ريولان ٽريڊ مارڪ (Revlon Trade Mark)

(نثري نظم) امر گل

دراصل هُوءَ
ريولان ٽريڊ مارڪ
سوشل ورڪر عورت اڳواڻ آهي،
عورتن جي حقن جي علمبردار آهي!

هوءَ اڪثر فائيو اسٽار هوٽلن جي
جرڪندڙ ٿڌن هالن اندر
عورت جي حقن جي لاء ٿيندڙ
سيمينارن ۾،
خوبصورت ۽ جوان بنجڻ جي ڪوشش ۾
ميڪ آپ جو مصالحو ٿڦي آيل
هاءِ سوسائٽي جي اوپن ايئر ميوزيم جي
مميز Mummies لڳندڙ ماين سامھون
عورتن جي مسئلن تي
زوردار تقريرون ڪندي آهي،
ڇوڪرين جي تعليم تي زور ڏيندي آهي
عورتن جي حقن جِي
حالتِ زار تي اظھاريندَي
هن جو ڳلو ڀرجهي ايندو آهي
۽ هن جي دل
رت جا ڳوڙھا ڳاڙيندِي آهي
(ڇو تہ گليسرين جا لڙڪ
مھانگي ميڪ اپ لاءِ نقصانڪار آهن)
تقرير کان پوءِ
هوءَ دادِ تحسين وصول ڪرَي
پنھنجي نئين ماڊل جِي
چمڪندڙ ڪار ۾ چڙھِي
گهر ڏانھن رواني ٿيندي آهي.
شھر جي مصروف چوڪ تي
جڏهن سندس ڪار اچي بيھندي آهي
تہ ڦاٽل پراڻا ڪپڙا پاتل ڪا عورت
پنھنجي ننگَي ۽ هڙٻاٽيون نڪتل ٻار کي
ڪڇ تي کڻِي
سندس ڪار وٽ اچي
پنھنجي هڏائين آڱر سان
ڪار جي بند شيشي تي دستڪ ڏيئي
ڪارڙو ڪوجهو هٿ ٽنگيندي آهي،
تہ هوءِ پنھنجي ٿيلھي جيڏي پرس ۾ رکيل
آئيني ۾ ڏسِي،
پنھنجو ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ لڳندي آهي..
گهر پھچي هوءَ
نوڪرياڻيءَ کي آواز ۽ پٽون پاراتا ڏيندي
پنھنجي ولائتي ڪتي جي خيريت
۽ کاڌي پيتي جو پڇِي
آرام ڪرسيءَ تي
آهلجي پوندي آهي…
ڪيتري وقت کان
اوسيئڙي ۾ بيٺَي
اڻ تڻ ۾ پگهرجندڙ نوڪرياڻي
گهٻرايل هيڻي ۽ سھميل لھجي ۾
ڏڪندڙ چپن سان
جڏهن پنھنجي ڌيءَ جي ڪتابن
۽ اسڪول جي فيس لاءِ
کانئس ڪجهہ پئسا گهرندي آهي،
تہ هوءَ مٿس ڪڙڪي پوندي آهي
۽ پوءِ ڪجهہ ٿڌِي ٿِي
هوءَ ڇوڪرين جي تعليم جي نقصان جا
ڪوسا ڪوسا دليل
تفصيل سان بيان ڪندي آهي!

دراصل هوءَ
ريولان ٽريڊ مارڪ
سوشل ورڪر عورت اڳواڻ آهي،
عورتن جي حقن جي علمبردار آهي!
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
اَمَر گُل

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close