وهيل مڇيءَ بابت مڪمل ڄاڻ (حصو ٻيو)

الطاف شيخ

◾ مڇيءَ ۽ وهيل ۾ فرق:

▪️مڇي ڪلين (Gills) ذريعي ساھ کڻي ٿي. هر انسان، جانور، پکي پکڻ کي آڪسيجن جي ضرورت آهي، جيڪا رت سان ملي ان کي صاف ٿي رکي ۽ اسان جيئرا رهون ٿا. وهيل مڇيءَ کي منهن جي مٿين حصي ۾ نڪ آهي، جيڪو Blow Hole ٿو سڏجي. ڪن وهيلن کي هڪ ناڪوٽي (ناس) ٿئي، ڪن کي ٻه. وهيل مڇي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ سمنڊ جي سطح تي اچي اسان وانگر ساھ کڻي هوا کي اندر ڦڦڙن ڏي موڪلي ٿي، جتي ان هوا مان آڪسيجن رت کي ملي ٿي. مڇيون ڪلين ذريعي سمنڊ جي پاڻيءَ مان آڪسيجن حاصل ڪن ٿيون. مڇيون سمنڊ جو پاڻي وات ذريعي جسم ۾ داخل ڪري ڪلين مان ڪڍن ٿيون جتي پاڻيءَ ۾ مليل آڪسيجن چوسي وڃي ٿي.

▪️ هر مڇي توڙي وهيل جو پُڇ سهي جي ٻن ڪنن وانگر ٿئي ٿو جيڪي Flukes سڏجن ٿا. اهي مڇيءَ کي اڳيان هلڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اڳيان وڌڻ لاءِ هر مڇي انهن کي کاٻي ساڄي موڙيندي رهي ٿي پر وهيل مڇي ساڄي کاٻي موڙڻ بدران هيٺ مٿي ڪري ٿي.

▪️هر مڇيءَ جي ٻاهرين کل تي ڇلر ٿين ٿا، پر وهيل مڇيءَ جي جسم تي جانورن جي کل وانگر وار ٿين ٿا. اها ٻي ڳالھ آهي ته عمر سان گڏ ۽ سمنڊ ۾ گهڻو ترڻ ڪري اُهي وار ڇڻيو وڃن.

▪️مڇيون آنا ڏين ٿيون. اسان مان گهڻن اها آني ضرور کاڌي هوندي. وقت پوري ٿيڻ تي هر مڇي اهي آنا سمنڊ ۾ لاهي ٿي، جن جي ڦاٽڻ تي ان مان ٻچا نڪرن ٿا. جيڪي پوءِ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي حساب سان ان ئي وقت ماءُ کان جُدا ٿي ٽڙيو پکڙيو وڃن ۽ انهن هزارين ڦُٽل مڇين مان ڪي ته انهي وقت ئي وڏين مڇين جي پيٽ ۾ هليون وڃن ڪي ڪجهہ ڏينهن اندر ۽ فقط هڪ حصو جواني ماڻي.

▪️وهيل مڇيون خشڪي جي جانورن وانگر ٻار ڄڻين. گهڻو ڪري هڪ وقت تي هڪ ڦر. ڄمڻ بعد ان کي آزاد ڇڏي ڏيڻ بدران هن کي سال کن پاڻ سان گڏ رکي ٿڃ پيارين، حفاظت ڪن، جيئڻ ۽ شڪار ڪرڻ جون اٽڪلون سيکارين.

▪️جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته مڇيون ٿڌي رت واريون ٿين ٿيون ۽ هو ڪوشش ڪري سڄي عمر ساڳي گرمائش واري سمنڊ ۾ زندگي گذارين ٿيون پر وهيل مڇيون گرم رت واريون هجڻ ڪري ٿڌي توڙي گرم پاڻي ۾ رهي سگهن ٿيون. هو ساھ کڻڻ جي سهوليت ڪري سطح سمنڊ جي ويجهو رهن ٿيون ۽ شڪار کي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻه ميل اونهون غوطو هڻي سمنڊ جي تري کان به وڃيو نڪرن.

▪️هر مڇي سمنڊ اندر ئي رهي ساھ کڻي ٿي پر وهيل کي ساھ کڻڻ لاءِ سمنڊ کان ٻاهر نڪرڻو پوي ٿو ـــ گهٽ ۾ گهٽ مٿي واري حصي کي ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو، جيئن نڪ سمنڊ جي پاڻيءَ کان ٻاهر رهي ۽ هوا ڇڪي سگهي.

◾وهيلن بابت حيرتناڪ حدون:

شروع ۾ لکي آيو آهيان ته وهيلن جون ڪيتريون ئي جنسون آهن، جيئن کڻي چئجي ته اسان وٽ ٻڪرين جون جنسون انهن جي شڪلين، سونهن، قد بت جي حساب سان آهن: ڪاموري، بَري، جابلو، ٽيڊي، پٺ وغيره.

▪️سڀ کان وڏيون وهيلون نيريون (Blue) وهيلون آهن. اهي دنيا ۾ رهندڙ هر جانور کان وڏيون آهن ـــ ڪنهن زماني ۾ رهندڙ آفت جيڏن ڊائنا سورسن کان به وڏيون آهن. هنن جي وات ۾ ڏندن بدران ڦڻيءَ جهڙي سنهي جهالر (Baleen) ٿئي ٿي. ان ڪري هي بئلين وهيلن جو قسم آهن. هيءَ وهيل 110 فٽن تائين ڊگهي ٿئي ٿي. ان کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي فِن (Fin) وهيل ٿئي ٿي. ڏندن وارين وهيل مڇين ۾ اسپرم (Sperm) وهيل وڏي ٿئي ٿي ـــ اٽڪل 50 فٽ جنهن جو وزن 43 ٽن ٿئي ٿو.

▪️سڀ کان گهڻو گوڙ ڪرڻ واري پڻ ”بلو وهيل“ آهي. آواز جي ليول ڊيسيبل ۾ ماپي وڃي ٿي. انسان جي رڙين جي ليول 70 ڊيسيبل (Decibles) ٿئي ٿي. 120 کان مٿي واري ليول جو گوڙ انسان جي ڪنن لاءِ سخت تڪليف وارو ٿئي ٿو. جيٽ هوائي جھاز جو آواز 140 ڊيسيبل آهي. بلو وهيل جو آواز ان کان به وڏو 188 ڊيسيبل آهي. بلو وهيل جيڪا پنهنجي ڦر کي سڏڻ لاءِ سيٽيءَ جي صورت ۾ آواز ڏئي ٿي، اهو سوين ميلن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

▪️پائلٽ وهيل ۽ ڪِلر وهيل (جيڪي Orcas سڏجن ٿيون) رفتار ۾ سڀ کان تکيون آهن. شڪار کي جھلڻ لاءِ هو 50 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هن جي پويان لُوهَہ پائي سگهن ٿيون.

▪️سڀ کان گهڻي خطرناڪ ڪِلر وهيل (اورڪا) آهي. هر روز هن کي سوين ڪلوگرام مڇين، اسڪڊن، سامونڊي پکين (Sea Gills وغيره) ۽ سامونڊي جانورن (لڌڙن، آبي ڳؤئن ۽ ننڍين وهيلن) جي ضرورت پوي ٿي. هو پنهنجي شڪار کي چٻاڙي نہ ٿيون سگهن، ان ڪري هو هر شيءِ کي ڳڙڪائينديون (ڳھنديون) وڃن ٿيون. ڪلر وهيلون وڏيون قابل شڪاري آهن. هو اڪيلي سر يا ٽولي ۾ مختلف نموني سان مڇين جي جُهڳٽن کي وڪوڙي هضم ڪريو وڃن.

▪️اسپرم وهيلون سڀ کان اونهو غوطو هڻي سگهن ٿيون هنن جو گهڻو گذارو آڪٽوپس ۽ گانگٽ جهڙين مڇين (Squids) تي ٿئي ٿو، جيڪي سمنڊ جي تري ۾ رهن ٿيون. انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسپرم وهيل 3000 ميٽر (يعني 3 ڪلوميٽرن) تائين به ٽٻي هڻي سگهي ٿي ۽ هيءَ ٽٻي 40 منٽن تائين بنا ساھ کڻڻ جي هڻي سگهي ٿي. ان بعد هن کي وري سمنڊ جي سطح تي اچي ڏهن منٽن لاءِ آرام ڪرڻو پوي ٿو.

▪️نر وهيلون راڳ ڳائڻ کان مشهور آهن. سندن اهي راڳ عجيب کُهري قسم جي آواز ۾ ٿين ٿا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نر وهيلون اهي راڳ ميلاپ جي موسم ۾ مادين کي پاڻ وڻائڻ ۽ قرب حاصل ڪرڻ لاءِ آلاپين ٿا.

▪️سڀ کان گهڻو مغز اٽڪل 9 ڪلو اسپرم مڇيءَ کي ٿئي ٿو.

▪️وهيل مڇيون ڍُڪيون ٿيڻ لاءِ ٿڌن پاڻين ڏي وڃن ٿيون ۽ ڦر ڏيڻ لاءِ گرم پاڻيءَ ڏي ـــ يعني خط استوا ڏي موٽن ٿيون. سڀ کان وڏو سفر ڀوري (Gray) وهيل ڪري ٿي. هوءَ هر سال ”آرڪٽڪ سمنڊ“ (الاسڪا جي اتر) کان ميڪسيڪو تائين اچي وڃي ٿي يعني 20 هزار ڪلوميٽر تري ٿي.

▪️سڀ کان گهڻو وزن بلو وهيل جو ٿئي ٿو. هوءَ ڊيگهہ ۾ به وڏي بوئنگ 737 جيڏي ٿئي ٿي ۽ وزن ۾ 150 ٽنن کان مٿي ٿئي ٿي. مون جھڙي هڪ ماڻهوءَ جي تَور جَي 80 ڪلو ٻَڌجي، ته بلو وهيل جو 2000 ماڻهن جيترو وزن ٿيو.

▪️وهيل جيڪو ڦر ڏئي ٿي اهو ڪيڏو وڏو ٿئي ٿو؟
بلو وهيل ڏهن کان ٻارهن مهينن تائين پيٽ سان رهي ٿي ان بعد جيڪو ڦر ڄمي ٿو ان جي ڊيگهہ 8 ميٽر ٿئي ٿي يعني 24 فٽ کن. هڪ ماڻهوءَ جي 6 فٽ ڊيگهہ سمجھي وڃي ته بلو وهيل جو تازو ڄاول ٻار به چئن ماڻهن جيڏو ڊگهو ٿئي ٿو. هيءَ بيبي وهيل روزانو ماءُ جو 225 ليٽر کير پيئي ٿو، جنهن ۾ تمام گهڻي چرٻي ٿئي ٿي. هر ڪلاڪ بعد هن بيبيءَ جي چار ڪلو تور وڌي ٿي يعني سڄي ڏينهن ۾ نوي ڪلو (هڪ ٿلهي ماڻهوءَ جيترو) وزن وڌي ٿو. اهو سلسلو 8 مهينن تائين هلي ٿو جيستائين اها بيبي 15 ميٽر (45 فٽ کن) ڊگهي ۽ 23 کن ٽن جي ٿئي. يعني 23000 ڪلو گرام! وهيل جو ڦر ۽ ماءُ سال کن يا ڪجهہ وڌيڪ گڏ رهن ان بعد پنهنجو پنهنجو رستو اختيار ڪن.

▪️اسپرم وهيل جو سڀ کان وڏو مٿو ٿئي ٿو، جيڪو سندس جسم جي ڊيگهہ جي ٽئين حصي برابر ٿئي. هن ۾ موجود مغز بابت لکي آيو آهيان ته ان جي تور 9 ڪلو ٿئي ٿي. مٿي ۾ هڪ خال (Cavity) به اٿس، جيڪو ايڏو وڏو آهي جو ان ۾ ڪار پارڪ ٿي سگهي. هن خال ۾ هئڊي رنگ جي ميڻ جهڙي شيءِ ٿئي ٿي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻي زماني جا شڪاري جدوجهد ۾ هوندا هئا.

▪️وهيل مڇيءَ جي چڱي خاصي عمر ٿئي ٿي ۽ ڪيتريون ته 200 سال به جيئريون رهن ٿيون.

▪️اسان کي پنهنجن وڏي لوهي جهازن تان پري کان وهيل مڇيءَ کي ساھ کڻندو بلڪ پاڻيءَ جي ڦوهاري وانگر ساھ خارج ڪندو ڏسي مزو اچي ٿو. ڪنهن به وهيل جو آفت جيڏن لوهي جھازن کي ٿونو هڻڻ معنيٰ پنهنجو مٿو ڀت سان هڻڻ آهي. باقي ڪاٺ جي ٻيڙي ۾ سوارن جو وهيل مڇيءَ کي پاڻ ڏي ايندو ڏسي ساھ سڪيو وڃي، جو ڪهڙي خبر ته هن جو موڊ بگڙجي وڃي ۽ پنهنجو گس ڇڏي ٻيڙيءَ کي اچي ٽڪر هڻي ۽ ٻيڙي ۽ ان ۾ سوار ويهارو کن ماڻهن کي اونڌو ڪري ڇڏي. هونءَ وهيل انسان جي ڪا دشمن ناهي. اها هپو (دريائي گھوڙي) جي طبيعت جي آهي. اها شارڪ مڇي آهي جيڪا خونخوار جانورن وانگر انسان ۽ هر شيءِ تي حملو ڪري ٿي. اها شڪار ڪري کائي ٿي. وهيل پنهنجي دنيا ۾ مست رهي ٿي پر هن کي جڏهن احساس ٿئي ٿو (ڪوڙو يا سچو) ته ڪو هن کي مارڻ جي ڪري رهيو آهي يا هن جي کير پياڪ ڦر کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ته پوءِ اها ڇتي ٿي سڄي ٻيڙيءَ کي ٽڪر هڻي ٿي ۽ ان مان ڪريل ماڻهوءَ کي ڳھيو به وڃي. پر جي اها ڏندن واري جنس جي وهيل آهي ته اها چڪي به رکي ٿي. ان ويڙهاند ۾ وهيل جي ڪيترن شڪاري مهاڻن جا هٿ پير يا ٽنگون ٻانهون ڪپجيو وڃن.

نوٽ : الطاف شيخ جو هي مضمون سندن ڪتاب ”گهاتو گهر نه آئيا“ مان ورتل آهي، جيڪو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت جي ٿورن سان هتي شايع ڪيو  ويو.

_________

وهيل مڇيءَ بابت مڪمل ڄاڻ (حصو پھريون)

 

Related Articles

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button
Close
Close