عالمي سطح تي گڏيل قومن جو ادارو مسلسل ٽن سالن کان مادري ٻولين جي موقعي تي ڏنل پنهنجن پيغامن ۾ ”گهڻ ٻوليائي نظام“ تي زور ڏئي رهيو آهي. سال 2022ع ۾ 21 فيبروري مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي ”گهڻ ٻوليائي سکيا جي نظام ۾ ٽيڪنالوجي جو استعمال“ وارو ٿيم يا پيغام ڏنو ويو، سال 2023ع ۾ ”گهڻ ٻولياتي تعليم: تعليم جي واڌاري جي گهُرج“ جو پيغام ڏنو ويو، جڏهن ته هن سال يعني 2024ع ۾ ”گهڻ ٻوليائي سکيا، نسل در نسل سکيا جو عمل“ وارو يا پيغام ڏنو ويو آهي.
مطلب ته عالمي سطح تي گهڻ ٻوليائي نظام جي اهميت کي تسليم ڪيو ويو آهي ۽ ان جي واڌاري لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن. گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته هن وقت دنيا ۾ چاليھ سيڪڙو ماڻهن کي سندن مادري ٻولين ۾ تعليم پرائڻ جي سهولت موجود ڪانهي. اڳ ٻوليءَ جي وصف رڳو اها هئي ته ”هڪٻئي سان ڳالهائڻ، هڪٻئي جي ڳالھ ۽ خيال سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي بنيادي عنصر کي ٻولي چئبو آهي.“ يا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي واري ٻوليءَ جي وصف ته ”اهڙي ڳالهائڻ کي (ٻولي چئبو آهي) جو ڳالهائيندڙ ڳالهائي ته سندس هم زبان ٻڌندڙ، ان جو مطلب پوريءَ طرح سمجهي سگهي.“ پر اڄ ٻولي رڳو ڳالهائڻ جو ذريعو ناهي رهي. ٻوليءَ جي وصف ڳالهائڻ کان وڌيڪ گھري ۽ گهڻ رخي آهي. ٻوليءَ وسيلي نه صرف خيالن جي ڏي وٺ ممڪن آهي، بلڪه ان سان محقق نسلن جي اوسر، ارتقا، تعلق ۽ لاڳاپن جو به پتو لڳائي سگهن ٿا. هر قوم جي ڪا نه ڪا مادري ٻولي هوندي آهي. ڪن قومن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻوليون به ڳالهايون وڃن ٿيون، پر هر هڪ ماڻهوءَ جي بنيادي ۽ مادري ٻولي ڪا هڪ ئي هوندي آهي.
نوم چومسڪيءَ جو چوڻ آهي ته انساني دماغ ۾ ٻوليءَ جو نظام جمع ڪرڻ لاءِ هڪ خودڪار نظام ڄائَي ڄم کان موجود هوندو آهي. ٻار ڄمڻ کان اڳ ئي مختلف آواز ٻڌي ٿو۽ پنهنجي ذهن ۾ انهن آوازن لاءِ جاءِ جوڙي ٿو. پئدا ٿيڻ کانپوءِ مختلف آواز ٻار جي ڪنن وسيلي دماغ ۾ داخل ٿين ٿا ۽ اتي محفوظ ٿيندا وڃن ٿا. ٻار جو ’ووڪل ڪارڊ‘ هوريان هوريان اهي آواز ڳالهائڻ لڳي ٿو ۽ هو ٻولي سکڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ’ووڪل ڪارڊ‘ ۾ هر طرح جو آواز محفوظ ڪرڻ ۽ اچارڻ جي لاءِ صلاحيت موجود هوندي آهي. پر جڏهن ٻار مخصوص آواز ٻڌي ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو ته هو تارون، ڄڀ، چپ، ڏند ۽ ڪاڪڙي سميت انهن عضون کي تحرڪ ۾ آڻي ٿو، جن سان هن جي ٻڌل ٻولي ۽ آواز اچارڻ ۾ مدد ملي ٿي. ٻوليءَ جي سکڻ جو اهو سمورو نظام فطري آهي. ٻار جيڪا ٻولي ٻڌندو سڀ کان اول اهائي ٻولي ڳالهائڻ سکندو. گونگو ان ڪري گونگو هوندو آهي جو هو پئدائشي ٻوڙو هوندو آهي. هن ڪڏهن ڪا ٻولي ٻڌي ئي ناهي هوندي، انڪري هو ٻولي ڳالهائڻ ناهي سکي سگهندو. جيڪو ٻوڙو نه هوندو اهو گونگو نه ٿو ٿي سگهي.
هر ٻولي جي ڳالهائڻ وارا ’ووڪل ڪارڊ‘ جي مخصوص عضون کي مخصوص قوت سان حرڪت ڏين ٿا ۽ پئدا ٿيل آواز کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ انهن جي ’Wave length‘ معلوم ڪرڻ سان ڳالهائيندڙ جي نسل جو پتو معلوم ڪري سگهجي ٿو. يعني هن جديد دور ۾ ٻولي صرف ڪنهن به علم جي سکڻ، سيکارڻ، ڳالهائڻ ۽ پنهنجن خيالن کي ٻين تائين پهچائڻ جو ئي عنصر ناهي بلڪه هيءُ هڪ اهڙو عنصر آهي، جيڪو صدين کان فرد سان گڏ نسل در نسل منتقل ٿيندو رهي ٿو. ٻولي جيئن ته نسلن کان منتقل ٿيڻ وارو واحد عنصر آهي، انڪري ڪنهن قوم جو مزاج پڻ ٻوليءَ وسيلي معلوم ڪري سگهجي ٿو. ۽ هر قوم توڙي ٻوليءَ جي پنهنجي اهميت آهي.
گڏيل قومن جي پڌراءَ ۾ اهو چٽيءَ طرح لکيل آهي ته هر ٻار کي شروعاتي يعني پرائمري تعليم سندس مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي. ڇاڪاڻ ته ٻار جو ڪچڙو ذهن پنهنجي مادري ٻوليءَ جي آڌار سوچ ۽ سمجهہ جو ننڍڙو گهرڙو جوڙي ٿو. اسان جيڪڏهن ساڻس ان ٻوليءَ ۾ ڳالهائينداسين ته هن جي ذهن ۾ سمجهہ سان گڏ هڪ دلچسپيءَ جو عنصر پڻ پئدا ٿيندو. پر جيڪڏهن اسان ساڻس ڪنهن ڌاري ٻوليءَ ۾ ڳالهائينداسین يا کيس ڌاري ٻولي سيکارينداسين ته ٻارڙي جو ڪچڙو ذهن شايد ان نئين ٻولي ۽ ان نئين ٻوليءَ جي نظام کي ايڏو جلد قبول نه ڪري ۽ ذهن تي هڪ ٻوجهہ محسوس ڪري. ٻي پاسي ٻار مادري ٻولي سکڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ناهي ڪندو. سندس ذهن پاڻ هرتو ماءُ جا چيل لفظ سکندو ويندو آهي، هو پهريان انهن لفظن جو مفهوم سمجهندو آهي ۽ پوءِ اهي لفظ اچارڻ شروع ڪندو آهي. تان جو هوريان هوريان جيئن هو وک وک ڪري هلڻ سکندو آهي بلڪل اهڙي ريت هو لفظ لفظ ڪري ڳالهائڻ پڻ سکي وٺندو آهي. هاڻي جڏهن هو هڪ ٻولي سکي وٺي ٿو ته ان ٻوليءَ جي آڌار ٻي ٻولي سکڻ ۾ کيس گهڻي ڏکيائي ته ڪانه ٿيندي پر ٻي ٻوليءَ ۾ ڪابه علمي ڳالھ سکڻ ۾ کيس ضرور بار محسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ ته ان ۾ کيس ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي. پهرين هو ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ چيل ڪابه ڳالھ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪندو، ان کانپوءِ اها ڳالھ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن کيس سنئون سڌو سندس ٻوليءَ ۾ ڪابه ڳالھ سمجهائبي ته هو آسانيءَ سان اها ڳالھ سمجهي وٺندو. جڏهن اهو ساڳيو ٻار ٿورو وڏو ٿيندو ۽ شعوري سطح تي ٻي ڪابه ٻولي سکندو ته کيس سکيا ۾ آساني پئدا ٿيندي ۽ هو ڪابه ٻولي ۽ ڪنهن به ٻوليءَ ۾ آساني سان ڪا به وڏي علمي ڳالھ سکي وٺندو ۽ هو ذهين پڻ ٿيندو. پر اهو شرط آهي ته کيس پرائمري تعليم سندس مادري ٻوليءَ ۾ ڏني وڃي. کيس مختلف علم پڻ سندس ٻوليءَ ۾ ئي سيکاريا وڃن. ٻي پاسي اسان جا گهڻا دوست رڳو ان ڳالھ تي فخر ڪن ٿا ته سندن ٻارن کي انگريزي ٻولي اچي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگريزي عالمي ٻولي آهي ۽ هن وقت جھڙوڪر ”لئنگئيج ڊائسپورا“ آهي؛ پر ٻولي بذات خود ڪو وڏو علم ناهي نه ئي وري انگريزي ٻوليءَ جي اچڻ سان ٻار ڪو ذهين ٿي ويندو. مصنوعي طريقي سان ٻار کي انگريزي يا ٻي ڪابه ٻولي سکڻ ۽ سيکارڻ سان ٻار کي ٻولي ۽ ان جو مخصوص لب و لهجو ته اچي ويندو پر ڪابه ڌاري ٻولي ذهانت جي ضمانت نٿي ٿي سگهي.
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ
اهڙو توکي ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي!
(شيخ اياز)