سنگهرَ پَٽُ، جتي سسئي سُتي
سنگهر پٽَ وارا آثار:
عباس هوٽل اسٽاپ کان پوءِ پٻ جو جابلو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جتان موضع منهٻار جون حدون شروع ٿين ٿيون. ٿڙي لڪ کان پوءِ چئني پاسن کان جبلن جي زنجير ۾ هڪ وادي اچي ٿي، جتي ڳوٺ به آهن. ان کي ”ننڍي سنگهر وارو پَٽ“ چيو ويندو آهي. هي چراگاھ به آهي. ”سسئيءَ جي واٽ“ تي تحقيقي ڪم دوران مون ۽ سائين رخمان گل پالاريءَ انهيءَ رستي سان ڪيترائي ڀيرا سفر ڪيو آهي. ”ٿڙي لڪ“ کان پوءِ هڪ بُٺيءَ تي ڪوٽيرو ۽ ان سان لڳ قبرستان آهي (جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيو آهيان)، انهي ڪوٽيرڙي جي اوڀر پاسي پٻ جبل ۾ ٻه کُونئَريُون (کوهيون) آهن، جيڪي سسئيءَ جي نالي سان منسوب آهن. ان کي ”سسئيءَ جو ٽوڀو“ چيو وڃي ٿو. هن ٽوڀي جي اوڀر اولھ پاسي ۾ کجين جي جهڳٽي ۾ ٻه ٻيون کونئريون آهن. آس پاس جا ڳوٺاڻا ۽ مالوند ماڻهو مال لاءِ انهن کونئرين مان پاڻي حاصل ڪندا آهن. انهن جو پاڻي صاف ۽ مٺو آهي. هتي اها ڳالھ مشهور آهي ته، ”سسئي جي دعا سان اهو پاڻي ظاهر ٿيو هئو. بعد ۾ ڪيترائي ڏڪار آيا، پر انهن کوهن جو پاڻي خشڪ نه ٿيو. انهن کي سسيءَ جي دعا آهي.“
اڳتي پٻوڻي ناڪو آهي، جيڪو به پراڻن وقتن کان موجود آهي. هاڻي هتي ناڪي بدران ليويز چوڪي آهي. هتان جا سپاهي فخر سان ٻڌائن ٿا ته، ناڪي واري زنجير ۽ ان سان ٻڌل ٻئي لوهي راڊ انگريزن جي دور جا آهن.
سنگهر پَٽ؛ ٻه آهن. پٻ جبل ۽ پٻوڻي ناڪي لڳ ننڍي سنگهر، کرپلاڻ لڪ کان پوءِ منٻهار جبل ۽ منهٻار نئين تائين وڏي سنگهر، جتي سسئي پنهونءَ جي درگاھ آهي. سڪندر مقدوني سنڌ حملي کان پوءِ ۽ محمد بن قاسم سنڌ تي حملي لاءِ اهو ئي رستو اختيار ڪيو هو. ننڍي سنگهر مان هڪ رستو سسئي پنهونءَ جي مزار ڏانهن وڃي ٿو. کرپلاڻ لڪ کان اڳ ۾ هڪ رستو اولھ پاسي کان شورداڻ جبل کان وندر ڏانهن وڃي ٿو. پنڌِ سفر ڪندڙ؛ وندر لاءِ اهو رستو اختيار ڪن ٿا.
پٻوڻي ناڪي واري علائقو؛ ڪوٽيرو، قديمي قبرستان، پاڻي، سرڪاري چنگي ناڪي ۽ هتي پکيڙيل ٺڪراٺي مان لڳي ٿو ته، هي قديمي ماڳ آهي. اسان اهو سفر رستي سان ڪيو هو. آس پاس جبلن ۽ وسندين ڏانهن به اهڙا آثار موجود آهن، جن جي سروي لاءِ هتي ٻه ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ انهن تائين پهچي سگهبو.
پٻوڻي ناڪي کان کرپلاڻ لڪ، ٽي ڪلوميٽر آهي، جيڪو به ڏکيو لڪ هو. پر ان کي هاڻي ڪٽي گاڏين لاءِ رستو ٺاهيو ويو آهي. کرپلاڻ لڪ لڳ ننڍي سنگهر پٽَ ۾ سسئي پنهونءَ جي درگاھ ڏانهن ويندي لڪ کان پهرين، روڊ جي ٻنهي پاسن کان چوڪنڊي طرز جي اڏاوت جون اوائلي چٽساليءَ واريون گهاڙيون قبرون آهن. گهاڙي قبرن جي اها گهڙت ۽ اڏاوت اوائلي اڏاوت واري دور سان تعلق رکندڙ آهي. قبرن تي نالا لکيل نه آهن. ڪجهہ قبرن ۾ وڏا گهڙيل پٿر استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي آس پاس جي ٽڪرين جا نٿا لڳن. اُنهيءَ قبرن سان لڳ اولھ پاسي ٽڪريءَ جي ڀڪ ۾ هڪ پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾ عام اڻ گهڙيل پٿر استعمال ٿيل آهن. چوڪنڊيءَ طرز اڏاوت وارين قبرن لڳ اولھ پاسي هڪ جاءِ جا آثار آهن، جتي زمين سان برابر بنياد جا پٿر موجود آهن. هڪ جاءِ تي ڍير جي صورت ۾ پٿر رکيل آهن، جيڪي مٿي ڄاڻايل جاءِ جا ڪِريل پٿر آهن، يا اهي الڳ سان موجود آهن، پر ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته، اهو پٿرن جو الڳ ڍير آهي، جنهن ۾ هڪ کٿل روهي هئي، جيڪا هاڻي روڊ جي ڪناري لڳل آهي. اها روهي زمين کان ٽي فٽ مٿي آهي.
کرپلاڻ لڪ، لڳ، سسئي پنهونءَ جي درگاھ ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي چوڪنڊي طرز اڏاوت وارين قبرن جي اتر پاسي، ٽڪريءَ سان لڳ، وڏن پٿرن جي اڏاوت وارن ٽن ڪمرن جا آثار موجود آهن. انهن ٽنهي ڪمرن جا دروازا ڏکڻ پاسي آهن. ڪمرن جي اڏاوت ۾ اڻ گهڙيل وڏا پٿر استعمال ڪيا ويا آهن. بنياد کان مٿي، ڪٿي ڪٿي اڃا ٻن کان ٽن فٽن جون ديوارون موجود آهن. ڪمرن جا بنياد؛ ٻن لائنن ۾ وڏن پٿرن جا آهن. وچ ۾ بنا مسالي جي ننڍا پٿر استعمال ڪيل آهن. سڀني ڪمرن جي بنياد جا پٿر موجود آهن. اهي ٽيئي ڪمرا ڊيگهه ۾ اندازاََ 30 فٽ ۽ ويڪر ۾ 20 فٽ آهن. ذڪر ڪيل ڪوٽيرن/هديرن ۽ اُنهن جي اڏاوت ۽ سائز ۾ فرق آهي. ڪوٽيرا/هديرا گهڻو ڪري ننڍين بُٺين، ننڍين ٽڪرين تي آهن.
اُنهن ٽنهي ڪمرن کان چوڪنڊي طرزِ اڏاوت وارين قبرن، جن سان لڳ جاءِ، پٿر جي ڍيرن ۽ پراڻين قبرن تي ٻڌل هي هڪ پراڻو ماڳ لڳي ٿو، جيڪو مختلف دورن ۾ استعمال هيٺ رهيو هوندو. هي ڪمرا جبل جي ڀِڪ ۾ آهن. اڄ به ڪوهستان ۾ پٿر جا بنا مسالي ۽ بنا اوساريءَ جا گهر موجود آهن. اُنهن ۾ ننڍا ۽ ڪجهہ گهڙيل پٿر به استعمال ڪيا وڃن ٿا. ذڪر ڪيل ڪمرن ۾ وڏا پٿر استعمال ٿيل آهن. ڪوهستان ۾ بنا مسالي جي پٿر جون ديوارون ٺاهيون وينديون آهن. اهي جڳهيون وڏيون ۽ ويڪريون هونديون آهن، ڇاڪاڻ ته هتي هڪ ڪمري جي گهرن جو رواج آهي، جنهن ۾ سمهڻ، هنڌ بسترا رکڻ ۽ ويهي ڪچهري ڪرڻ جو رواج آهي. اُنهن ڪمرن جي ڇٿ لاءِ ڪاٺيون، گاھ، پِيش جا ڦڙها ۽ ڇِتر (پڙڇ) استعمال ڪيا ويندا آهن. دروازو کُليل هوندو آهي. درين جي جاءِ تي ڪمال سان پٿر رکي هڪ سوراخ ٺاهيو ويندو آهي. سرديءَ ۾ اهڙين درين کي ڇترن (پڙچن) سان بند ڪيو ويندو آهي.
کر پلاڻ وارا اهي ڪمرا به ماڻهن جي رهڻ لاءِ ٺاهيل لڳن ٿا. اهي قافلا سراءِ جا ڪمرا به ٿي سگهن ٿا. هتي ڪمرن کان قبرستان تائين ٺڪراٺو موجود آهي. ڪمرن جي سامهون ڪجهه فاصلي تي برساتي ڍورو به آهي. جتان اهو برساتي ڍورو اچي ٿو، اتي هڪ گبر بند جا آثار آهن. تنهن ڪري پٻ،پٻوڻي ۽ سنگهر پٽ ۾ وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.
کرپلاڻ لڪ کان عباس هوٽل تائين مفاصلو 11 ڪلوميٽر آهي. وچ ۾ پٻ جو جابلو سلسلو آهي. اهو مڪمل طور پراڻو ماڳ آهي. انهن مان مون فقط اُنهن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي رستي سان آهن.
هي رستو سڪندر مقدوني به مڪران وڃڻ لاءِ استعمال ڪيو هئو. تحقيق سان اُن دور جا آثار ملي سگهن ٿا، ان ڪري ذڪر ڪيل آثارن تي تحقيق جي ضرورت آهي. ٿي سگهي ٿو، اهي سڪندر مقدونيءَ جي دور جا آثار هجن ۽ بعد ۾ اهي گهڻي عرصي تائين هتان جي مختلف قبيلن جي استعمال ۾ آيل هجن، پوءِ قبيلائي لڙاين يا ڏڪار جي ڪري ماڻهو هي علائقو ڇڏي ويا هجن.
هن علائقي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو (۽ جيڪا ڳالھ سسئي پنهونءَ جي درگاھ جي خليفي ٻُڌائي هئي) ته، ڪنهن دور ۾ هتي ڀڙج رهندا هئا، جيڪي ڪلمتين سان ٿيل سندن لڙائيءَ ۾ هُو هِي علائقو ڇڏي ويا، ۽ ڏڪار جي ڪري، سمن واري دور ۾ ڪلمتي هي علائقو خالي ڪري ويا.“ اها ڳالھ سمن جي دور جي آهي. هي آثار لڳي ٿو، ان کان اڳ جا آهن.
کرپلاڻ لڪ، کان پوءِ ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي سسئي پنهونءَ جي درگاھ آهي، جيڪا وڏي سنگهر ۾ آهي، اتي هن وقت باکڙا ۽ ٻُرا قبيلي جا ماڻهو رهن ٿا. سنگهر ۾ سسئيءَ جي دفن ٿيڻ جي گواهي ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڏني آهي:
”سِسِي ڏيئي سام، ستي سنگهر پٽيين.“
ڀٽائي به انهيءَ رستي سان وندر ۽ اڳتي ويو هو.
(ڪاوش دنيا ميگزين ۽ ليکڪ جي ٿورن سان)
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -1
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -2
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار -3
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-4
-
ضلعي لسٻيلي جا قديم آثار-5