿئي، ٻيو تہ ڏک اڌو اڌ ٿا ٿين. ڇاڪاڻ جو دل جي خوشيءَ جي ڳالھ پنهنجي دوست کي ٻڌائڻ ڪري ماڻهو پاڻ بہ خوش ٿيندو، ۽ دوست بہ ساڻس گڏ خوشي ڪندو. وري ڏکن ٻڌائڻ ڪري، اڌ ڏکن جو ورهائي هو کڻي ويندو ۽ رڳو اڌ سندس پتيءَ ۾ رهندو، جنهن ڪري سندس ڏکن جو بار هلڪو ٿي پوندو.
حقيقت ۾ دوستيءَ کي انسان جي دل تي اهڙو اثر آهي، جھڙو ڪيمياگر جي پٿر يا اڪثير ۾ ٿيندو آهي، جو منجهائنس ڪيترا بہ ضد اثر پيدا ٿيندا، تہ بہ هڪڙو نہ ٻيو فائدو پهچندو ئي پهچندو.
دوستيءَ جو ٻيو ڦل، سمجهہ ۽ سڃاڻپ جي سڌارڻ لاءِ اهڙو مفيد ۽ اثرائتو آهي، جھڙو پهريون ڦل سڀاويڪ خواهشن ۽ هوسن جي لاءِ آهي، ڇاڪاڻ جو انسان جي خواهش ۾ جيڪي غمن ۽ دردن جا غبار ۽ طوفان آهن، سي سڀ دوستي ٽوڙي نہ رڳو صاف صفائي ڪري ٿي، پر انسان جي سمجهہ ۽ عقل تي جيڪا فڪرن ۽ مونجهارن جي اوندھ آهي، تنهن کي ٽاريو چِٽو ڏينھن ڪريو ڇڏي. دوست جي صلاح ۾ ايتري مڙئي قدرت آهي، پوءِ اها ايمانداريءَ ۽ سچائي جي صلاح هجي، نہ هجي، تہ بہ ايتري پڪ آهي تہ جنهن ماڻهوءَ جي دل تي گهڻا فڪر ۽ خيال هوندا، سو جي پنهنجا اهي خيال ڪنهن ٻئي کي چئي ٻڌائيندو، تہ سندس فهم ۽ عقل صاف ٿيندو. انهيءَ ڪري هو سهنجائيءَ سان پنهنجا خيال اٿلائي پٿلائي ٿو ۽ چڱيءَ طرح ٺاهي ٺوڪي ٿو ۽ خبر پويس ٿي تہ اهي خيال جڏهن ڦيرائي لفظن ۾ وجهن ٿا، تڏهن ڪيئن ٿا ڏسجن. آخر ائين ڪرڻ ڪري، هو وڌيڪ ڏاهو ۽ سياڻو ٿئي ٿو ۽ ايتري ڏاهپ هو هڪڙي ڪلاڪ جي گفتگو مان حاصل ڪري ٿو، جيتري هو سڄي ڏينهن جي خيال مان ڪين ڪري سگهندو. دوستيءَ جو اهو ڦل سمجهہ سڌارڻ لاءِ نہ رڳو اهڙن دوستن سان لاڳو آهي، جي ڪا صلاح ڏئي سگهن، (اهڙا ملن ته وڏا طالع) پر ڪهڙا بہ هجن، تہ بہ ڳالهائڻ ڪري ماڻهو پنهنجو پاڻ سکي ٿو، پنهنجو خيال صاف ڪري ٿو، ۽ پنهنجو عقل تيز ڪري ٿو، جهڙي طرح ڪو ڪپ روهيءَ تي تکو ڪجي: مطلب ته ماڻهو پنهنجا خيال ڪنهن بت يا تصوير سان وڃي ظاهر ڪري، تہ بہ چڱو، انهن کي دل ۾ سانڍي نہ رکي، ۽ اندر ۾ گهٽي ۽ ٻوساٽي نہ وجهي.
هاڻي انهيءَ دوستيءَ جي ٻئي ڦل پوري ڪرڻ لاءِ، هڪڙي ظاهر ڳالھ ڌيان ۾ آڻڻ گهرجي، اها ڪنهن دوست جي سچي ۽ ايمانداراڻي صلاح آهي.
”هر اقليطوس“ حڪيم چوي ٿو، تہ ”خشڪ روشنائي ھميشہ چڱي ۽ فائدي واري آهي ۽ پڪ آهي تہ ٻئي جي صلاح ۽ مصلحت مان ماڻهوءَ جي اندر کي جيڪا روشنائي پهچي ٿي، سا خشڪ بہ آهي ۽ صاف بہ آهي. جيڪا روشنائي خود پنهنجي سمجهہ ۽ عقل مان ملي ٿي، سا مدامي عادتن ۽ دل جي هوسن سان گِهميل آهي، تنهنڪري، ڪنهن دوست جي صلاح ۽ خود پنهنجي صلاح ۾ ايترو ئي فرق آهي، جيترو پنهنجي دوست جي صلاح ۽ ڪنهن خوشامد ڪندڙ جي صلاح جي وچ ۾ آهي. ماڻهو جيترو پاڻ پنهنجي خوشامد ٿو ڪري، اوتري ڪوئي بہ ٻيو نٿو ڪري، ۽ خود پنهنجيءَ خوشامد جو علاج اهو آهي، جو پنهنجي دوست سان کُلي ڳالھ ڪجي.
صلاح ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪڙي آدابن ۽ اخلاقن بابت، ٻي ڪم ڪار بابت.
پهرئين قسم بابت ياد رکڻ گهرجي، تہ دل کي تندرست رکڻ لاءِ دوست جي سچيءَ صلاح کان سواءِ ٻيو ڪوئي علاج ڪونهي، پنهنجو پاڻ کي چڱن بڇڙن ڪمن جو حساب پڇڻ ۽ وٺڻ بہ هڪڙو علاج آهي، پر انهي مان گهڻي مشقت ۽ زحمت پهچي ٿي. چڱن اخلاقن بابت جيڪي ڪتاب لکيل آهن، تن جي پڙهڻ مان بہ اوترو گهڻو اثر ڪونہ ٿو ٿئي، پنهنجا عيب ٻين ۾ ڳولڻ ۽ نهارڻ بہ ڪڏهن ڪڏهن غير واجب ڏسجي ٿو، بهتر ۽ سڀ کان چڱي اها ڳالھ آهي، تہ دوست جي صلاح وٺجي. افسوس جهڙي ڳالھ آهي جو وڏن وڏن ماڻهن کي پنهنجي حال کولڻ لاءِ ڪو دوست ڪونهي، انهيءَ ڪري هو ڏاڍو نقصان سهن ٿا، جھڙو مال متاءُ لٽائين، تهڙو ننگ ناموس وڃائين. جيئن هڪڙي مذهبي ڪتاب ۾ فرمايل آهي تہ ”هي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن آرسي ۾ نهارين ٿا، ۽ اتي جو اتي پنهنجي شڪل وساريو ڇڏين!“
ٻئي قسم بابت، يعني ڪم ڪار لاءِ، ياد رکڻ گهرجي تہ هڪڙيءَ اک کان ٻہ اکيون وڌيڪ ڏسن ٿيون. جوارين يعني جوا کيڏڻ وارن کان تماشي بين وڌيڪ ڏسي ٿو. ڪاوڙيل ۽ شوخ ماڻهو کان ڌيرج ۽ تحمل وارو ماڻهو وڌيڪ ڏاهو ٿئي ٿو ۽ بندوق هٿ ۾ جهلي هڻڻ کان، ڪنهن شيءِ تي رکي نشان چٽڻ ۾ وڌيڪ پڪائي آهي. اهڙين سچين ڳالهين کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو برخلاف ڄاڻي هلندو ۽ چوندو تہ هڪڙي اک بہ ايترو ٿي ڏسي، جيترو ٻہ اکيون ٿيون ڏسن، وغيره ۽ انهيءَ کي سياڻپ ڄاڻي مٿس عمل ڪندو، تہ ڪري سگهي ٿو، پر ڪم نبري کان پوءِ چڱي صلاح جو اثر اهو آهي، جو هن کي ٻڌائيندي ته ائين ڪرڻ غلط آهي ۽ هيئن ڪرڻ سياڻپ آهي.
جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀانئي تہ آءُ علحديون صلاحون وٺان، يعني هڪڙي ڪم ۾ هڪڙي ماڻهوءَ جي صلاح ۽ ٻئي ڪم ۾ ٻئي ماڻهوءَ جي، تہ اهو بہ چڱو، پر انهي مان ٻہ خوف نڪرڻ جوڳا آهن، هڪڙو اهو تہ شايد هن کي سچي ۽ ايمانداريءَ جي صلاح نہ ملي سگهندي، ڇاڪاڻ جو سچي ۽ جاني دوست کان سواءِ ٻيا ڪي ٿورا هوندا، جن جي صلاح خود مطلبي تي ٻڌل نہ هوندي، ٻيو اهو تہ شايد هن کي اهڙي صلاح ملندي، جنهن مان کيس ڪوبہ جوکو يا نقصان پهچندو. جنهن ۾ علاج ۽ خرابي ٻئي موجود آهن ، جھڙي طرح ڪنهن اهڙي طبيب کي سڏجي، جو مرض جي دوا ڪرڻ ۾ هوشيار هجي، پر مريض جي جسم ۽ طبيعت کان غير واقف هجي، ۽ تنهن ڪري هو في الحال مرض کان ڇٽائي ڇڏي ٿو، پر ڪنهن ٻيءَ طرح بدن جي تندرستي گهٽ ڪري ڇڏي ٿو. انهيءَ طرح مرضن کي تہ ٽاري ڇڏي ٿو، پر مريضن کي ماري ڇڏي ٿو، پر، جو دوست ماڻهوءَ جي حالت جو خوب واقف آهي، تنهن کي سُجهيو پيو آهي تہ هن ڪم جي ڪرڻ مان هن کي ڪهڙو نقصان پهچندو، تنهن ڪري جدا جدا ۽ پکڙيلن صلاحن تي گهڻو ڀروسو نہ رکڻ گهرجي، نہ تہ انهن مان تسلي پهچڻ جي بدران خرابي پهچندي.
دوستي جي مٿين ٻن ڦلن کان پوءِ ٽيون ڦل اچي ٿو، جو ڏاڙهونءَ وانگي سڄو داڻن سان ڀريو پيو آهي. اهو آهي، وقت سر سڀني ڪمن ۾ ٻيلپو ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ.
دوستي گهڻن طرحن سان ڪمائتي ٿئي ٿي، تنهن جي ڄاڻڻ لاءِ هتي ياد ڪرڻ گهرجي تہ ڪيترائي ڪم آهن، جي ماڻهو پاڻ ڪري نٿو سگهي، پوءِ معلوم ٿيندو تہ دوست پاڻ کان بہ وڌيڪ ڪمائتو آهي.
ماڻهو ڪن خاص شين تي دل رکن ٿا ۽ انهن بابت ڪيتريون ئي اميدون دل سان سانڍيو مريو وڃن ۽ اهي خواهشون سندن دل ۾ رهجيو وڃن، جھڙوڪ اولاد کي سنڀالڻ ۽ پرڻائڻ، يا ڪو ڪم پورو ڪرڻ وغيره، هاڻي جي ڪنهن ماڻهوءَ کي سچو ۽ ايماندار دوست هوندو تہ هن کي دلجاءِ هوندي تہ منهنجي مرڻ کان پوءِ انهن شين جي سنڀالڻ وارو ٻيو ڪو ويٺو آهي. انهيءَ طرح ماڻهوءَ کي ڄڻ تہ پنهنجين خواهشن ۽ اميدن ڪري، ٻہ حياتيون ملن ٿيون، حياتيءَ ۾ ته جيئرو آهي، پر گويا مُئي کان پوءِ بہ جيئرو آهي. ماڻهوءَ کي هڪڙو جسم آهي، ۽ اهو جسم هڪڙيءَ جاءِ تي رهي سگهي ٿو، پر جتي دوستي آهي، اتي حياتي ۽ زماني جا جيڪي ڪم ڪار آهن، سي نہ رڳو هن هڪڙي جي لاءِ ڇڏيل آهن، پر هن جي لاءِ ۽ هن جي نائب لاءِ ، ڇاڪاڻ جو هو اهي سڀ ڪم پنهنجي دوست جي معرفت ڪري سگهي ٿو.
هزارين ڪم ۽ ڳالهيون آهن، جي ماڻهو پاڻ شائستي يا مناسب طرح سان ڪري يا چئي نٿو سگهي، ماڻهو حيا ۽ لڄ جي ڪري، پنهنجا گڻ ۽ پنهنجي تعريف پنهنجيءَ زبان سان ٻئي وٽ ڪري نٿو سگهي، ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪو عرض پنهنجي منهن ڪري نٿو سگهي، ۽ اهڙيون ڪئين ٻيون ڳالهيون آهن، پر اهي سڀ ڳالهيون جن جي پاڻون چوڻ ڪري ماڻهوءَ کي شرم ٿو ٿئي، سي ڪنهن دوست جي واتان سهنجائيءَ سان ظاهر ٿي سگهن ٿيون.
اهڙيءَ طرح، وري ماڻهو کي ڪي اهڙيون نسبتون آهن، جي هو ڪنهن بہ طرح پاسي ڪري نٿو سگهي، ماڻهو پُٽ سان ايئن ڳالهائيندو، جيئن پيءُ ڳالهائي، نہ ٻيءَ طرح.. زال سان ايئن ڳالهائيندو جيئن مڙس ڳالهائي، نه ٻي طرح! دشمن سان ايئن ڳالهائيندو جيئن دشمن کي ٺهي، پر دوست هن جي بدران ايئن ڳالهائيندو، جيئن حال سان لاڳو ۽ واجب ۽ ضرور هوندو.
اهڙيون ڳالهيون ڪيتريون ئي آهن، ڪهڙيون لکي ڪهڙيون لکون. اسان قائدو ڏسي ڇڏيو آهي، جتي ماڻهو پاڻ چڱيءَ طرح هلي نہ سگهي، نہ اتي انهي قاعدي تي هلي.