استادن جي ڀرتي واري ٽيسٽ ۽ گرامر جو بنيادي فلسفو

ريحان ابڙو

انگريزي ، اردو يا سنڌيءَ سميت اڪثر منظم ۽ مرتب زبانن جي گرامر ۾ ”ڳالهائڻ جا لفظ“ يا انگريزيء ۾ Parts Of Speech جي فلاسافيءَ کي سمجهڻ انتهائي ضروري آھي.

اهم ڳالھ اها آھي تہ ان فلاسافيءَ کي سمجهڻ ايترو ڏکيو بہ نہ آھي. بس جيڪڏھن توهان نوجوان آھيو ته پنهنجي زندگيءَ جا ڪجهہ سال پوئتي نهاريو، مون وانگر جواني لنگهي چڪا آھيو تہ پنهنجي عمر جو اٽڪل مُنو حصو لتاڙي جهاتي پايو..

پنهنجي ابتدائي تعليم دوران توهان کي ان وقت جي ڏاهن استادن وصفون لکائڻ مهل شروعات هن فريز کان ئي ڪئي هوندي:
”اهڙا لفظ جيڪي جملي ۾……“
اڳيان ڪجهہ به هجي، پر جيڪڏھن اوھان کي ياد اچي چڪو آھي ته آئون پنهنجي ڳالھ جاري رکندس .

هي جيڪي ٻہ لفظ آهن: ”جملي ۾“ اهي ٻه لفظ سڄي فلاسافي بيان ڪري  ٿا ڇڏين، تہ لفظن جو ڪردار جملي کان سواء متعين ڪري ئي نٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته جملو ئي مڪمل مطلب رکندڙ ، ٻوليءَ جو بنيادي جز آھي. اسان سان الميو اهو آھي جو مثال طور لفظ تہ ياد رکون ٿا، پر سندن گرامري سڃاڻپ طور سندن ڪردار  کي نظر انداز ڪري ٿا ڇڏيون، جنهن جي ڪري آزمائشن وقت شديد مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ خبر ئي نٿي پوي ته اسان مار ڪٿي کاڌي.

آئون پنهنجي ڳالھ کي واضح ڪرڻ لاءِ  ڪجهہ مثال ڏيان ٿو.
1.هيء پين منهنجي آھي.
2.هيء منهنجي پين آھي.
مٿين جملن ۾ چار هوبهو ساڳيا لفظ استعمال ڪيا ويا آھن ۽ سواءِ زور ، (جيڪو پهرئين جملي ۾ لفظ ”منهنجي“ تي ڏنل آهي) جَي  مطلب جَي، جملن جو مقصد بہ ذري گهٽ ساڳيو آھي. پر ڇا زور جي مقصد لاءِ ترتيب جي تبديلي سندن ڪردار  ساڳيو رهڻ ڏنو آھي؟ سولن لفظن ۾ ؛ ڇا سندن ”پارٽس آف اسپيچ“ اڃا تائين ساڳيا آھن؟ جيڪڏھن توهان جو جواب ها ۾ آھي، تہ مون کي هي مضمون اڃا ڊگهو ڪرڻو پوندو.

هنن ٻنھي جملن ۾، سواءِ لفظ ”آھي“ ۽ ”پين“ جَي، باقي ٻنهي لفظن جو گرامري قسم (پارٽس آف اسپيچ) سندن ڪردار جي ڪري ساڳيو نٿو رهي.
پهرئين جملي ۾ ”هيء“ ڇا آھي؟ ڇا؟ ضمير اشارو؟ پر ضمير لاءِ تہ لازم آھي تہ اهو اسم کي تڙي پنهنجو ڪم ڪري ، جڏھن ته اتي ”هيء“ کان فورن پوء اسم ”پين“ موجود آھي. ته پوء؟ ان ”هيء“ جو اسٽيٽس ڇا هجڻ کپي؟
بلڪل! اسم جي سڃاڻپ ڪرائيندڙ يعني صفت، ان ۾ سندس قسم صفت ضميري. ٻئي جملي ۾ جيڪڏھن ”هيء“ لاءِ توهان جو جواب ساڳيو ”ضمير اشارو“ آھي ته توهان صحيح آھيو.

هاڻي اچون ٿا لفظ ”منهنجي“ تي.. پهرئين جملي ۾ اسم کان پوءِ  ضمير حاضر واحد جي پين تي مالڪي ڏيکارڻ لاءِ ڪم آيو آھي، تہ ضمير ئي ٿيو، پر ٻئي جملي ۾ مالڪي ڏيکارڻ سان گڏ اسم ”پين“ جي سڃاڻپ ڪرائيندَي سندس ڪردار ”صفت ضميري“ وارو يعني صفت ٿيو پوي.
هاڻي ڪجهہ ٻيا مثال ڏسنداسين، جيڪڏھن آئون پڇان تہ لفظَ ”ڪارو“ ۽ ”ڳاڙھو“ ڇا آھن؟ پڪ سان توهان چوندا ”صفت“.  هن دفعي غير يقينيءَ يا مونجهاري جي ڪا ضرورت ڪانهي.. توهان صحيح آھيو، پر؛ هيء لکڻي ڏسو؛
‘طويلي ۾ ڪارو گهوڙو ۽ ڳاڙهو گهوڙو ٻڌل هوندا، ”ڪارو“ ٿڪل آھي ، ان کي گاھُ پٺو ڏئي ڇڏ ، ”ڳاڙھو“ ڪاهي اچ ته گهمڻ هلون.’
هاڻي  سوال سمجهي ويا يا؟ هلو ڀلا ٻڌايو ته مٿئين ڊگهي جملي ۾ لفظ ”ڪارو“ ۽ لفظ ”ڳاڙھو“ ٻہ ٻہ دفعا استعمال ٿيل آھن، ڇا سندن گرامري قسم ساڳيو آھي؟
پڪ سان فرق سمجهڻ جي ڪوشش پيا ڪريو ، شاباس! بلڪل فرق آھي.
جيسيتائين رنگن جا اهي نالا اصل اسم جي سڃاڻپ طور استعمال ٿيل آھن، تيسين صفت آھن؛ پر جڏھن اصل اسم کي هٽائي اندر جڳھہ ورتائون، تہ هاڻي رنگن جا اهي نالا اسم ٿي ويا. (ڪارو ٿڪل آھي- ڳاڙهو ڪاهي اچ.)

پڙھي پڙھي ٿڪا ته هوندا پر مجبوري آھي، اڃا ڪجهہ رهي ٿو.  باقي هڪڙو مثال ڏئي ڳالھ کي نتيجي طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪندس. هي جملو غور سان پڙھو….
”تي“، ”۾“ ۽ ”ڀرسان“ حرف جر آھن.
هن جملي ۾ جيڪڏھن آئون پڇان  ته انورٽڊ ڪاما جي وچ ۾ لکيل ٽي لفظ ڇا آھن، تہ توهان چوندا ته سائين ريحان هاڻي تہ حد ڪري ڇڏيئي. پاڻ ئي ٻڌائين پيو حرف جر آھن، وري پاڻ ئي پڇين پيو.
واقعي مون کي چريو ٿي وڃڻ کپي، ڇاڪاڻ ته توهان ائين سوچيو پيا ته منهنجي هيڏي ساري مضمون لکڻ جي محنت اجائي وئي. بابا ان جملي ۾ اهي ٽي لفظ اسم آھن ۽ ”حرف جر“ هجڻ سندن خاصيت آھي.. يعني لفظ ”حرف جر“ ان جملي ۾ صفت آھي.

مڃان ٿو ٿورو ڏکيو آھي، پر دوستو علم نالو ئي آھي سوچ، لوچ، تياڳ ۽ رياض جو. نڪي رٽي ۽ لڪير جي فقيريءَ جو.

ادارن جي اندر فرشتا يقينن ڪونه آھن… انسان ئي آھن، ان ڪري غلطيون بہ ٿي سگهن ٿيون، پر باوقار ۽ رسمي طريقي سان سندن نشاندهي بجاءِ، هُل ڪرڻ سان نقصان اسان جو ئي  آھي.

هاڻوڪين ٽيسٽن جي ڀيٽ ۾ 2010ع ۽ 2014ع جون ٽيسٽون ياد ڪريو ۽ دل تي هٿ رکي ٻڌايو تہ ڪهڙين ٽيسٽن ۾ بدنظمي وڌيڪ هئي؟ بلڪہ ذڪر ڪيل مٿين ٻن ٽيسٽن ۾ تہ بدعنوانيءَ جو عنصر شامل هو. آءِ بي اي سکر جي تاريخ رهي آھي تہ سوال غلط ثابت ٿيڻ تي ان جو ازالو به ڪيو ويندو آھي. ان جو آئون خود ساکي آھيان، پر هر ڪم جو منظم طريقو هوندو آھي. ان ڪري هڪ ساک واري اداري کي جاهلاڻي انداز سان لوئڻ بدران موقعن مان سکڻ جي ڪوشش ڪريو. ٽيسٽ ڏکي هئي تہ سڀن کان پهرين انهن دوستن کي سلام جن ڪاميابي حاصل ڪئي، باقي فيل ٿيڻ سان نہ ڪنهن توهان کي جاهل چيو آھي، نہ تاحيات نا اهل ڪيو آھي، نہ ئي وري ٻيهر ٽيسٽ ڏيڻ تي ڪا پابندي هنئي آھي. هن موقعي مان سکي اڳيان ايندڙ موقعن لاء تياري ڪريو. مضمون دل سان لڳو هجي تہ دل سان دعا ڪجو، نہ تہ ڪافي ساريون بيهڪ جي نشانين جون چڪون هونديون مضمون ۾.. جنبي وڃو ڳولڻ ۾ ۽ ڪمنٽس ۾ ٻڌايو.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close