جا تو ڏٺي اڇ!

گوھر ميمڻ

پير سائين پاڳاري سان چونڊ اتحاد، ورق، گڏيل پريس ڪانفرنسون، چونڊ ويڙھ، ناڪامي، ۽ سسٽم ۾ جڳھ نہ ملڻ خلاف احتجاج جي صدا ۽ صدا کي ورنائيندي احتجاج جي جرات تي قصيدا گوئي، سڌو ڳالھائڻ، چتاءِ ڏيڻ، اھي ڳالھيون پريس ڪانفرنس ۾ ويھي ڪرڻ جيڪي رات جي پوئين پھر ۾ بہ ھڪٻئي کي سرٻاٽن ۾ چئبيون آھن، پيراڻي نجات جي ان راڳ تي آخر جھمر ڇو نہ ھڻجي؟ ھڪ پاسي پيپلز پارٽي پئي سوڙي ٿئي، ٻي پاسي سسٽم عدم استحڪام جو شڪار پيو ٿئي، اسان کي ٻيو ڇا کپي؟ اھي مير پير وڏيرا آھن تہ پوءِ پي پي ۾ ڪير ويٺا آھن؟ ان خاندان جي تہ مزاحمت جي تاريخ بہ رھي آھي انگريزن خلاف، انھن سان ھڪ دفعو وري استعماري قوتن خلاف اھڙي ويڙھ جي توقع ڇو نہ ڪجي؟ اھو آھي تت جنھن بنياد تي سنڌ جو قومپرست ڌريون پيراڻي ڀاڪر ۾ آٿٿ ڳوليندي حيدرآباد ۾ منڊلي سجائڻ وڃي رھيون آھن. ان مڪر ۽ خود فريبي جو جائزو ضروري آھي.

ٿورو پُٺتي ھلون. ڳالھ جو بنياد جيئن تہ سسٽم ۾ شراڪتداري نہ ملڻ جي بنياد تي انقلابي ٿيڻ آھي تہ ياد ڪريو نواز شريف ۽ گوجرانوالہ جي جلسي ۾ سسٽم جي آقائن خلاف يلغار. ھڪڙي پنجابي دانشور تہ ان جلسي کانپوءِ اھو لکيو تہ نواز شريف اڄ سُقراط ۽ منصور الحلاج جي صف ۾ بيھي رھيو آھي جو ھن نتيجن جي پرواھ نہ ڪندي سچ ڳالھايو آھي. انھن ۾ ئي حيدرآباد ۾ ھڪڙي محفل ۾ ويٺا ھئاسين تہ ھڪڙو صحافي تازو ميان صاحب سان لنڊن ۾ ملاقات ڪري آيو ھو ۽ خوشي مان ماپيو نٿي تہ پاڻي مٿي تان چڙھي ويو آھي ۽ سول بالادستي ھاڻي ملڪ جي بس چانئٺ تي اچي بيٺي آھي، محفل ۾ اھا گوھرافشاني بہ ٿي تہ ڳالھ سسٽم خلاف بيھڻ جي آھي ۽ سڀاڻي اگر عمران سسٽم خلاف بيٺو تہ اسان کي ان سان گڏ ٻ بيھڻ کپي. عمران جيئن تہ پنھنجي پر ۾ عالمي سطح جو اڳواڻ آھي ان ڪري جڏھن کيس لت لڳي تہ سسٽم جي جنھن حصي کيس ڪڍيو، ان کي نيوٽرل ۽ جانور چوڻ سان گڏ ھو آمريڪا بھادر تائين پھچي ويو ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن پارليمينٽ ۾ چيو تہ اسان جي ليڊر سان اھو ئي پيو ٿئي جيڪو آمريڪي سامراج سان ويڙھ ڪندڙ محمد مصدق، سلوادور آلندي ۽ ھوگو شاويز سان ٿيو. گوجرانوالا جي جلسي ۾ پيدا ٿيندڙ منصور الحلاج (نواز شريف) اڄ سڀني جي سامھون آھي ۽ پنڊي ۾ قيد ھوگو شاويز جي حق ۾ آمريڪا ۽ يورپ مان بيان جاري پيا ٿين. سنڌ سطح تي صرف پاڳارو ناھي جيڪو شراڪت ڌاري نہ ملڻ تي پُٽ جي پي کان الڳ ٿيڻ جي ڳالھ پيو ڪري پيپلز پارٽي بہ ”اينٽ سي اينٽ بجادين گي“ يا ”بنگلاديش ٺھيو تہ سنڌوديش بہ ٺھي سگھي ٿو“ جھڙيون ڳالھيون ڪندي رھي آھي.

سوال اھو ناھي تہ انھن مان ڪنھن جي چونڊ ڪجي يا وقت جي تقاضا ڇا ٿي چئي، سوال اھو آھي تہ سسٽم جي اندر جي ويڙھ تي وڄنڌڙ دھل تي دوسو واري چاپ ھڻڻ جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ٻيو تہ سياست ۾ ھر وقت ھن سان يا ھُن سان جي منطق جي ڪھڙي ضرورت آھي؟ ان کي فلسفي ۾ ”بليڪ اينڊ وائيٽ فيلسي“ بہ چئبو آھي جنھن ۾ سوچ جي گنجائش گھٽ ھوندي آھي ۽ تڪڙو ڪم کي اڪلائي وٺبو آھي. استعماري قوتن وٽ اھو ئي منطق ھوندو آھي جنھن سان سندس ڪم سولو ٿي پوندو آھي تہ جيڪو اسان سان گڏ ناھي اھو اسان جي دشمن سان گڏ آھي. اتي تہ پوءِ اھو سوال بہ رکي سگھجي ٿو تہ اگر اوھان پنھنجي دشمن سان وقتي طور ناراض آھيو ۽ سڀاڻي پرچي ويندا تہ اسان جو ازلي دشمن جيڪو اوھان جو وقتي دشمن آھي، ۽ سڀاڻي اوھان بہ ان ازلي دشمن سان گڏ ھوندا ۽ اوھان جي مخالفن جو ھو وقتي دشمن ٿي پوندو تہ اوھان جي ان ڇسي، اٻھري ۽ مڪر تي مشتمل مزاحمت بجاءِ اسين مستقل مزاجي سان پنھنجي ماڻھن ۾ ڪم ڇو نہ ڪندا رھون؟ اھو سمورو نظام جنھن ۾ اوھان پير، مير، وڏيري ۽ جاگيردار ھئڻ جي حيثيت بحرحال آخري نتيجي ۾ سسٽم ئي بچائيندا تہ پوءِ اسان توھان سان گڏجڻ کان پھرين پاڻ کان اھو سوال ڇو نہ ڪيون تہ ”تون ڪيئن منجھان تن پاڻ سڏائين مارُئي“؟ اھو ڪھڙو نجات جو رستو آھي جنھن جي اڳواڻي ارباب رحيم، مرتضي جتوئي، لياقت جتوئي، ۽ پيراڻي گادين جي ھٿ ۾ آھي؟ سسٽم ۾ اگر ڏار پون پيا تہ ان جو فائدو وٺندي ماڻھن ۾ پنھنجو ڪم مستقل مزاجي سان ڪندو رھجي تہ حالتن جي تبديل ٿيڻ تي تياري پوري ھجي يا سسٽم جي ئي بينيفشريز پويان يتيم ٻار وانگي پيو ڍوڙجي تہ ھاڻي منھنجي نجات جو وسيلو ۽ ذريعو منھنجي ھي پي آھي؟ بريخت واري ڳالھ تہ بدنصيب آھي ھا قوم جنھن کي مسيحائن جي ضرورت پئي ٿي! پيراڻي گادي جي ان حصو پتي وڌائڻ واري مزاحمت کي انگريزن جي زماني واري مزاحمت سان ڀيٽ ڪندي اھو مثال ٿو ياد اچي جڏھن نيپولين جي ڀائيٽي لوئي بوناپارٽ پاڻ کي چاچي جيترو چڱو مڙس سمجھي 1852ع ۾ فرانس جي اسيمبلي ٽوڙي پاڻ کي ”شھنشاھ نيپويلن“ سڏيو ھو ۽ سندس ڇاڙتن ساڳئي جاھ و جلال وارا ڪپڙا، نعرا ۽ ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا نيپولين جي وقت ۾ ھئي. مارڪس ان وقت لکيو ھو تہ ”تاريخ پاڻ کي دھرائيندي آھي، پھرين الميي ۽ پوئي مشڪري جي صورت ۾“. سسٽم جي اندروني ويڙھ ۾ جيڪي ڌُريون نوازبيون ڪو نہ آھن، اھي ايئن ڀڙڪون ھڻنديون آھن، ان کي نجات جو رستو سمجھڻ يا ان ۾ ڪا اميد لڳائڻ تہ ان سان ڪو عدم استحڪام پيدا ٿيندو اجائي اميد پسندي آھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ مسيحا جي تلاش بدران، سسٽم کي وائکو ڪرڻ سان گڏوگڏ، سسٽم جي پاڙ اکيڙڻ وارو عوامي ڪم جاري رکجي بجاءِ ان جي جو سسٽم کي استحڪام ڏيندڙ ڌُرين جو ساٿاري ٿي پاڻ تان جڳ کلائجي.

متو آھين مَڇ! ٿُلھو ٿو ٿُونا ھڻين !
جا تو ڏٺي اڇ، تنھن پاڻيءَ پُنا ڏينھڙا!

(ليکڪ جي فيسبڪ وال تان ورتل، سندن ٿورن سان. اداري جو ليکڪ جي موقف سان متفق هجڻ ضروري ناھي)

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close