پراڻي لاڙَ جي پڇاڙ جي ڳولا ۾… (پھرين قسط)

گل حسن ڪلمتي

اسان جو سفر، سنڌو درياھ جي ڊيلٽا جي اهم علائقي تعلقي گهوڙا ٻاڙيءَ جي ڳاڙهو، جوهو، جهالو، ٻگهاڻ، ڍانڍو ۽ ٻاٻيهو ڏانهن هو.

هڪ ڏينهن اڳ ملير جي جاکوڙي ڪردار سائين خدا ڏني شاھ فون ڪئي ته، ”ڍانڍي پتڻ لڳ مائٽ شاھ حسين، ’پلي‘ جي دعوت رکي آهي، سائين رخمان گل پالاريءَ کي وٺي اچجو. اوڏانهن هلڻو آهي.“

ٻه سال اڳ جڏهن ڪورونا وبا جي ڪري اسان پنهنجو سامونڊي ٻيٽن جو سفر مُلاڻو ڪوٽ کان پوءِ ختم ڪيو هو ته، ”پلي“ جي دعوت ته هڪ بهانو هئو، اصل ۾ اهو سفر ٻيهر شروع ڪرڻ ۽ ان کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ دوستن سان ملڻ جو هي پروگرام هئو، ته جيئن جلد ٻوهارن لڳ ڌارا جا ڪوٽ کان سفر شروع ڪجي.
رزاق آباد، ملير کان اسان ٻن گاڏين جي قافلي ۾ روانا ٿياسين. سفر ۾ مون سان گڏ، سائين خدا ڏنو شاھ (جيڪو قافلي جو سرواڻ هو)، ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، هارون شاھ، عبدالستار شاھ، حيدر شاھ، حيدر شاھ جو ننڍڙو نعمان حيدر ۽ امان الله جوکيو گڏ هئا. پروگرام اهو هئو ته ڪيٽي بندر لڳ ”جوهو“ وڃبو، جتي ميمڻن جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ سائين خدا ڏنو شاھ ٽي درجا پڙهيو هو. ”جوهو“ ڏسبو، جتي سائينءَ جو ٻاروتڻ گذريو هو ۽ جتي سندس وڏڙا دفن آهن.

اسان گذريل آگسٽ مهيني جي هڪ گرم ڏينهن جو گهاري شهر کان پوءِ ڳاڙهو، ڪيٽي بندر روڊ تي آياسين. ”گهارو ڪريڪ“ اصل ۾ سنڌوءَ جو قديمي شاخ ڦٽو آهي، جنهن کي مٿي ”ڪلري شاخ“ ۽ پورٽ قاسم کان هيٺ ”ڦٽو“ يا ”ڦٽي“ چون ٿا.
ڦٽو ۽ بگهاڙ (بگهياڙ) اهي ٻئي سنڌو درياھ جا اهم ۽ قديمي ڦاٽ آهن، جن جي ڪري ديبل، ڀنڀور ۽ جاکي (لاهري) بندرن تان جھاز ٺٽي ۽ اڳتي ويندا هئا. ڦٽو ڪلري (ڪينجهر) ڍنڍ ڀرڻ کان پوءِ جهول، هڏيري ۽ هاليجي ڍنڍن کي ڀري شيخ تراب ۽ صدرالدين شاھ ميران پير کان گهاري، ڀنڀور کان ابراهيم حيدريءَ لڳ ڀنڊار ٻيٽ لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. هاڻي هي ڀنڊار کان پورٽ قاسم تائين جھازن لاءِ چينل آهي. ڊيمن جي ڪري جڏهن مٺو پاڻي اچڻ بند ٿيو ته، سمنڊ جي وڌڻ ڪري هيءَ شاخ، کاري ۾ تبديل ٿي ويئي.

يونانين جي پوئين دور جي ڪتابن ۾ سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جو ذڪر ملي ٿو. جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ ٽالمي جي حوالي سان ڇوڙ واري علائقي ۾ سنڌو درياھ جي ستن ڦاٽن، 1. ساگايا، 2. سنٿن، 3. ڪري سائون، 4. ڪاري فران، 5. ساپرا، 6. سابالائسا ۽ 7. لوڻي ٻاري جو ذڪر ڪري ٿو.

هاڻوڪي دور ۾ سنڌوءَ جي ڪنهن به ڦاٽ جو نالو انهن نالن سان ميل نٿو رکي. سنڌو درياھ ويجهڙ ۾ 17 ڦاٽن وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. گهاري (ڦٽي) کان وٺي سير ڪريڪ تائين هاڻي گهڻا مٺي پاڻيءَ جا ڦاٽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جا ڪريڪ ٿي ويا آهن. گهاري کان ڳاڙهي شهر تائين سنڌو درياهه ٻن اهم ڦاٽن: ڦٽو (گهارو) ۽ بگهاڙ ۾ ورهايل هئڻ ڪري ڊيلٽا جو هي علائقو زراعت ۽ بندرن ڪري آباد هو. اهي ٻئي ڦاٽ ٻين ڪيترن ڦاٽن وسيلي، جن ۾ ريشيل، شيشا، پيئٽياڻي، ننڍي کُڏي، وڏي کُڏي، ڦٽي ۽ ٻين وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا.

گهاري کان اڳتي، اسان ڄام واھ (ڄام برانچ) کي پار ڪيو. سائين خدا ڏنو شاھ علائقي جي تاريخ، ايوب خان جي دور ۾ ڪامورن ۽ ٻين کي الاٽ ٿيل زمينن بابت ٻڌائيندو هليو. ڄام واھ، جوکين جي ڄام، زراعت لاءِ کوٽايو هو، تنهن ڪري هن کي ”ڄام واھ“ جو نالو ڏنو ويو. اڳتي ملڪا اسٽاپ آهي، جيڪو ملڪا شاخ تي هئڻ ڪري انهيءَ نالي سان مشهور آهي. ”ملڪا“ اصل ۾”ملڪ“ شاخ آهي، جيڪا ڪلمتين جي ”ملڪ“ ڪنهن دور ۾ زراعت لاءِ کوٽائي هئي، تنهن ڪري ان تي ”ملڪ واھ“ نالو پيو، جيڪو بعد ۾ بگڙي ”ملڪ“ مان ”ملڪا“ ٿيو آهي. هن تر ۾ جوکين، ڪلمتين، خاصخيلين، گبولن ۽ ملاحن جا وڏا ڳوٺ آهن. پراڻن زمانن ۾ هي علائقو نگامڙن، ڀڙجن، جيڪي راڻا سڏبا هئا، جو علائقو هو. قبائلي جهيڙن هتان جي علائقي جي صورتحال تبديل ڪري ڇڏي. اها سومرن جي آخري ۽ سمن جي شروع واري دور جي ڳالھ آهي.

اڳتي ”لڌيا واھ“ لڌيا اسٽاپ ۽ بازار آئي. ”لڌيا“ تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ خيال آهي ته، ڪلمتي قبيلي جي هڪ شاخ ”هديہ“ جا ماڻهو رهن ٿا، تنهن ڪري انهن جي ڪري واھ جو نالو ”هديہ“ ٿيو، جيڪو پوءِ بگڙي ”لڌيه“ ٿيو آهي. بهرحال هن تي اڃا تحقيق جي ضرورت آهي.

ميرپورساڪرو شهر کان پهرئين ٽاڪاڻي شاخ تي آياسين. ٽاڪاڻي شاخ تي ورهاڱي کان اڳ هندن جي وڏي آبادي هئي، جن مان گهڻا لڏي هندستان ويا، ۽ جيڪي بچيا اهي مسلمان ٿي شيخ ٿيا. ٽاڪاڻي تي حاجي محمد سوڍو بگهياڙ جو ڳوٺ آهي. حاجي سوڍو بگهياڙ مشهور سگهڙ ۽ تاريخ جو ڄاڻو هئو. هن ڪيترن محققن ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي هتي گهرائي ڪچھريون ڪرايون هيون. لوڪ ادب کي سهيڙڻ واري ڪم ۾، هو گهڻن سفرن ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان جو ٻانهن ٻيلي هو. ”ٽاڪاڻي“ شاخ سنڌ جي ڀلوڙ اداڪار، هدايتڪار ۽ صداڪار ”جاويد ٽاڪاڻي“ جي ڪري به مشهور آهي. جاويد خاصخيلي ٽاڪاڻيءَ جو ڳوٺ به انهيءَ شاخ تي آهي.

ميرپورساڪري مان منصور لاشاري اسان جو همسفر ٿيڻو هئو، پر هو پهچي نه سگهيو. اسان ڊيلٽا جي اهم مرڪز ”ساڪورو“ کي ڇڏي اڳتي روانه ٿياسين. ساڪري جو هي ٽيون وجود آهي. عربن جي دور جو ”ساڪوره“ هاڻوڪي ميرپور ساڪري جي اولھ پاسي سمنڊ ڪناري هو. پوءِ پير محموداڻي درگاھ لڳ آباد ٿيو. ميرپور ساڪرو ٺٽي ضلعي جو تعلقو آهي، جنهن ۾ هن وقت 92 ديهون شامل آهن. ڪجهه ديهون سمنڊ جي اڳتي وڌڻ ڪري ختم ٿي ويون آهن.

ميرپور ساڪري کان پوءِ ٻوهارن جو شهر آيو. ٻوهارن کان اڳ بگهاڙ (جنهن کي بگهياڙ شاخ به چون ٿا) پار ڪيوسين. بگهاڙ جو پراڻو نالو ”اُر“ هو، چچنامي ۾ جنهن ”ساڪوره نالہ“ جو ذڪر آهي، هي اهوئي آهي. هڪ خيال اهو به آهي ته، ڪلمتين جي بگهاڙ قبيلي جي رهڻ ڪري هي بگهياڙ ۽ ”بگهاڙ“ مشهور ٿيو.

”ٻوهارا“ شهر ڪنهن زماني ۾ ”ٻوهارا“ ذات وارن جو ڳوٺ هو، هاڻي هي شهر آهي. ”ٻوهارا“ ذات جا ماڻهو اڄ به هتي رهن ٿا. بگهاڙ ڦاٽ، جهرڪ ڀٽين جي شهر ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي جنم هنڌ ”جهرڪ“ لڳ، هيلائين جي ٻُڌڪا ٽڪريءَ وٽان سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڦٽو (گهاري) کان پوءِ اهم ڦاٽ آهي، جيڪو درگاھ پير پٺي واري ٽڪريءَ جي اوڀر پاسي کان ڦيرو ڏيئي ساڪري ۽ ٻوهارن وچان وهي، دٻو ۽ پئٽياڻي ڦاٽن جي نالن سان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. ديبل به انهيءَ ڦاٽ مان نڪرندر ”دٻو“ شاخ تي هو. انهيءَ شاخ تي رهندڙ ماهيگيرن کي ”دٻلا“ يا ”دٻيلا“ چيو ويندو آهي. هتي سمنڊ جي کاري پاڻي جي اچڻ ڪري ”دٻلا“ هتان لڏي ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن ڏانهن هليا ويا.

ڊيلٽا جي هڪ ٻئي اهم واپاري مرڪز ”ڳاڙهو“ شهر ۾ داخل ٿياسين. اڳ ۾ جڏهن واهن ۽ شاخن ۾ مٺو پاڻي ايندو هو، ڊيمن ۽ بئراجن وسيلي سنڌوءَ کي قيد نه ڪيو ويو هو ته، ڳاڙهو شهر آباد هو. هتان روزانو ڪيلن ۽ پپيتن جون ٽرڪون ڀرجي ڪراچي ۽ پنجاب ڏانهن وينديون هيون. هتان جا ماڻهو خوشحال هئا. پوري ملير جا ماڻهو هتي اچي زراعت ڪندا هئا. هاڻي ڪلراٺي زمين اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ڪٿي ڪٿي اڃا زراعت موجود آهي. ڳاڙهو کان ”جوهو“ ۽ ڪيٽي بندر وارا علائقا سمنڊ جي پاڻيءَ ڪي مٿي چڙهڻ ڪري ويران ٿي ويا آهن. ذوالفقارآباد منصوبي کان پوءِ هڪ سازش تحت سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي ويئي آهي. ڪنهن وڏي منصوبي هيٺ پاڻي بند ڪري ماڻهن کي زمينون وڪڻڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي ۽ ڪراچي شهر جا واپاري هتي تيزيءَ سان زمينون وٺي رهيا آهن.

ڳاڙهو، تعلقي گهوڙا ٻاريءَ ۾ آهي. تعلقي گهوڙا ٻاري ۾ 61 ديهون آهن. زراعت جي ڪري هي مشهور علائقو، انڊس ڊيلٽا جو حصو آهي، جتي حجامڙي شاخ جي ڪري اڻ ڳڻيون شاخون ۽ ڪريڪ آهن. گهوڙا ٻاري تعلقو؛ ڪيلي، پپيتي ۽ پان جي پيداوار جي ڪري مشهور هو. ويجهي عرصي ۾ ڪيلي کي ڪا پراسرار بيماري لڳڻ ڪري هاڻي ماڻهو ڪيلي جي گهٽ پوک ڪن ٿا. زرعي ماهرن جو چوڻ آهي ته، پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ شهرن ۾ فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي جي ڪري ڪيلو تباھ ٿي ويو آهي. ڳاڙهو، جوهو، ڪيٽي بندر، مليرڙي، خاصو ٻيلو، دارسي، اداسي، ٻاٻيهو، جهانو، ٻگهاڻ، سڄڻ واري، مور ڇڏائي ۽ ڍانڍو کي ڄڻ نظر لڳي وئي. زندگي ڄڻ هتان رُسي وئي آهي. جيڪي زميندار هاري هئا، انهن کارين، ڇڇن، ڦاٽن ۽ ڍنڍن ۾ مڇي مارڻ جو رخ ڪيو، ته غريب مهاڻو دربدر ٿيو. هاڻي هتان ماڻهن جي لڏپلاڻ جو عمل جاري آهي، جيڪو هڪ وڏو انساني الميو آهي. حڪومت کي هن پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

ڳاڙهي شهر وچان وهندڙ گٽر جي پاڻي مان گذري اسان جو سفر ”جوهو“ ڏانهن هو. هڪ ٽُٽل رستي سان مختلف کارين کي پار ڪندا ”جوهو“ شهر پهتاسين. خاموشيءَ ۽ اداسيءَ اسان جو آڌرڀاءُ ڪيو. ”جوهو“ نثار ميمڻ ۽ مارئي ميمڻ جو ڳوٺ، ماضيءَ ۾ ڀلن فصلن ۽ چراگاهن طور مشهور هو. هن وقت اهو سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهي. سائين خدا ڏنو شاھ، جنهن جو ننڍپڻ هتي گذريو هو، جنهن جي ننڍپڻ جون يادون  هن سان لاڳاپيل ۽ جنهن جا وڏڙا هتي دفن آهن، اهو هن علائقي جي باري ۾ ٻڌائيندو هليو ته، ”هي اڳ ۾ پورو علائقو سرسبز ۽ شاداب هو. زراعت سان گڏ هتي مالوند ۽ ماهيگير رهندا هئا. مٺي پاڻيءَ جي ڪري ماڻهو خوشحال هئا. هتي هر قسم جو ميوو ۽ جهنگلي وڻن جا ٻيلا هئا.“

هي علائقو حجامڙي ڦاٽ جي ڪري آباد هو، جيڪو ”اوچتو“ جي نالي سان به مشهور آهي. حجامڙو، شم کناڻيءَ مان بگهاڙ شاخ مان نڪري ٿو. اداسي، ڳاڙهو شهر کان ور وڪڙ ڏيندو بگهاڻ، احمد سمون، ڀل کان ڪيٽي بندر لڳ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هن مان ڪيترائي ڦاڪ نڪرن ٿا، جن تي، مختلف علائقن مان گذرڻ ڪري مختلف نالا رکيا ويا آهن.

اسان مختلف کارين جي ڪناري، ڪچي رستي سان سفر ڪندا ڳوٺ محمد حسين ميمڻ پهتاسين. ڳوٺاڻن ”اوچتي درياھ“ لڳ اوچتي اچڻ وارن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. چانهن ۽ پاڻيءَ جو دور هليو. ماني لاءِ اسان منع ڪئي هئي، ڇاڪاڻ جو ڍانڍي ۾ ”پلا“ کائڻا ھئا. جڏهن سائينءَ پنهنجو تعارف ڪرايو ته، سڀ هڪ ٻئي جي سڃاڻپ وارا نڪتا. سائين خدا ڏنو شاھ 59 سالن کان پوءِ هتي پنهنجو اسڪول ڏسڻ آيو هو، جتي هو ٽي ڪلاس پڙهيو هو، پر هاڻي ان اسڪول جو ڪو وجود نه هئو. اسڪول سان گڏ ڪکائين لانڍي هئي. اها به ختم ٿي چڪي هئي. نمن ۽ ٻيرن جي وڻن جي جاءِ تي ديويءَ جا وڻ هئا. ڪچهريءَ ۾ پنهون ميمڻ، حاجي ميمڻ، اشرف ميمڻ ۽ مولوي قادر بخش سمون شامل هئا. ڊيلٽا جي هن پوري علائقي جا ڏک ساڳيا هئا: مٺي پاڻيءَ جو نه اچڻ ۽ سمنڊ جي وڌڻ ڪري زراعت ۽ چراگاهون جو تباھ ٿيڻ. هي ماڻهو هاڻي پنهنجي ماضيءَ کي ياد ڪري ايندڙ سٺن ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ جي رهيا آهن.

ڳوٺ محمد حسين ميمڻ جي ڳوٺاڻن کان موڪلائي اسان ”جوهو“ کان ڪيٽي بندر واري رستي سان ”اوچتو درياھ“ (حجامڙو) سان هلندا ”جهالو“ ڏانهن روانا ٿياسين، جتي عمر جت ڳوٺ جي اوڀر پاسي، واٽر سپلاءِ اسڪيم واري جاءِ لاءِ سائين خدا ڏني شاھ ٻڌايو ته، ”هتي سِکن جو ڳوٺ، ڦاٽ جي ڪناري هوندو هئو. هتي گوردوارو به هئو. سک ’پَن‘ جو ڪاروبار ڪندا هئا. بگهاڻ کان قلندري شاخ ۾ ڪيٽي بندر تائين ٻيڙيون هلنديون هيون. ماڻهو به ٻيڙين ۾ سفر ڪندا هئا. سکن جو ڳوٺ ديھ بانبٽو ۾ هئو. هتان ڪيٽي بندر ڇھہ ست ڪلوميٽر اولھہ پاسي آهي. ڪيٽي بندر پاسي ديھہ ”راهپوٽو“ آهي. اچڻ وڃڻ لاءِ ”اوچتي درياھ“ تي پتڻ هوندو هو. هتي گهڻو ڪري ملاح، ميمڻ، جت ۽ خاصخيلي رهن ٿا. ”اوچتي پتڻ“ لڳ ”ٽڪو واڻئي“ جو ڳوٺ هوندو هو.

ڪيٽي بندر انگريز دور ۾ درآمد ۽ برآمد جو اهم مرڪز هو. مٺي پاڻيءَ جي گهٽجڻ ڪري سمنڊ جو پاڻي اڳتي وڌندو رهيو. اهڙي طرح هاڻوڪي ڪيٽي بندر جو ٽيون وجود آهي. اها صورتحال رهي ته، ڪيٽي بندر دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندو.
اسان مختلف رستن تان ۽ قلندري شاخ جي ڦٽل پيٽ مان ٿيندا ديھہ جهالو خاصخيلي پهتاسين. جهالو ۾ ٿوري گهڻي زراعت ڏسي خوشي ٿي.

قلندري (ڪوڪي واري) جهالو وٽ ”اوچتي“ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ڪنهن دور ۾ هي سمن ۽ ڀڙجن جو علائقو هو. جهالو جا پير بهاءُالدين زڪريا جا مريد آهن، جتي اسان جو دوست عبدالقادر به رهندو آهي. جلديءَ ۾ هئڻ ڪري هن سان رابطو نه ڪري سگهياسين.

”هي ڇاڙون ۽ ڇڇ اڃا اوڙاهه آڳانهون ٿيو“
هاڻوڪي ڪيٽي بندر جو ٽيون وجود آهي. اها صورتحال رهي ته، ڪيٽي بندر دنيا جي نقشي تان ميسارجي ويندو.

نوٽ: گل حسن ڪلمتي جو ھي مضمون (پھرين قسط) آچر 5 سيپٽمبر 2021 تي ڪاوش دنيا ۾ ڇپيو ھو، ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش اخبار جي ٿورن سان ھتي شايع ڪيو ويو)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close