ڪرشن چندر جي ناول ’ھڪ گڏھ جي آتم ڪھاڻي‘ تي تبصرو

دسرت راج

ٻن نشستن ۾ هي ناول بہ پڙهي ڇڏيو. ٺيڪ ڪالھ ٻپهريءَ جو جنهن وقت ناول کڻي پڙهڻ ويٺس تہ گڏھ هينگڻ شروع ٿيو ۽ هاڻي جڏھن ناول اختتام پذیر ٿيو آهي تہ گڏھ جي هينگ وري به شروع! ڄڻ ناول جي ڪردار وارو گڏھ، ناول کان ٻاهر نڪري سچ پچ اڳيان اچي بيٺو آهي ۽ هينگي چئي رهيو آهي ته اشرف المخلوقات ڪيڏي ڪيني، ساڙ، مصنوعيت، فريب، دوکي، انفراديت، ڪوڙ، ٺڳي، حسد، اقرباپروري، پئسي ۽ مايا جي پوڄاري، رنگ نسل جي متڀيد ۽ مذهبن، فرقن ۽ ڌرمن جي ويڇن ۾ جڪڙجي، سرحدن ۽ دنگن جي حفاظت جي نالي خطرناڪ هٿيارن ۽ انهن هٿيارن سان ٿيندڙ معصوم انسان جي قتل و غارتگري ۾ حيوانيت کان بہ بدترين ٿي چُڪي آهي!

هر طرف بارود جي بوءِ آهي، ڪروڙين انسانن جي قتل کان پوءِ بہ امن طرف جُهڪاءُ ڪونهي. آسائش ۽ جديديت جي نانءُ ۾ فطرت جا بِکيا اُڍيڙي ڇڏيا آهن. هر جاندار سان گڏ خود انسان بہ خطري ۾ آهي.! گڏهھ منت سماجت ڪري ٿو ته صحيح معنٰي ۾ انسان ٿيو.

هن ناول جو مُک ڪردار گڏھ آهي، ٻارنهن ٻنڪي جي ڌنو ڪنڀار جو گڏھ! پڙهيل لکيل گڏھ، جيڪو نيلام ٿي ڪرشن نگر ۾ رامو ڌوٻي جي ڪِلي سان ٿو اچي ٻَڌجي ۽ جڏهن رامو جمنا ندي ۾ ڪنهن واڳون جي هٿان ختم ٿي وڃي ٿو تہ گڏھ رامو جي بيواه ۽ ٻارن جي گذر سفر لاءِ ڊوڙي ٿو. جيڪو هن سماج ۾ گُهمي ٿو ۽ هن سماج جو لڪيل ۽ ڇُپيل پاسو فاش ڪري ٿو. گڏھ ميونسپل ڪاميٽي کان وٺي ملڪي ليول جي آفيسن تائين ٿيندڙ گورک ڌنڌي بابت ڄاڻ ڏي ٿو تہ حڪومت جي ڪارندا، ڪم کي ڪيئن هڪ ڊپارٽمينٽ کان ٻي ڊپارٽمينٽ ڏي اُڇليندا رهن ٿا ۽ معمولي ڪم جو اُڪلاءُ بہ سالن تائين التويٰ ۾ رکيو وڃي ٿو.. ۽ هي سٽون لکندي مون کي نسيم کرل جي ڪهاڻي، ’چوٽيهون در‘ ياد پئي اچي، جنهن ۾ هڪ لاوارث لاش پوليس جي حدن وچ ۾ اٽڪيو پيو آهي.

رامو ڌوٻي جو گڏھ ڏيکاري ٿو تہ هن سرمائيدار دنيا ۾ عام ماڻهو جي حيثيت ڇا آهي؟ زر جي اهميت ڇا آهي؟ مال ملڪيت حاصل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهو ڪيئن پنهنجو ڪلاس يا طبقو مٽائي ٿو ڇڏي؟ سرمائيدار دنيا ۾ غريب صرف ڄمي ٿو، سور ۽ ڏک برداشت ڪندي جيئي ٿو ۽ مري وڃي ٿو، ان جي زندگيءَ هڪ فلمي سين وانگر اک ڇنڀ ۾ ختم ٿيو وڃي ۽ هو خود ئي ان جو تماشبين آهي. ان جي زندگيءَ ۾ حسناڪي، فطرتي لقاءُ، دنيا گهمڻ، عياشين، نائيٽ ڪلبن، برانڊيڊ شرابن ،چانڊوڪي رات ۾ دريا يا ڍنڍ ۾ ڪنهن حسين نازنين سان سير سپاٽو، سٺين گاڏين جو هجڻ، بنگلن ۽ فليٽن جو هجڻ سڀ ڪوهين ڏور ڳالهيون آهن.

۽ هڪ عام ماڻهو، جنهن کي ڪير ليکيندو به ڪونهي، ساڳي ماڻهو جڏهن ڪنهن پد يا عهدي تي پهچي ٿو ته نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان ان جا مائٽ، عزيز ۽ ڀائرن جھڙا دوست ظاهر ٿي پوندا آهن ۽ ان جي ڪاميابي کي پاڻ سان منسلڪ ڪندي خوش ٿيندا آهن. ناول جي هڪ ڪردار سيٺ من سک لال واتان چوي ٿو ته ”جتي به ڪنهن ماڻهوءَ ٿوري به ترقي ڪئي، پوءِ ڀلي اهو گڏھ ڇو نه هجي، ڀلي اڳ ۾ ته ڪير سڃاڻيندو به نه هجي…. پر جتي به هن ٿوري به ترقي ڪئي ته هڪدم ان جا ماءُ پيءُ، دوست يار، همدرد، مٽ مائٽ، سڀ پيدا ٿي پوندا آهن ۽ ڀانت ڀانت جا حسب نسب ڪڍي ويهندا ۽ پنهنجو ناتو ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن۔“

هن سماج ۾، اڄ به لکين ڪروڙين انسانن جون زندگيون گڏهن کان به بدتر آهن.

مون کي هڪ چوڻي ٿي ياد اچي ته ”شڪست لاوارث ٿيندي آهي.“

اڪثر آفيسن ۾ گڏھ ويٺا آهن. هو جيترا گڏھ هوندا آهن اوترا ئي ڪامياب رهندا آهن ۽ وڏن عهدن تي رسندا آهن.

ملڪي ۽ عالمي ليول جا حسن مقابلا، جن ۾ محلن ۽ بنگلن ۾ پليل حسين جسمن کي ئي موقعو ملي ٿو، جن ۾ اگهاڙي بدن جي ماپ، ڳچيءَ جي ماپ، چيلھ جي ماپ ۽ اک، ڪن، ڇاتي ۽ نڪ جي تور ماپ ٿئي ٿي، تن ۾ ڪڏهن به ٻنين ۾ ڪم ڪندي تتيءِ ۾ سڙندڙ حسن لاءِ جڳھ ڪونهي، جو ان وٽ انهن اسٽيجن تي پهچڻ لاءِ پئسو ۽ پهچ ڪونهي. سرنهن جي کيٽن ۾ پيلن گُلن سان هلندڙ ان ڪڻڪ رنگي مُک ۽ ان مٿان گهاٽن ۽ دل ۾ تيز ڌار خنجر وانگي لهي ويندڙ نيڻن کي اها اسپيس نه ملي سگهندي. ڇو ته هن سرمائيدار دنيا ۾ زر ۽ زيور ئي اهم آهن ۽ سچ، ڪوڙ اڳيان هلڻ نٿو ڏنو وڃي. ايوب کوسي ڪٿي لکيو هو ته ”ليڊي ڊيانا کي اڇن پوٺن تي هاريل چانڊوڪي جھڙو حسن هو، جيڪو ميڊيا جي عالمي سرخين تائين پهتو، پر ٿر جي ان کيتو ڪولهڻ جي حسن کي به ته اوڀر جي شام ۾ انڊلٺي پوراليءَ سونهن هئي، جنهن ۾ هزارين حسناڪيون هيون، جنهن کي نانگ ڪکيو ۽ هن آخري تاري جيان اکيون ٻُوٽي ڇڏيون“

رامي ڌوٻي وارو گڏھ، ادبي سنگت جي آفيس ٿو پهچي ۽ عيان ڪري ٿو ته ڪيئي سالن کان ڪي پنج ست اديب ادبي ڪرسين تي چنبڙيا پيا آهن، جن سالن ۾ به ڪو تحقيقي ڪم يا ڪتاب ڪونهي ڇاپيو، ڇو ته سڀ گڏھ آهن، يا گڏھ جا ناٺي آهن ۽ يا انهن مٿان وڏن گڏهن جي آشيرواد رهي آهي.! پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ته سندس ڌيان ئي نٿو ڇڪجي، انگريزي ۾ ٻه لفظ چئو ته اوهان ڏي ڊوڙندا ۽ واڇون ٽيڙيو بيٺا هوندا، اها اسان تي ڪالونيل سسٽم جي ڇاپ اڃا تائين گهري آهي.!

انساني سماج جي تهذيب ۽ تمدن تي طنز ڪندي دهلي جي جاگرافي ٻڌائي ٿو ته ”دهلي جي اُتر ۾ پناهگير، ڏکڻ ۾ پناهگير، اوڀر ۾ پناهگير، اولهه ۾ پناهگير، وچ ۾ هندستان جي گادي جو هنڌ آهي ۽ ان ۾ هنڌ هنڌ تي سئنيمائن کان سواءِ نامردي جي دوائن ۽ طاقت جي گورين جا اشتهار لڳل آهن، جن مان هتان جي تمدن ۽ سڀيتا جي وڏائي جو اندازو ٿئي ٿو۔“

ناول مان ڪجهہ بي مثل گفتا گڏھ جا:

● ”خيرات بند ٿيڻ گهرجي. هر هندستاني کي اهو حق هئڻ کپي ته هو جڏهن مري ته ان کان پوءِ رياست ان جي زال ۽ ٻارن جي گذاري جو بندوبست ڪري. ان کي آزادي جي بنيادي حقن ۾ ڳڻڻ کپي۔“

● ”هر گڏھ کي گاھ چرڻ جي آزاديءَ هئڻ گهرجي. هر گڏھ کي کپي ته پاڻ به جيئي ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏي. گهٽ ۾ گهٽ اسين گڏھ ته ان اصول تي عمل ڪندا آهيون. آئون انسانن جي ڳالھ نٿو ڪريان۔“

● ”اسان گڏهن ۾ ڪنهن به قسم جو نسلي مت ڀيد ڪونهي. گڏھ ڪارن وارن وارو هجي يا ڀورن وارن وارو، ان جو مٿو اڇو هجي يا ڪارو، کل پٽاپٽي هجيس يا لسي. اسان جي لاءِ ڪو به فرق ڪونهي. اسان جي سماج ۾ سڀ گڏھ برابر آهن۔“

● ”آخر ائين انسان اسان گڏهن وانگر گڏ ڇو نٿو چَرِي سگهي. اوهين انسان مختلف رنگن ۽ نسلن وارا گڏجي سڏجي هڪ نئون ڪارخانو يا هڪ نئين دنيا اڏي ڇو نٿا سگهو!؟“

● ”انسان ڪيڏو نه عجيب آهي، کيس فقط پنهنجي خوشي جي موسيقي ٻڌڻ ۾ ايندي آهي ۽ ٻين جي خوشي بيسري لڳندي آهي۔“

● ”هي دهلي آهي. دهلي، جيڪا سوين ڀيرا وسي ۽ اُجڙي آهي. هتي وڏا وڏا بادشاھ آيا ۽ وڏي ٺٺ ٺانگر سان حڪومت ڪري هليا ويا. هتي وڏا وڏا گڏھ آيا، جيڪي پنهنجون پنهنجون ٻوليون ڳالهائي هليا ويا.“

● ”پر اوهان انهن لکين ماڻهن کي ڪو به خراج تحسين ناهي پيش ڪيو، جيڪي انسان ٿي ڪري گڏهن جھڙيون ڳالهيون ڪن ٿا.“

● ”اي انسان! اي منهنجا مهربانو! اڄ توهان جي ڪري هر جاندار شيءَ کي خطرو آهي، جبلن ۾ شينهن کان وٺي ڍنڍن ۾ ڪنول جي گلن تائين هر جاندار شيءَ کي خطرو آهي۔“

هي ناول، گڏھ جي آتم ڪهاڻي، ڪرشن چندر لکيو آهي. يوسف سنڌي ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آهي. نئون نياپو اڪيڊمي مارچ 2017 ۾ پهريون ڇاپو ڇاپيو آهي.

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close