ڪوھستان ۾ تعليم، انگريزن جي دور کان اڄ تائين!

جوکيو جسارت الياس

سنڌ جو ڪوھستان نہ صرف شاھڪار فطري سونھن جو مرڪز رھيو آھي، پر جبلن جي اوٽَ ۾ آباد ھن علائقي جون واديون، صدين کان علم ۽ ادب جو مرڪز پڻ رھيون آھن. ھِتان جي زرخيز مٽيءَ مان ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ڪردارن جنم ورتو آھي.

انگريزن جي دور ۾ جن علائقن کي اڙانگن پيچرن، ڀَرن ۽ ڀِٽَن جي ڪري "محال” سڏيو ويندو ھئو، انھن ۾ ڪوھستان بہ شامل ھو. ان محال ڪوھستان ۾ معياري تعليم جو ملڻ يقينن سنڌ جي تاريخ جو سونھري باب آھي. اھو ئي سبب آھي جو تعليمي لحاظ کان ھن خطي کي ماضيءَ کان وٺي، ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ منفرد سڃاڻپ حاصل رھي آھي.

جنگشاھيءَ کان جهمپير، ڄنگهڙيءَ کان جهرڪَ، مالماڙيءَ کان مڪلي، ڀاڏَ کان رنپٽياڻي، ڪينجهر کان ھاليجي ۽ ھڏيري، کارڙي کان کاريسِير، داٻيچيءَ کان ڍاڳراڻي ۽ گُجي کان گهگهرَ تائين ھي سمورو خطو، ماضيءَ ۾ اهڙن لاتعداد علم دوست پرائمري استادن سان ڀريل ھو، جيڪي نہ صرف شاگردن کي درسي سَبَقَ پڙھائيندا ھئا، پر اخلاق جا اعليٰ گُڻ سيکاريندا ۽ سنڌي ثقافت کان واقف پڻ ڪندا ھئا. تڏھن ئي ھتان رسول بخش پليجو، رسول بخش درس، عبدالعزيز جوکيو، شوڪت حسين شورو، جان محمد جانباز، احسن جوکيو، محمد الياس ھمغم جوکيو، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي وغيره جھڙا انيڪ ڏاھا، عالم، اديب ۽ شاعر پئدا ٿيا.

جيتوڻيڪ انگريزي تعليم جو رواج ھتي پوءِ پيو، پر ان حقيقت کان انڪار نہ ٿو ڪري سگهجي تہ جهرڪ، جنگشاھي ۽ مالماڙيءَ ۾ موجود انگريزن جي قديم ڇانوڻين ۾ رھندڙ انگريز عملدارن کان ھتان جا سنڌي ملازم انگريزي سِکيا. جن مان ڪي انگريزيءَ جا استاد ٿيا تہ ڪي ڊاڪٽر مانجھيءَ جي سئو سالن جي عمر جي ڏاڏي (وفات: 1994ع) وانگر انگريزي ٻولي سمجھندا ھئا ـ ۽ ائين منجھن تعليم جو شعور پئدا ٿيو.

اھڙيءَ ريت، ھتي انگريزن جي ڇڏيل عمارتن ۾ پڻ شروع ۾ پاڪستان حڪومت تعليمي ادارا ھلايا. اڄ بہ ڪوھستاني ماروئڙن ۾، ان دور واري انگريزيءَ جا عڪس نظر اچن ٿا. ڪجهہ سال اڳ، ھتي ھڪ غير سرڪاري اداري پاران اسڪولي ٻارڙن لاءِ مليل ٽُوٿ برش ۽ پيسٽ ورھائڻ لاءِ وياسين، تہ ڪاري جبل جي ھَنج ۾ قائم ڳوٺ الھرکيو جوکيو ۾ جيتوڻيڪ ڪا ھڪ بہ سرڪاري عمارت نہ ھئي، پر 100 کن ٻار ڳوٺ جي مسجد ۾ سرڪاري استاد کان علم حاصل ڪري رھيا ھئا. ڳچ ٻارن کي 20 تائين کوڙا ۽ سڄو ڪتاب بہ زباني ياد ھو. وڏي ڳالھ تہ انگريزي ڳالھ ٻولھ بہ کين سمجھ ۾ آئي پئي ۽ ڪجهہ ٻار تہ انگريزي ڳالھائڻ جي ڪوشش بہ ڪري رھيا ھئا.

جيڪڏھن اسان مسجدن ۾ علم جي اھڙي شمع ٻاري رکون تہ ھوندَ عمارتن جي کوٽ ختم ٿي پوي. ڪوھستان جي ھڪ ”بنا عمارت“ واري پرائمري اسڪول ۾ ست سال ڪم ڪرڻ دوران در در وڃي ٻارن جي داخلا ڪري انھن کي ھڪ "مڊل اسڪول” ۾ پڙھڻ لاءِ ويھاريم. عجب اتفاق تہ بنا عمارت واري پرائمري اسڪول ۾ 250 ٻارن لاءِ صرف ٻہ استاد، جڏھن تہ عمارت واري مڊل اسڪول ۾ 10 ٻارن لاءِ 12 استاد مقرر ھئا. نيٺ پنجن سالن کان پوءِ پرائمريءَ جي ڪري ئي، مڊل اسڪول جي داخلا مَسَ مَسَ وڃي 50 تائين پھتي. اھو ”اسٽوڊنٽ ٽيچر ريشو“ جي ناڪاميءَ جو چٽو ثبوت آھي.

اھڙا ڪيترائي اسڪول ملندا، جتي استادن جو تعداد ٻارن کان وڌيڪ آھي، پر وَسَ وارا الائي ڇو ان معاملي کي حل نٿا ڪن؟ ٺٽي ضلعي جي يونين ڪائونسل ڪوھستان ۾ 50 سيڪڙو اسڪول، بايوميٽرڪ جي اڻپوري ۽ اڍنگي پاليسيءَ جي ڪري بند ٿي ويا آھن. ھتان جي مشھور ڳوٺ مالماڙيءَ ۾ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جي قائم ٿيل تاريخي پرائمري اسڪول مان جتان سوين عالم، اديب، ڊاڪٽر، انجنيئر، ليکڪ ۽ سائنسدان پڙھي ويا، اڄ اھو اسڪول ان پاليسيءَ جي ڪري بند آھي.

تترن جي تنوارن ۾ اک کوليندڙ ھي ٻالڪ اھو دور ڏسن پيا، جتي ترقيءَ جي تيز ڏڦيڙ ۾ سندن قديم اباڻن دنگن تي ھر روز نوان پَن بجليءَ جا آفت نما کنڀا ۽ ديوقامت کنڀَ ڦِرڻ لڳن پيا. ميلن جا ميل پنڌ ڪندڙ ماروئڙن جا ٻالڪ اڄ ”واڙ کان واڙ“ تائين، موٽر سائيڪل جي ٽائرن سان ڌُڌُڙ ڀلي اڏائين، پر کين اھا پَڪَ آھي، تہ ھو جيڪڏھن محنت ڪندا تہ ضرور ڪا منزل ماڻيندا، ان ڪري ھو پنھنجن بند اسڪولن کي ڏسي پريشان آھن.

ھتي اسڪولن جون اھڙيون عمارتون پڻ ملنديون، جتي ڪڏھن بہ درس ۽ تدريس شروع نہ ٿي سگھي. اتي ماضيءَ ۾ باقاعده اسڪول ھلندا ھئا، جيڪي تعليم کاتي جي مسلسل ناڪام پاليسين سبب ھاڻي بند ٿي چڪا آھن. انگريزن جي دور کان وٺي ”ھارڊ“ (محال) ڄاتو ويندڙ ٺٽي جي ڪوھستان ۾، ھن ڀيري تعليم کاتي پاران ھارڊ ايريا لسٽ ۾ شامل نہ ھجڻ ڪري، تازو ٽيچرس جي لاءِ ٿيل امتحان ۾ ھڪ بہ اميدوار پاس نہ ٿي سگهيو. سنڌ سرڪار کي گهرجي تہ اھا پٺتي پيل پر اھم علائقي جي تعليم ۽ روزگار تي خاص ڌيان ڏي.

ڪاوش دنيا مئگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close